مرڪزي سرڪار غيرآئيني طورتي يونين ڪائونسلز سطح تائين صوبن ۾ سياست ڪري رهي آهي ۽ مڪاني ادارن جي سرشتي جي باري ۾ صوبن کي ڊڪٽيشن ڏيندي رهي.
ننڍي کنڊي ۾ برطانوي آبادياتي نظام هيٺ عوامي آزادي جي راءِ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ انگريزن مختلف وقتن تي لوڪل ڪائونسلز ايڪٽ ذريعي لوڪل سيلف گورنمينٽ جو بنياد وڌو ته جيئن هيٺين سطح تي سرڪار جي ڪجهه معاملن ۾ عوام جي شراڪت ٿي سگهي ۽ عوامي آزادي جي تحريڪن کي نه رڳو ماٺو ڪجي پر انهن جي عوامي حمايت ۾ ڪمي آڻجي.
آهستي آهستي لوڪل سيلف گورنمينٽ يا مڪاني اداري وارو سرشتو صوابي سيلف گورننس ۾ تبديل ڪيو ويو 1919 ۽ 1935 ۾ برطانوي پارليامينٽ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ پاس ڪري انڊين فڊريشن جو بنياد وڌو جنهن هيٺ صوبن کي حڪومتون ۽ اختيار ڏنا ويا ۽ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935 جي مرڪزي حصي تي 1947 تائين عمل نه ٿيو. 1946 جي صوباني چونڊن جي نتيجي ۾ آل انڊيا آئين ساز اسيمبلي نه ٺاهي وئي پر ان ۾ مسلم ليگ شرڪت کان انڪار ڪيو ۽ ان جي نتيجي ۾ 3 جون 1947 تي انڊين فڊريشن جو ورهاڱو ٿيو.
هي حقيقت بيان ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته برصغير ۾ انگريزن ۽ پاڪستان ۾ آمرن عوامي راءِ کي دٻائڻ لاءِ هميشه مڪاني ادارن جو راڳ الاپيو آهي. پاڪستان ۾ هيٺين سطح تي مڪاني ادارن جو سرشتو هر صوبي ۾ لاڳو هو ۽ هر صوبي جي شهرين توڙي ٻهراڙين ۾ انگريزن واري جي مڪاني ادارن جي سرشتي کي برقرار رکيو ويو.
اُن هيٺ شهرن ۾ ميونسپل ڪميٽيون ۽ ڪارپورشن، ۽ ٻهراڙين لاءِ ضلعي لوڪل بورڊ يا ضلعي ڪائونسل مروج رهيون. ڪراچي کي 1933 ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپورشن ۽ 1972 ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سرڪار ميٽرو پوليٽن ڪارپورشن جو درجو ڏنو. ٻهراڙين وارن علائقن ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۽ ضلعي سطح پيپلزميونسپل ڪميٽيون ۽ پيپلز ميونسپلز ڪارپورشن جو بنياد پيپلز پارٽي جي پهرين حڪومت وڌو.
پنجاب ۾ مڪاني ادارن جو قانون لڳ ڀڳ سنڌ واري قانون جي ويجهو آهي جڏهن ته خيبر پختونخواه ۾ مشرف واري قانون مروج آهي پر پنجاب توڙي ڪي پي ۾ موجوده پي ٽي آءِ سرڪار مڪاني ادارن جون چونڊن ڪرائڻ کان نابري واري ڇڏي آهي
ايوب خان 1959 ۾ عوامي راءِ کي ڪچلڻ ۽ پاڻ کي ڪائونسلرن ذريعي صدر چونڊرائڻ لاءِ 1959 Basic Democracies Order ۾ جاري ڪيو ۽ جنرل ايوب خان کي ٻئي دفعا بنيادي جمهوريتن يا مڪاني ادارن جي ڪائونسلرن صدر چونڊيو.
ساڳئي ريت جنرل ضياء هيٺين سطح تي عوامي راءِ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي سياسي حمايت لاءِ 1979 ۾ آئيني جي خلاف ورزي ڪري لوڪل گورنمينٽ آرڊينسس 1979 جاري ڪيو. واضح رهي ته مڪاني حڪومتن جو کاتو انگريزن جي دور کان وٺي نج صوبائي رهيو آهي. جنرل ايوب ۽ جنرل ضياء صوبائي خودمختياري ۽ حقن جي سنگين خلاف ورزي ڪري مرڪزي سطح تي مڪاني حڪومتن جو نظام رائج ڪيو ۽ جنرل مشرف به صوبائي خودمختياري جي خلاف ورزي ڪري هڪ ئي مڪاني اداري جي قانوني کي گورنرن ذريعي چئني صوبن ۾ رائج ڪيو.
