ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اصولي طور تي تازو برسات سٽيل اعلانيل آفت زده قرار ڏنل 20 ضلعن جي متاثرن لاءِ معاوضو ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي پر معاوضي جي رقم جو فيصلو ڪابينه ڪندي. هن اهو فيصلو صوبي ۾ تازو تيز برساتن سبب فوتگين/ نقصان جي جائزي لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.
اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، وڏي وزير جو خاص مددگار حارث گزدر، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو قاضي شاهد پرويز ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري ناڻو شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي سينئر ميمبر بورڊ آف ريوينيو قاضي شاهد پرويز چيو ته حڪومت پهرين کان ئي 20 ضلعن کي آفت زده قرار ڏئي چڪي آهي جن ۾ ڪراچي ڊويزن ۾ ضلع ڏکڻ، ضلع اولهه، ضلع اوڀر، ضلع سينٽرل، ضلع ڪورنگي ۽ ضلع ملير شامل آهن جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ حيدرآباد، بدين، ٺٽو، سجاول، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالهيار، مٽياري ۽ دادو شامل آهن. ميرپورخاص ڊويزن ۾ ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعا شامل آهن. شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ شهيد بينظيرآباد ۽ سانگهڙ ضلعا شامل آهن.
مجموعي طور تي 1752 ڳوٺ، 2297108 آبادي، 1499411 ايڪڙ بيٺل فصل، 291981 ڪچن گهرن ۽ 1292643 پڪن گهرن کي نقصان ٿيو. سنڌ جي وڏي وزير کي 2020 واري چوماسي برسات سبب انساني زيان/نقصانن تي ضلعي سطح تي پريزنٽيشن ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته چوماسي برساتن سبب 149 ماڻهو فوت ٿيا، 103 زخمي ۽ 19858 چوپايو هلاڪ ٿيو جنهن ۾ ڳئون، مينهنون، گهوڙا، ٻڪريون، رڍون ۽ گڏهه شامل هئا. سنڌ جي وڏي وزير 8 ارب رپين جي نقصان تي ڪم ڪيو ۽ چيو ته سندس حڪومت سڄي سنڌ ۾ غريب متاثر ماڻهن کي انهن جي بحالي لاءِ معاوضو ڏيندي. انهن مختلف نقصانن لاءِ مختلف نقطن تي بحث ڪيو ۽ اصولي طور رقم ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي پر معاملو حتمي منظوري لاءِ ڪابينا آڏو رکيو ويندو.
شفافيت کي يقيني بڻائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي اها رقم اي ٽي ايم ڪارڊ ذريعي ڏني ويندي جنهن ۾ فوتين، زمين، تباهه ٿيل گهرن ۽ مرندڙ چوپايو مال وغيره اچي ٿو وڃي. هن چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه کي هدايت ڪئي ته سنڌ بينڪ سان ڳالهايو وڃي ۽ جلد کان جلد ڪارڊ جاري ڪرڻ جي لاءِ تفصيلي حڪمت عملي تي ڪم ڪيو وڃي. فائدو کڻندڙ ماڻهن وٽ شناختي ڪارڊ هجڻ لازمي آهي ۽ معاوضي جي ادائيگي کان پهرين ڪارڊ نادرا وٽان تصديق ڪيا ويندا. ان دوران هن سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي گهرن، مال، فوتين ۽ زخمين جي فهرست کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ان جي تصديق ڪئي وڃي. مراد علي شاهه چيو ته جڏهن متاثر ماڻهن کي نقد رقم منتقل ٿي ويندي ته انهن کي پنهنجي موبائل فون تي ايس ايم ايس ذريعي اطلاع ملندي. (PR)
Support The Rise News click here to donate