ڪريما بلوچ نہ رھي- ڪڏھن ڪڏھن صرف ڪجھ لفظ ئي اندر کي ڌوڏي ڇڏيندا آھن ائين جيئن ڪريما بلوچ جي خبر صرف ھڪ خبر ناھي پر ھڪ درد جنھن جو روح شاھدي ڏيندڙ آ تہ ھُن پنھنجي زندگي جدوجھد جي راھ تي لڳائي ڇڏي تہ جيئن پنھنجن ماڻھن جي درد لاءِ ڪا دواء آڻي ۽ انھن جي زخمن تي رھم رکي سگھي جيڪي رياست طرفان مليا آھن.
پر ائين نہ ٿيو ھن ڀيري وري ڊسمبر اسان جي جھول ۾ ڪريما بلوچ جو لاش ڏنو. مان مسلسل اِھو ئي سوچي رھي آھيان تہ آخر ھي ڊسمبر بلوچن ۽ سنڌين لاءِ ڳرو ڇو ٿو ثابت ٿئي جيڪو ڪنھن نہ ڪنھن روپ ۾ اچي غم ڏئي وڃي ٿو – ھيلينا جا ٻول تہ:
اڃا ڪيترا گھاوَ
جھلڻا آھن
اڃا ڪيترا درد جا ڪينئرا ڪلھي تي کڻي ھلنداسين
ھي درد جيڪو خاموش رھڻ نہ ٿو ڏي
ھا! پر ڌرتي جو درد
ھر درد کان ڳرو آھي.
۽ پھاڙن جي ديس جي ناريءَ ڪريما بلوچ پنھنجي ڪلھي تي ڌرتي جي درد جي ڪينئري جي چونڊ ڪري ٿي جنھن ۾ بلوچستان جي پھاڙن جي اداس خاموشي – بلوچ عوام جي اکين ۾ خاموش دانھن ۽ بلوچ ماءُ جو درد شامل ھو. ھوءَ ڄاڻي پئي تہ پنھنجن جو انتظار ۽ انھن جي ملندڙ لاشن جو درد ڇا آھي ڇو جو ان ئي برباد ٿيل گھر سان ھِن جو بہ رشتو ھو.
بلوچستان جو درد يا کڻي چئجي تہ پاڪستان ۾ سنڌ، بلوچستان، ۽ ڪي پي جي ماڻھن جي انصاف لاءِ آواز ڪو نئون ناھي ۽ نہ ئي بندشون يا الزام ڪي نوان آھن. انھن بندشن کان ھوءَ بہ واقف ھئي تہ ھي سفر ايترو آسان ناھي پوءِ بہ ھوءَ وِک وڌائي ٿي ۽ رياست جي روڊن تي احتجاج ڪندي نظر اچي ٿي.
ھُن جي گھُر ڇا ھئي؟ ايترو ئي گمشدہ ماڻھن کي آزاد ڪريو ۽ بلوچ عوام کي حق ڏيو. ھاڻي جيڪڏھن ڪير بلوچ، سنڌي، سرائيڪي ۽ پشتون عوام جي ناانصافين تي بھانا ڳولھي ٿو تہ پاڻ کي بيوقوف ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجھ ناھي خاص طورتي بلوچستان تي ڳالھائجي تہ ان سان ٿيندڙ ناانصافين تي پارليامينٽ ۾ ويٺل اختر مينگل بہ ڪندو رھيو آھي – بس ڪريما، ايترو ڪيو جو ھن پنھنجي موقف مٿان پارليامينٽ جو چوغو نہ پارايو. ڪريما جو آواز يقينن انھن کي پسند نہ ايندو ھوندو جن کي جي حضوري ٻڌڻ جي عادت آھي پر اُھي ڪيئن وساري ويٺا تہ ڪريما جنھن ڌرتي تي جنم ورتي اتي ھُن اک کولڻ سان انصافيون ڏٺيون ۽ تاريخ جا ورق شاھدي ڏيندڙ ھئا تہ ھتي وعدہ بہ ٽوڙيا ويندا آھن.
شيخ اياز چواڻي
ڪيڏي لنبي چيخ
ھي صدين جو سلسلو
ھيءَ تنھنجي تاريخ!
ھوءَ ڪينيڊا اِن اُميد سان وئي تہ شايد تحفظ ملي سگھي پر تعجب آ تہ ٻاھرين ملڪن ۾ طالبان ۽ قانون ٽوڙيندڙ آرام سان زندگي گذارن ٿا ۽ جيڪي عوام جي لاءِ آواز اُٿارين ٿا انھن جا لاش ملن ٿا ھاڻي سچ جي ڳالھ ڪندڙ ڪٿي بہ محفوظ ناھي.
