سنڌ حڪومت، وفاق حڪومت کي اين او سي ڏيڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو. وفاق سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ چاهي ٿو. جيڪو عمل غير آئيني ۽ غيرقانوني آهي. سنڌ وٽ 300 کان مٿي ٻيٽ آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ به ٻيٽ آهن جيڪو ٻنهي صوبن جو ملڪيت آهي پر وفاق جي ڪوشش رهي آ ته اهي انهن ٻيٽن تي ڪنٽرول حاصل ڪري.
انگريزي ۾ رپورٽ:
وفاقي حڪومت جو عمل قانون جي خلاف:
زراعت کاتي جي وزير اسماعيل راهو چيو ته وفاقي حڪومت انهن سان ڪنهن به قسم جي مشاورت ناهي ڪئي ۽ نه ئي وري انهن (سنڌ حڪومت) جي حڪومت غير آئيني قدم کي منظور ڪندي. حڪمران پارٽي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي جنهن ڪري اهي پاڪستان آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي ايڪٽ آڻي رهيا آهن جنهن تحت هو ملڪ جي ڪنهن به ٻيٽ جو اختيار حاصل ڪري وٺندا.
هن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته پاڪستان جي آئين مطابق آرٽيڪل (5) 27 اي ۽ (8) 27 تحت وفاق کي ايڪٽ جي حوالي سان صوبن سان مشاورت ڪرڻي پوندي. ڪنهن به غير آئيني قانون کي قبول نه ڪيو ويندو
سنڌ صوبي کي 0 کان وٺي 12 تائين ناٽيڪل ميل تائين سمنڊ ۾ اختيار حاصل آهي، وفاق صوبن جي حقن تي قبضو نه ٿو ڪري سگهي.
فشرفوڪ جو سربراهه محمد علي شاهه جو چوڻ هو ته پورٽ قاسم اٿارٽي جو بنياد ذوالفقار علي ڀٽي وڌو هو ۽ انهن کي زمين پورٽ جي لاءِ ڏني وئي پر اسان ڏسندا رهيا آهيون ته پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ ڪراچي پورٽ اٿارٽي پنهنجي ڏينل اختيار کان اڳتي وڃي ڪوسٽل جي زمين وڪڻندي رهي آهي. آخر انهن ڪهڙين اختيار تحت ڪوسٽل ايريا کي وڪڻي ڇڏيو؟
ٻئي پاسي ڪجهه رپورٽ مطابق ته وفاق ٻيٽن تي هائوسنگ منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعي مطابق ته هي منصوبو سي پيڪ جو ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ جو لسٻيلو ۾ ڪند ملير ٻيٽ تي ڪم شروع ڪيو ويو. سي پيڪ ۾ Tourism ۽ ڪول پاور کي coastal area تي ٺاهيا ويندا.
ٻيٽن تي شهر جوڙڻ جو مقصد سمنڊي زندگي ۽ ماحول کي قتل ڪرڻ برابر آهي. محمد علي شاهه سوال ڪندي چيو ته جيڪي شهر ۽ ڳوٺ اڳ ئي موجود آهن انهن کي بهتر ڇو نه ٿا ڪن. ترقي جي نالي تي رياست ٻيٽن کي تباهه ڪري پئي هي ٻيٽ انڊس ڊيلٽا جو حصو آهن. وفاقي جي پوري ڪوشش آهي ته هو ٻيٽن تي پنهنجي مالڪي اختيار ڪرائي پر اهڙي غير قانوني قدم کي سنڌ قبول نه ڪندي.
Support The Rise News click here donate