تاريخ جي ورقن ۽ موجودہ حالتن جي ورقن ۾ ڪيترو فرق آھي؟ ڪجھ بہ تہ ناھي صرف ڪردارن جي ڦيرڦار آ ۽ ناحق چوٽ چڙھيل آھي. ھا! ايترو ضرور ٿيو آ جو ڪجھ ڪمزور سوچ رکندڙ لفظن کي ٽوڙي مروڙي پنھنجي مرضي جي ڳالھ مڙھڻ چاھين ٿا.
ھاڻي ڪير انھن کي سمجھائي تہ ڪوڙ جي غار ۾ دھل وڄائڻ سان سچ جو آواز ختم نہ ٿيندو پر اوندھ ۾ رھندڙ سچ کي ڏسڻ تہ پري جي ڳالھ رھي اھي ھڪ ٻئي کي بہ سڃاڻي نہ ٿا سگھن. ڪوڙ ۽ ٺڳي جي پٺ تي جنھن بہ پنھنجو بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪئي ان جي حصي ۾ ناڪامي ئي آئي. اڄڪلھ وري ساڳئي ٺڳجڻ جي موسم شروع ٿي وئي آھي ھونءَ تہ سنڌ ۽ بلوچستان ھر دور ۾ ٺڳجندا رھيا آھن پر ھن ڀيري پوري تياري سان اعلان ٿيڻ وڃي پيو جنھن ۾ ٻڌايو ويندو تہ سنڌ ۽ بلوچستان ھِن رياست ۾ ڪيتري حيثيت رکن ٿا؟
مان توھان کي ٻڌائيندي ھلان تہ تاريخ جي سيني تي ڪجھ تاريخي لفظ اڪريل آھن جيڪي موجودہ حالتن کي سمجھڻ ۾ اسان سڀني کي گھڻي مدد ڏيندا. ھي لفظ ھڪ عام سنڌي 1831 ۾ چيا تہ
(Alas! Sindh is now gone, since the English have seen the river, the road to its conquest.)
(افسوس! سنڌ ھاڻي ھٿن مان نڪري وئي ڇو جو انگريزن سنڌوندي جو رستو ڏسي ورتو آھي ۽ ھي رستو ئي انھن جي فتح جو باعث بڻبو.) ھي لفظ ان وقت جي ھڪ عام سنڌي جا ھئا ۽ ان وقت جي حڪمرانن جي ناسمجھي کي واکو ڪندڙ پڻ آھن. شايد ڪنھن ان وقت بہ اھو چيو ھجي تہ ھي انگريز صرف رنجيت سنگھ ڏانھن وڃڻ لاءِ دڳ گھري رھيا آھن ڪا وڏي ڳالھ ڪانھي – پر ھڪ آواز جنھن جا لفظ اڄ بہ سنڌ ۾ پڙاڏو جيان گنجن پيا ھو اڄ بہ سنڌو جي ڪناري بيھي پنھنجن لفظن سان نغارو وڄائي رھيو آھي پر ڇا موجودہ حڪمران ان ڏاھي جا لفظ ٻڌي سگھندا تہ ھي ٻيٽن تي نوان شھر نہ پيا اڏن درحقيقت ھي نوان شھر توھان کي اقليت ۾ تبديل ڪندا ايترو ئي نہ پر ھي نون شھرن جو راڳ اصل ۾ نئين ڪالوني جو راڳ آھي.
اسان اھو ان ڪري چئون پيا ڇو جو سنڌ جي سيني تي ھر غلامي جو گھاوَ جا رستا انھي بندرگاھ ڏانھن وڃن ٿا جتان محمد بن قاسم کان وٺي انگريزن تائين سڀني سنڌ تي حملا ڪري غلام بڻايو. جنھن بہ سنڌوءَ جي راھ ڏٺي تنھن سنڌ مٿان گھيرو گھاءُ ھنيو. ھڪ ڀيرو وري ساڳئي ريت ھلي پئي آھي.
