ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس سبب 14 وڌيڪ مريض فوت ٿي ويا ۽ 720 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته 449 ماڻهو صحتياب پڻ ٿيا آهن.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا جا 11146 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 720 نوان ڪيس ظاهر ٿيا. هيستائين سنڌ ۾ ڪورونا جا 1760918 ٽيسٽ ٿي چڪا آهن ۽ 152072 ڪيس رپورٽ ٿيا. هن ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 449 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ اهڙي ريت صحتياب ٿيندڙن جو انگ 141446 تائين پهچي ويو آهي.
هن ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 14 وڌيڪ وائرس سبب فوت ٿي ويا آهن ۽ اهڙي ريت فوتگين جو ٽوٽل انگ 2704 ٿي ويو آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته هن وقت 7922 مريضن جو علاج هلي رهيو آهي جن ۾ 7562 گهرن ۾، 5 آئسوليشن سينٽرن ۽ 355 مريض جو مختلف اسپتالن ۾ علاج ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته 329 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي جن مان 35 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.
مراد علي شاهه چيو ته سڄي صوبي ۾ 720 نون ڪيسن مان 522 ڪيس ڪراچي مان آهن جن ۾ ضلع اوڀر 242 ۽ ضلع ڏکڻ 155، ضلع ڪورنگي 54، ضلع مرڪز 51، ضلع ملير 32 ۽ ضلع اولهه 18 نوان ڪيس ظاهر ڪيا ويا آهن. اهڙي ريت حيدرآباد 49، ٽنڊو محمد خان 19، سانگهڙ 10، مٽياري 9، سکر 6، دادو، جيڪب آباد ۽ ڄامشورو 5-5، بدين، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد 4-4، خيرپور، نوشهرو فيروز ۽ شڪارپور 2-2 جڏهن ته گهوٽڪي، ميرپور خاص، سجاول ۽ عمرڪوٽ 1 -1 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. (PR)