مڪاني ادارن جا اختيار:
دنيا جي وفاقي جمهوريتن ۾ مڪاني ادارا نج صوبائي معاملو آهي ۽ صوبن پنهنجي جمهوري اختيارن کي استعمال ڪندي انهن کي مستحڪم ڪيو آهي. جنهن ڪري مڪاني ادارن جو نظام آمريڪا توڙي ٻين ملڪن ۾ مضبوطي ۽ ڪاميابي سان هلي رهيو آهي. مختلف ملڪن ۾ وڏن شهرن جي جوڙجڪ ۽ انهن لاءِ مڪاني نظام جو آهي. مثال طور انڊيا جي دهلي شهر ۾ 11 ضلعا ۽ ٽي ميونسپل ڪارپورشن آهن نيويارڪ ۾ دنيا جي مضبوط ترين مڪاني حڪومت آهي. لنڊن، ٽوڪيو ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ مضبوط مڪاني ادارن جون حڪومتون آهن پر برصغير ۾ مڪاني ادارن کي هميشه گهٽ اختيار رهيا آهن.
پڙهو: سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۽ سازشون
ان جو بنيادي سبب اهو آهي جو مرڪزي سرڪار انهن ادارن تي غيرآئيني طور پاڻ قانونسازي ڪئي آهي جنهن جو مطلب اهو رهيو آهي ته نه رڳو صوبن جي بالادستي کي ختم ڪيو وڃي پر انهن کي سياسي طور استعمال ڪيو ويو. جنرل ايوب ۽ جنرل ضياء توڙي مشرف مڪاني ادارن جي صوبائي اسم تي جيڪا غيرقانوني قانونسازي ڪري انهن کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو اهو سڀني جي اڳيان آهي. پاڪستان ۾ جڏهن به جمهوري حڪومت آئي آهي ته اهو اختيار صوبن کي واپس مليو آهي پر آئيني ۽ قانوني طورتي اهو اختيار صوبن واپس ملڻ باوجود مرڪز جي مداخلت نه گهٽي آهي ڇو ته مرڪزي سرڪار غيرآئيني طورتي يونين ڪائونسلز سطح تائين صوبن ۾ سياست ڪري رهي آهي ۽ مڪاني ادارن جي سرشتي جي باري ۾ صوبن کي ڊڪٽيشن ڏيندي رهي.
سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ موجوده صورتحال:
سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ مڪاني ادارن جي قانون جي صورتحال بنهه مختلف آهي. هڪ مڪاني ادارن جو قانون صوبن ۾ فطري طورتي ترقي نه ڪئي آهي ۽ اهو صوبن تي مڙهيو ويو آهي ان ڪري پوري ملڪ ۾ ان جي واڍ وجهه نه ٿي سگهي آهي.
پنجاب ۾ مڪاني ادارن جو قانون لڳ ڀڳ سنڌ واري قانون جي ويجهو آهي جڏهن ته خيبر پختونخواه ۾ مشرف واري قانون مروج آهي پر پنجاب توڙي ڪي پي ۾ موجوده پي ٽي آءِ سرڪار مڪاني ادارن جون چونڊن ڪرائڻ کان نابري واري ڇڏي آهي ۽ سنڌ ۾ مڪاني ادارن جو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ سياسي طورتي سنڌ حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو ويو آهي ته اها هِن يا هُن قسم جو مڪاني ادارن واري نظام لاڳو ڪري معنيٰ ايوب خان جو دور هجي، ضياء جو، مشرف جو يا عمران خان جو سنڌ کي مڪاني ادارن جي نظام لاءِ ڊڪٽيشن جاري آهي. جنهن جو مقصد آهي ته صوبن ۾ مڪاني حڪومتن کي واڌ ويجهه لاءِ صوبائي حڪومتن تي اعتماد نه ڪيو ويندو پر نج صوبائي ام کي به مرڪز پنهنجي ڀرجهلن کان اهڙي صورتحال پيدا ڪرائيندو جيئن سنڌ جي سياست ۾ سندس اثر و رسوخ جاري ۽ ساري رهي.