ھر ان آواز کي جيڪو سچ ڳالھائي ۽ انصاف جي گھُر ڪري ان کي خوفزدہ ڪيو پيو وڃي تہ ڪير بہ آواز نہ اُٿاري جي ڪنھن ڳالھايو تہ موت جو حڪم نامو يا ايترو تڪليفون ڏئي انھن جي سگھ کي ٽوڙيو وڃي – جيڪڏھن ائين ٿيندو رھيو اھڙي ٻوساٽيل ماحول ۾ ذھنن کي غلام بڻايو ويندو جيڪي طوطي وانگر ناحق کي حق چوندا رھندا ۽ جمھوريت جو راڳ آلاپيندڙ صرف ھڪ مذاق کانسواءِ ٻيو ڪجھ بہ نہ رھندو.
خير! ڪريما ڪيس کان پوءِ ڪيترن ئي جمھوري چھرن جي اصل پت واکي ٿي وئي آھي انھن اندر عوام جو ڪيترو درد آھي ان جو اندازو ڪنھن حدتائين ٿي ويو. عوام جيڪو اڳ ئي ناانصافين جا طوق کڻي ھلي پيو ان کي کوکلن لفظن جي ضرورت ناھي پر گھٽ ۾ گھٽ انسانيت طورتي ئي کڻي ڪريما لاءِ ٻہ لفظ ڳالھائين ھا پر ائين محسوس ٿئي پيو شايد ھن ملڪ جي جمھوريت جي رکوالن جي ھٿن مان واريءَ جيان انسانيت کسڪندي پئي وڃي جنھن جمھوريت ۾ انسانيت جي لاءِ جرئت نہ ھجي ان کي جمھوريت ڪيئن چئجي!
مون کي ھينئر ڪريما سان 2014 جي ملاقات ياد پئي اچي جڏھن مان مسنگ پرسنز جي رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب ٻاھران لڳل ڪيمپ تي ويس اتي ڪريما سان ملاقات ٿي ھوءَ انتھائي مھربان ۽ مسئلن کي سمجھندڙ ھئي ھِن اُن وقت جي جمھوري حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو تہ، اسان (بلوچن) کي خبر آھي ھي اسان جا ماڻھو واپس نہ ڪندا پر اسان ان جي باوجود بہ جمھوري طريقي سان اِنھن کان گھُر ڪيون پيا.
پر اڄ ڪريما بلوچ کي ڪيئن ٻڌائجي تہ انھن کان ايترو بہ نہ ٿيو جو تنھنجي وڇوڙي تي ٻہ اکر ئي کڻي ڳالھائين ھا.
ڊسمبر جي مھيني وري ھڪ نہ ڀرندڙ گھاءُ ڏنو آھي تاريخ جي ورقن تي خون سان لکيل تاريخ مٽندي ناھي ۽ جڏھن بہ خون سان تاريخ جا ورق لکيا ويا انھن جي تاريخ ھر قوم کي ڌوڏيو آھي ۽ ڪريما بلوچ جي شھادت بلوچستان جي تاريخ ۾ ھڪ باب جو اضافو آھي جيڪي ڪڏھن بہ نہ مٽجي سگھندا.
ڪريما جا لفظ ياد پيا اچن جيڪي ھن پنھنجي چھري تي ھلڪي مسڪراھٽ آڻيندي چيا تہ بلوچستان جي حقن لاءِ مرد ئي نہ پر عورتون بہ اڳيان اچن پيون. ۽ ڪريما تون ثابت ڪيو تہ تون پنھنجي ماڻھن جي درد جي دوا ڳولھڻ خاطر پنھنجي زندگي ڏئي ڇڏي. ڏس! اڄ ھر اک آلي آ تنھنجي وڇوڙي تي … پر تون (ڪريما بلوچ) مرڻي ناھي.
The views are personal
Support The Rise News Click here to donate
- بحريا ٽائون سنڌ جي زمين کان وٺي تاريخي ورثي کي قتل ڪندڙ - 11.25.2023
- شهيد افضل لنڊ! ايندس مان واپس ايندس ضرور - 09.12.2023
- زين شاهه: گهر گهر ۾ گوليون فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳولهيون - 09.07.2023
- فاطمه: تنهنجو قاتل ڪير؟ - 08.24.2023
- ديا ڀيل ڪيس: ها هوءَ سنڌي هندو هئي - 03.29.2023
- ٻڏيلن جو ڪو به سهارو ناهي - 09.05.2022
- ڇا حق گهرڻ بي غيرتي ۽ بي شرمي آهي؟ - 06.16.2022
- ڪريما بلوچ: تون مرڻي ناھي - 12.23.2020
- ڇا سنڌ ۽ بلوچستان وفاق جون ڪالونيز آھن؟ - 10.15.2020
- !دنيا جنت ٿيڻي ناهي - 03.28.2020