پير جو ڳوٺ لڳ ھادل شاھ ۾ اغوا بعد زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيل 8 سالا نينگري مونيڪا ڌيءَ غلام شبير لاڙڪ جي قتل جو ڪيس پوري سنڌ کي ڌوڏي ڇڏيو
پيرجو ڳوٺ ٿاڻي تي 3 اڻ سڃاتل جوابدارن تي داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس شڪ جي بنياد تي 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن مان پوليس 3 ڄڻن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڊي آئي جي سکر فدا حسين مستوئي ۽ ايس ايس پي خيرپور امير مسعود مگسي مقتول نينگري جي وارثن وٽ تڏي تي پھتا ان موقعي تي ايس ايس پي خيرپور
امير سعود مڱسي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار ڪيڏا به بااثر ڇونه ھجن انهن کي بخش ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو اسان کي ھن ڏکوئيندڙ واقعي تي دلي صدمو رسيو آهي شڪ جي بنياد تي 8 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن جا ڊي اين اي ٽيسٽ جا جزا ورتا ويا آهن جيڪي ٻن ڏينهن اندر اچي ويندا ھوڏانھن مقتول نينگري مونيڪا لاڙڪ جي درد ناڪ واقعي تي علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانيل آهي جڏهن ته مقتول نينگري جي تڏي تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڳوٺ لونگ لاڙڪ پھچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو.
Support The Rise News click here to donate