ڪراچي ۾ مڪاني نظام:
ڪراچي جيئن ته نه صرف سنڌ جو گادي جو هنڌ پر گهڻ نسلي شهر آهي چاليهه کان پنجاهه لکن تائين غير قانوني پناهگير رهن ٿا. ڪراچي معاشي لحاظ کان نه رڳو سنڌ لاءِ پر پاڪستان لاءِ به اهم آهي. ان ڪري ان کي مرڪز پاران پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کان هميشه ڦرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي.
جيئن ته ڪراچي کي جولاءِ 1948 ۾ وفاقي علائقو قرار ڏنو ويو هو. فيڊريل علائقو ۽ ڪيپيٽل ٻه جدا concept آهن. اهو ضروري ناهي ته فيڊريل ڪيپيٽل ڪراچي هئي ته ان کي فيڊريل علائقو به قرار ڏنو وڃي ڇو ته فيڊريل علائقو Territory قرار ڏيڻ جو مقصد ان جي زمينن ۽ ملڪيتن، بندرگاهن تي قبضو ڄمائڻ آهي جڏهن ته سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت ۾ معاهدو اهو هو ته ڪراچي بنيادي طورتي سنڌ جي گادي جو هنڌ هوندو پر ساڳئي وقت وفاقي حڪومت جي گادي جو هنڌ به هوندو پر وفاقي حڪومت کي سنڌ حڪومت ان جي آفيسن لاءِ جدا زمين ڏيندي جڏهن ته ڪراچي شهر سنڌ حڪومت جي ملڪيت هوندو.
جيئن ڪلڪتو شهر بنگال جي ملڪيت هو جڏهن ته اهو 1913 تائين انڊيا جي وفاقي حڪومت جو گادي واري هنڌ هو پر ڪراچي کي وفاقي ادارالحڪومت سان گڏ وفاقي علائقو قرار ڏئي ان جي ملڪيتن تي قبضو ڪيو ويو.
جيڪو عمل نه صرف غير آئيني ۽ قانوني پر غيراخلاقي هو ڇو ته ڪراچي شهر جي ملڪيت سنڌ حڪومت جي ملڪيت هئي ۽ آهي .
هاڻي وفاقي سرڪار ساڳئي ڪرت تي هلندي ڪراچي کي هڪ علائقي ۾ مرڪوز ڪري اتي ٽوڪيو، نيويارڪ ۽ لنڊن جا مثال ڏئي صرف هڪ مڪاني حڪومت قائم ڪري وفاقي علائقي وانگر قبضو ڪرڻ چاهي ٿي يا وري پنهنجي پارٽين جي ذريعي جڏهن ته ڪراچي جي مخصوص صورتحال ان شيء جي متڪاضي آھي آهي اتي وڌيڪ ضلعا هجن ۽ ڪو به هڪ نسلي گروهه ٻئي تي قابض نه ٿئي ته جيئن شهر نسلي هم آهنگي هيٺ هلي سگهي.
سنڌ حڪومت 2013 ۾ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ پاس ڪري ڪراچي ۾ اختيارن جي توازن کي برقرار رکيو آهي – ڪراچي ۾ هيئنر ست ضلعا آهن (هاڻوڪي ڪياماڙي ضلعي سوڌو) جن ۾ ست ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپورشنز آهن ۽ اولهه ۽ ملير ضلعن جي ٻهراڙي وارن علائقن تي مشتمل هڪ ضلعي ڪائونسل آهي جڏهن سڄي شهر لاءِ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن آهي.
هي آهي شهر جي مڪاني ادارن جو سرشتو ۽ هي حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۾ به ساڳيو ئي آهي. ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جا اختيار ڪنهن به ريت لاهور ميونسپل ڪارپورشين کان گهٽ نه آهن پر هتي اهو آواز اُٿيندو آيو آهي ته ڪراچي ۾ مڪاني ادارن کي هيٺئي سطح تي آئين موجب اختيار نه ڏيو پر انهن اختيارن کي ڪي ايم سي ۾ مرڪوز يو ۽ ڊي ايم سيز ختم ڪيو جڏهن ته مڪاني ادارن جي نظام جو مک نڪتو ئي اهو آهي ته هيٺ سطح تي اختيار ڏيڻ معنيٰ ضلعي سطح تي – ڪراچي ۾ جيئن ست ضلعا آهن.