انھن جو چوڻ آ تہ ھو توھان کي ترقي ڏيندا پر غير قانوني حڪمہ نامي جي ذريعي توھان جي سينڌ سنواريندا. توھان جا حق رک ۾ تبديل ڪري ان ئي رک سان سينڌ کي ڀريندا جنھن ۾ صرف ماتم ئي ماتم ھوندو ٻيو ڪجھ بہ نہ.
سڄاڻي لاءِ اشارو ئي ڪافي آھي تہ اسلام آباد جي من جي مام سمجھي سگھجي ٿي گھٽ ۾ گھٽ ھتي رھندڙ قومن کي لڳندڙ ڌڪن کانپوءِ ايتري سمجھ اچي وئي آ جو اسلام آباد ۾ ويٺلن جي من کي سمجھي سگھن! ايترو ئي نہ اھا بہ خبر آ تہ ڪھڙن لفظن سان ڳالھائڻ سان ڪھڙيون فتوائون جاري ٿينديون. جڏھن ڏاڍ جو گھڙو ڀرجي ويندو تہ اھو ڇلڪندو ضرور آھي. ھونءَ بہ ھن رياست ۾ ھڪ مولوي کان وٺي رياست جي غلط پاليسين تي طوطي جيان ميان مٺو چوڻ وارن مولوين جي ڪا گھٽتائي ناھي.
واپس اچون ٿا پنھنجي ڳالھ تي تہ وفاق جي من ۾ ٻيٽن جي حوالي سان اصل پلان ڪھڙو آھي؟ جنھن ترقي جي ڳالھ وفاق ڪري پيو ڇا ھو اھو ئي چاھين ٿا يا وري اصل حقيقت اڃان وڌيڪ ڪِڙي آھي؟
ھتي سوال ھڪ صوبي جي ساحلي پٽي جو ناھي پر ان ۾ بلوچستان کي بہ شامل ڪيو ويو آھي جنھن مان صاف ظاھر آ تہ ترقي جي دھل وڄائڻ پٺيان اصل ساز ٻيو آھي جيڪو ھتان جي ڌرتي ڌڻين کان انھن جي زمين کسندو.
جنھن ڏينھن برصغير جو بٽواري ٿيڻ وڃي رھيو ھو ان وقت ئي سنڌ جي بندرگاھ تي نظر ھئي ان لاءِ ئي ڪراچي کي زبردستي وفاق جو گادي جو شھر بڻايو ويو ان وقت بہ وفاق معاھدو صوبائي حڪومت سان ھڪ ڪيو ۽ ان تان ڦري ويو مطلب ويساھ گھاتي جي روايت پراڻي آھي جنھن کي ھن موجودہ حڪومت بہ وڏي فرمانبرداري سان نڀايو جو ڪارو قانون خاموشي ۾ آڻيو ويو ۽ وري چون ٿا تہ صوبي کي ترقي ڏيندا.
سنڌ جي سيني تي ھر غلامي جو گھاوَ جا رستا انھي بندرگاھ ڏانھن وڃن ٿا جتان محمد بن قاسم کان وٺي انگريزن تائين سڀني سنڌ تي حملا ڪري غلام بڻايو. جنھن بہ سنڌوءَ جي راھ ڏٺي تنھن سنڌ مٿان گھيرو گھاءُ ھنيو.
ڪنھن بہ حڪمران جي پاليسي خاص طورتي چالاڪي واري قدم کي پرکڻ لاءِ لفظن جي جوڙجڪ سمجھڻ ضروري آھي. توھان کي ھتي ھڪ جملو مثال طور پيش ڪيان ٿي تہ چوندا آھن تہ ڪراچي پاڪستان جي دل آھي پر اُنھن جا پڙھيل لکيل جيڪي پاڻ کي عوام جو درد رکندڙ پيش ڪن پيا انھن کان ايتري ناھي ٿيندو جو ھو ڪراچي کي سنڌ جو دل سڏن. ان مان ظاھر آ تہ اھي ڪراچي کي ڪھڙي پاسي وٺي وڃڻ چاھن ٿا. ڪراچي جي ڳوٺن کي تباھ ڪن پيا ھتان جي اصل آبادي کي ختم ڪرڻ ۽ ھاڻي وري غير آئيني آرڊيننس ذريعي بلوچستان ۽ سنڌ جي ساحلي پٽي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا.
