سنڌ جي سڄاڻ ڌرين وفاقي حڪومت طرفان ٻيٽن تي شهر اڏڻ جي سخت مخالف ڪري ڇڏي. ان حوالي پاڪستان فشرفوڪ فورم ۽ پائلر پاران ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس ڪئي وئي جنهن ۾ شرڪت ڪندڙ محمد علي شاھ، چيئرمين، پاڪستان فشرفوڪ فورم، ڪرامت علي، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پاڪستان انسٽي ٽيوٽ آف ليبر ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ (پائلر)، حبيب الدين جنيدي، پيپلز ليبر بيورو، فرحت پروين ۽ اسد اقبال، ايڇ آر سي پي جن ڏنگي ۽ ڀنڊار جاڙن ٻيٽن تي ممڪنه شهر اڏڻ تي تنقيد ڪئي.
انهن جو چوڻ هو ته عمران خان جي وفاقي حڪومت، ترقي جي جادوگرن سان گڏجي سنڌ جي ساڳين سامونڊي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار تي جديد شهرجي تعمير جو فيصلو ڪيو آهي. پر اڃا تائين اهو واضح نه ڪيو ويو آهي ته انهن ٻيٽن تي جديد شهر تعمير ڪرڻ لاءِ ڪهڙي ڪمپني سان معاهدو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ملڪي صدر جناب ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت هيٺ ملڪ رياض سميت ملڪ جي وڏن بلڊرن جو هڪ اجلاس به منعقد ٿي چڪو آهي.
اها حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ طاقتورقوتون ۽ حڪمران سدائين اهڙن نام نهاد ۽ عوام دشمن منصوبن جي پويان هوندا آهن، جيڪي لکين غريب ماڻهن جي قيمت تي فائدو حاصل ڪندا آهن. اوهان چڱي ريت ڄاڻيندا هوندا ته سنڌ جي سمونڊ ۾ 300 کان مٿي وڏا ننڍا ٻيٽ موجود آهن. اهي ٻيٽ ماضي ۾ سمنڊ جو حصو نه هئا پر ڊيلٽا جو حصو رهيا هئا ۽ آهن. انهن ٻيٽن کي سنڌو پنهنجي وهڪرن سان گڏ آڻيندڙ مٽي (سلٽ) سان تخليق ڪيو آهي.
هنن وڌيڪ چيو ته ڊيلٽا کي گھربل پاڻي ڏيڻ بدران انڊس ڊيلٽا ۾ موجود ٻيٽن کي ترقي جي نالي ۾ وڪرو ڪري اُنهن تي جديد شهر اڌڻ جا منصوبا جوڙيا پيا وڃن. ان شروعات 2000 ۾ جنرل پرويز مشرف هڪ لساني تنظيم سان گڏجي سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ صدين کان وجود رکندڙ ڪورنگي ۽ ڦٽي ڪريڪ جي ڪپ تي قائم ٻن جاڙن ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار تي ٿائيلينڊ حڪومت ذريعي ٽيڪنيڪل سٽي جي نالي سان هڪ جديد شهر تعمير ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو هو، جيڪو ڪن سببن جي ڪري رولڙي جو شڪار ٿي ويو.
پڙهو: وفاق جو سنڌ جي ٻيٽن تي حق ناهي
ان کانپوءِ جنرل پرويز مشرف جي ئي دور ۾ ٻيهر 2006 ۾ دُبئي جي عمار ڪمپني کي انهن ٻيٽن جي 12000 ايڪڙ زمين وڪرو ڪئي وئي، جنهن تي عمار ڪمپني ڊائمنڊ بار آئلينڊ سٽي تعمير ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو. مهاڻن جي تنظيمن ۽ سنڌ جي ماڻهن جي شديد احتجاج ۽ مزاحمت جي ڪري عمار ڪمپني ان منصوبي مان هٿ ڪڍي وئي.
2013ع ۾ وري پيپلز پارٽي جي دور ۾ ملڪ رياض کي سيف سٽي نالي منصوبو جوڙڻ جي اجازت ڏني وئي، جنهن کي سپريم ڪورٽ روڪي ڇڏيو.
ستم ظريفي ته ڏسوته وفاقي سرڪار ماضي وانگر هن دفعي پڻ سنڌ سرڪار سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح ڪرڻ ۽ اُنهن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي شهر اڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پريس ڪانفرنس ۾ موجود ڌرين وفاقي حڪومت جي قدم کي غير آئيني ۽ قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. هنن جو موقف هو ته اها حقيقت آهي ته آئيني ۽ قانوني طور سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ۽ انھن تي ماھيگيرن جا تاريخي (ڪسٽمري) حق آھن. جڏھن ته سنڌ حڪومت انهن جي سنڀاليندڙ (ڪسٽوڊين) آهي.
ان کانسواءِ ڏنگي ۽ ڀُنڊار ٻيٽن سميت ڪيترا ئي ٻيٽ هزارين هيڪٽر تمر جي ٻيلن جي پناھ ۾ وجود رکن ٿا. اهي تمر جا ٻيلا مڇي ۽ جھينگن جون نرسريون آهن. جڏهن ته ٻيٽن جي آس پاس سموريون وڏيون ننڊيون کاڙيون (ڪريڪس) ڪراچي ۽ ٺٽو جي هزارين ماهيگيرن جون مڇي مارڻ جون جڳهون آهن. ماهيگيرن جو گذر به اُتان ٿئي ٿو حڪومت انهن جو روزگار کي ختم ڪرڻ وڃي پئي.