ان ڪري انهن جي ضلعي ميونسپل ڪارپورشنز ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچي کي اختيار ڏنا ويا آهن. لاهور ۾ به ڪچري جي صفائي لاءِ سالڊوسيٽ مئنجمينٽ بورڊ ٺهيل اهن ۽ سنڌ ۾ سالڊ وسيٽ مئنجمينٽ بورڊ ٺهيل آهي – هاڻي سنڌ لوڪل گورنميٽ ايڪش 2013 مڪاني ادارن جو هڪ مناسب قانون آهي ۽ پنجاب ۾ به ذري گهٽ مڪاني حڪومتن کي ساڳيا اختيار آهن.
بلوچستان ۾ پڻ مڪاني حڪومتن کي ساڳيا اختيار ڏينل آهن ۽ ڪي پي جي، هتي جون مرڪز مائل پارٽيون جنرل ضياء، ايوب ۽ جنرل مشرف جي مڪاني ادارن ۾ ته خوش هيون پر صوبي جي جمهوري حڪومت پاران ٺاهيل قانون تي اعتراض واري رهيون آهن. جنرل ايوب ۽ جنرل ضياء جي مڪاني ادارن واري قانونن ۾ ته گهڻا اختيار ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڪمشرن کي هيا ۽ ان باوجود اهي به ان ۾ شرڪت ڪري رهيا هيا.
جيئن ته صوبن پهريون دفعو مڪاني ادارن تي قانون سازي ڪئي آهي ۽ مڪاني ادارن جي واڌويجهه فطري طور صوبن جي قانون هيٺ ئي ٿي سگهي ٿي ان ڪري ان ۾ بهتري آهستي آهستي ايندي ۽ ان جي واڌ ويجهه جو عمل فطري طور هاڻي شروع ٿيو آهي. صوبن کي پهريون دفعو اختيار ئي 2013 ۾ مليو آهي پهريون ته مڪاني ادارا مرڪز پيو هلائي ته ان کي واڌ ويجهه لاءِ وقت نه گهرجي – مرڪز 1947 کان 2010 تائين 63 سال مڪاني ادارن وارو نظام هلايو ان ڪهڙو انقلاب آندو جو هاڻي صوبن کان ڏهن سالن ۾ حساب گهري رهيا آهن!
ڪهڙا شهر مرڪز جديد بڻايا؟ ان ڪري مڪاني ادارن جي اختيارن کي صوبائي حڪومت جي ڇٽي هيٺ واڌ ويجهه لاءِ وقت ڏيو باقي مشرف وانگر ڪراچي ۾ هڪڙو مڪاني ادارن جو سرشتو ۽ حيدرآباد ۾ ٻيو، اهڙو سرشتو سنڌ حڪومت صوبي ۾ رائج نه ڪندي ۽ نه وري ممڪن آهي ڇو ته مڪاني ادارن جو اختيار هڪ ميئر ۾ مرڪوز نه ڪرڻو آهي پر اهن کي هيٺ سطح تي لاهڻو آهي ۽ ڪراچي جي ڊيموگرافي ته مڪاني ادارن جي مرڪز تي نظام کي مسترد ڪري ٿي.
مڪاني ادارن جون چونڊون:
اها هڪ عجيب ڳالهه آهي ته 1935 جي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ هيٺ مڪاني ادارن توڙي صوبائي اسيمبلين جون چونڊون صوبائي اسم هو پر اسان جي آئين ۾ 18 ترميم جي باوجود اهو صوبائي اسم ناهي! صوبائي اسيمبلين توڙي مڪاني ادارن جون چونڊون مرڪزي الڪيشن ڪميشن ڪرائي ٿي جنهن سدائين صوبن جي سياست ۾ مداخلت جي راهه هموار ڪئي آهي.
ان ڪري ضروري آهي ته 1935 وانگر صوبائي اسيمبلين جي چونڊ توڙي مڪاني ادارن جي چونڊ صوبن حوالي ڪئي وڃي ڇو ته مرڪز 1947 کان اڄ ڏينهن تائين هڪ به چونڊ صاف ۽ شفاف نه ڪرائي سگهي آهي جنهن ڪري ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام آهي ۽ هينئر به صوبن ۾ مڪاني ادارن جو مدو ختم ٿي ويو آهي پر اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهي.
اهو هاڻي ضروري آهي ته مڪاني ادارن توڙي صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جو اختيار 1935 جي ايڪٽ وانگر صوبن حوالي ڪيو وڃي ته جيئن اهي پنهنجا معاملا سڌا ڪن ۽ ملڪ ۾ سياسي استحڪام اچي جيڪو معاسي استحڪام ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي.
The writer is a former Advocate General of Sindh and Twitter: @zamirghumro
Support The Rise News click here to donate