جڏھن تہ سنڌ جي ٻن جاڙن ٻيٽن تي ڪم شروع ڪيو ويو آھي ھاڻي صرف ان تي قانون ٺپو ھڻڻو آھي. سنڌ جا حڪمران عذر پيش ڪن پيا تہ انھن کي ايتري خبر نہ ھئي ڇا پاڪستان جي سياست جا ڪردار سنڌين ۽ بلوچن کي ايترو سادو سمجھن ٿا تہ اھي انھن جي کِل جوڳي عذر تي يقين ڪري ويندا.
کڻي جھٽ گھڙي لاءِ فرض ڪريو تہ انھن کي ڪا خبر نہ ھئي جيڪڏھن انھن کي ڪا خبر نہ ھئي تہ پوءِ ھن وقت تائين سمجھوتا جھولي تي ڇو جھولي رھيا آھن؟ انھن وٽ آئيني اختيار موجود آ جنھن ذريعي عمران خان جي حڪومت جي ڪاري قانون کي ختم ڪري سگھجي ٿو. پر سنڌ حڪومت ائين نہ ڪندي جنھن قانوني پاور کي استعمال ڪرڻ گھرجي ان کي پاسيرو رکي پاڻ کي بيان بازي تائين محدود رکن پيا. جيڪڏھن ائين ناھي تہ پوءِ پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي ۾ بل کڻي اچي ۽ عمران خان جي ڪاري قانون کي ختم ڪري. جيڪڏھن سنڌ حڪومت اھو نہ ٿي ڪري تہ پوءِ پيپلز پارٽي کي ياد رکڻ گھرجي تہ تاريخ جي ورقن ۽ سنڌين جي دلين تان انھن جو اھو قدم ڪڏھن بہ معاف نہ ٿيندو.
سنڌ جو عوام ھينئر بہ اُميد رکي ٿو تہ پيپلز پارٽي عوام سان گڏ بيھندي جيڪڏھن انھن ڪمپرومائيز ڪيو تہ پوءِ عوامي سياست ۾ ڪڏھن ڪڏھن ڪي ڪمپرومائيز بھتر نتيجو ناھن ڏيندا ۽ ھن وقت سنڌ جي ھر سياسي پارٽي لاءِ فيصلا ڪن گھڙي آھي ڇو جو تاريخ سان گڏ عوام بہ ڏسي رھيو آھي ۽ جي عوام ناراضگي ڏيکاري تہ پوءِ تاريخ جي ڪٽھڙي ۾ ڪنھن جي لاءِ بہ معافي ناھي ان ڪري ٿورو سمجھو پاڻ کي تاريخ جي ڪھڙي باب ۾ رکڻ چاھيو ٿا ان جو فيصلو توھان کي پاڻ ڪرڻو آ سنڌ حڪومت وٽ آئيني اختيار آھي جي ان کي استعمال ڪري تہ شايد اسلام آباد جي اسٽيبلشمينٽ جي ناراضگي کڻي سگھي ٿي پر جي سنڌ جو عوام ناراض ٿيو تہ ان جي بار کڻڻ آسان نہ ھوندو.