اسين اوهان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا هلون ته اُن وقت اهو به چيو ويو هو ته اهي ٻئي ٻيٽ ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ڪافي نه آهن، ان ڪري هاڪس بي جي سامونڊي پٽي جي 60000 ايڪڙ زمين تي واٽر فرنٽ شگرلينڊ سٽي جي نالي سان جديد شهر تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. ڪراچي جي سٽي ضلعي حڪومت جي سرڪاري ويب سائيٽ مطابق ، ڪراچي جي ان وقت جي سٽي ناظم سيد مصطفيٰ ڪمال صحافين کي ٻڌايو ته هاڪس بي تي ”ڪراچي واٽر فرنٽ شوگرلينڊ“ جي نئين شهر جي تعمير جي ماسٽر پلان کي آخري شڪل ڏني وئي آهي ۽ اهو منصوبو 68 ارب ڊالر جي لاڳت سان سان تعمير ٿيندو.
پريس ڪانفرنس ۾ حڪمران جماعت طرفان نئين ايڪٽ جوڙڻ تي به سخت تنقيد ٿي ته وفاقي حڪومت ملڪ ۾ هڪ نئين اٿارٽي، پاڪستان آئي لينڊس ڊيولپمنٽ اٿارٽي (پي آئي ڊي اي) جي نالي سان جوڙڻ فيصلو ڪيو آهي. جنهن جو مطلب آهي ته پاڪستان جي 1050 ڪلوميٽرن جي سامونڊي حد ۾ جيترا به ٻيٽ آهن، اُنهن کي ترقي جي نالي ۾ قبضو ڪيو ويندو. اها اٿارٽي منسٽري آف ميري ٽائم افئيرس جي هيٺ ڪم ڪندي. اٿارٽي جو مقصد هوندو ته ٻيٽن جي ترقي ڪجي ۽ اُتي روڊ رستا ۽ پليون ٺاهي ۽ انهن جزيرن تي هائي رائز بلڊنگون تعمير ڪري انساني آبادين کي رهائجي. اٿارٽي ٺاهڻ جو بل تيار ٿي چڪو آهي، جيڪو تڪڙو منظوري لاءِ اسمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. پر اصل ۾ وفاق جي هن سموري عمل پويان سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي والار ڪرڻي آهي. جنهن جي شروعات ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻن جاڙن ٻيٽن تي اڳم ئي ٿي چڪي آهي.
اصل ۾ پاڪستان جي آئين جي مطابق سامونڊي پاڻي ۾ ڪناري کان زيرو ناٽيڪل ميل کان 12 ناٽيڪل ميل صوبن جي سامونڊي پاڻي جي حد آهي. ان ڪري سمورا سامونڊي ٻيٽ صوبن جي پاڻي جي حد ۾ اچن ٿا، تنهڪري اهڙا سڀ ٻيٽ صرف سنڌ ۽ بلوچستان صوبن جون ملڪيتون آهن.
ڪراچي جي سامونڊي پٽي تي نئين شهر جي تعمير جي هن فيصلي سان سامونڊي ماحوليات وڏي پيماني تي تباھ ٿي ويندي. هن شيطاني منصوبي جي ڪري مقامي ماهيگير برادري جي زندگين ۽ معيشت تي انتهائي منفي اثر ٿيندا.
اها حقيقت آهي ته ڪراچي جي ٻيٽن جي ملڪيت جو تڪرار سنڌ حڪومت، سنڌ روينيو ڊپارٽمنٽ ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي جي وچ ۾ پهرين ڏينهن کان هلندڙ هو ته ٻي پاسي ماهيگيرن جي تنظيمن ۽ ماهيگيرن جي وڏي پيماني تي هلندڙ مضبوط مزاحمتي تحريڪ ۽ خود دُبئي جي عمار ۽ لمٽ ليس ڪمپني جي پنهنجي مالي بحران جي ڪري ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي جديد شهر ڊائمنڊ بار آئي لينڊ سٽي جي تعمير ۽ هاڪس بي تي واٽرفرنٽ شوگر لينڊ سٽي جي تعمير وار منصوبا رولڙي جو شڪار ٿي ويا. ياد رهي ته پاڪستان نيوي به انهن ٻيٽن تي شهر تعمير ڪرڻ تي پنهنجو سخت اعتراض والاريو هو ته هت شهر تعميرٿيڻ سان ملڪ جي سالميت کي خطرو لاحق ٿي سگھي ٿو. ان منصوبي تحت لڳ ڀڳ 8 لک مهاڻا پنهنجي تاريخي روزگار مان بيدخل ٿي غربت، بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويندا.
اسان جا مطالبا آهن ته اهڙي قسم جا غير آئيني قدم کڻڻ کا پرهيز ڪئي وڃي ۽ انهن ٻيٽن تي ماهيگيرن جا حق تسليم ڪندي انهن تي ڪنهن به قسم جي اڏاوت تي پابندي لڳائي وڃي. سنڌ سرڪار جي سنڌ جي زمينن جي آئيني حق کي تسليم ڪري ڪنهن به قسم جي نئين قانون سازي نه ڪئي وڃي. (پريس ريليز)