وفاق جو ڪارو قانون ٻيٽن کي حاصل ڪرڻ جو قانون ئي ناھي پر ان سان سنڌ ۽ بلوچستان کي پنھنجي مالڪي تان ھٿ کڻڻا پوندا شايد ڪنھن کي ھي لفظ جذباتي لڳن پر سياست کي جيڪي سمجھن ٿا انھن کي خبر آ تہ ساحلي پٽي جي اھميت ڪيتري آھي. بلوچستان ۽ سنڌ جي بندرگاھن ۽ ٻيٽن جي علائقن کي اسلام آباد سان جوڙي سگھجي ٿو اھو نہ وسارجو تہ اسلام آباد جي اسٽيبلشمينٽ ۾ اڪثريت رکندڙ پنجاب صوبي کي گھڻو فائدو رسندو.
تصوير اڳتي ھلي واضح ٿي ويندي تہ چائنا ڪيئن نہ سي پيڪ ذريعي بلوچستان ۽ سنڌ جي بندرگاھن تي پنھنجا پير ڄمائيندو. ٻيٽن جي معاملي تي پاڪستان جي اڪثريت خاموش آھي – کڻي چئون تہ پنجاب ۽ اسلام آباد وارا خاموش آھن. خير! انھن ڪڏھن بہ ٻين قومن جي وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙن جي خلاف ناھي ڳالھايو.
اھو سمجھڻ شايد مشڪل ناھي پر تڏھن بہ ڪجھ شيون منجھيل آھن تہ آخر ھي ڪھڙي جمھوريت چاھين ٿا جن ۾ ٻين قومن جو استحصال ٿيندو رھي ڇو جو انھن جا مفاد محفوظ آھن. اھا جمھوريت نہ پر ڏاڍ جو ھڪ ٻيو روپ آھي.
سنڌ حڪومت وٽ آئيني اختيار آھي جي ان کي استعمال ڪري تہ شايد اسلام آباد جي اسٽيبلشمينٽ جي ناراضگي کڻي سگھي ٿي پر جي سنڌ جو عوام ناراض ٿيو تہ ان جي بار کڻڻ آسان نہ ھوندو
سنڌ ۽ بلوچستان جي حيثيت وفاق وٽ ڪيتري آھي ان جي پت پوري طرح سان ھِن نئين پاڪستان ۾ واکي ٿي وئي ايترو ئي نہ پر پاڪستان جي آئيني دستور کي پاسيرو ڪري صوبن جي وسيلن تي جنھن انداز سان ڌاڙو ھنيو پيو وڃي اھڙي قسم جو ڪم صرف انھن رياستن مٿان ڪيو ويندو آھي جيڪي ڪالوني ھجن.
ڇا وفاق وٽ سنڌ ۽ بلوچستان ڪالونيز جي حيثيت رکن ٿا جيڪڏھن ائين ناھي تہ ڪاري قانون کي واپس ڇو نہ ٿو ڪيو وڃي؟ وفاق صوبن جي وسيلن تي قبضو بہ ڪري ۽ دانھن بہ نہ ٻڌي تہ پوءِ ان کي ڪالوني نہ چئون ٿا ڇا چئون؟
The views are personal
Support The Rise News click here to donate
- بحريا ٽائون سنڌ جي زمين کان وٺي تاريخي ورثي کي قتل ڪندڙ - 11.25.2023
- شهيد افضل لنڊ! ايندس مان واپس ايندس ضرور - 09.12.2023
- زين شاهه: گهر گهر ۾ گوليون فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳولهيون - 09.07.2023
- فاطمه: تنهنجو قاتل ڪير؟ - 08.24.2023
- ديا ڀيل ڪيس: ها هوءَ سنڌي هندو هئي - 03.29.2023
- ٻڏيلن جو ڪو به سهارو ناهي - 09.05.2022
- ڇا حق گهرڻ بي غيرتي ۽ بي شرمي آهي؟ - 06.16.2022
- ڪريما بلوچ: تون مرڻي ناھي - 12.23.2020
- ڇا سنڌ ۽ بلوچستان وفاق جون ڪالونيز آھن؟ - 10.15.2020
- !دنيا جنت ٿيڻي ناهي - 03.28.2020