سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي شروع کان پاڪستان جي مرڪزي سرڪار جي اک جو ڪنڊو رهي آهي ڇو ته ڪراچي ۾ سنڌ جي ٻن بندرگاهن ڪياماڙي ۽ بن قسم پورٽس مان وڻج واپار ڪري سڄو ملڪ هلي ٿو جنهن جو مطلب ٿيو ته سنڌ سڄي ملڪ کي پالي ٿي.
اهو ئي سبب هو جو پاڪستان ٺهڻ وقت ملڪ جي ٻن وڏن صوبن هرهڪ اوڀر بنگال ۽ پنجاب جي گادي واري هنڌن هر هڪ ڍاڪا ۽ لاهور کي پاڪستان جي راڄڌاني ٺهائڻ بجاءِ ڪراچي کي ملڪ جي راڄڌاني ڪرڻ جو سوچيو ويو ۽ سنڌ مسلم ليگ جي اڳواڻن هر هڪ سرغلام حسين هدايت الله ۽ محمد ايوب کهڙو مرڪزي سرڪار سان ڪراچي کي ملڪ جو گادي جو هنڌ بنائڻ لاءِ بنيادي شرطن تي راضي ٿيا جنهن ۾ وڏي ۾ وڏو شرط اهو هو ته ڪراچي بنيادي طور سنڌ جي راڄڌاني هوندي ۽ مرڪزي سرڪار جا آفيس سنڌ حڪومت پاران ڏنل ست سوء ايڪڙ زمين فيڊرل بي ۽ اي ايريا ڪراچي ۾ الاٽ ڪئي وئي ڪراچي جي سموري ملڪيت سنڌ سرڪار جي هوندي ۽ ان مقصد لاءِ سنڌ جي وڏي وزير محمد ايوب کهڙي ست سوا ايڪڙ زمين فيڊرل بي ۽ اي ايريا وفاقي سرڪار جي آفيسن لاءِ الاٽ ڪئي.
پر سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي عمارتن، بازارن ۽ رنگيني کي ڏسي مرڪزي سرڪار پنهنجون آفيسون جيڪي سنڌ سرڪار جون هيون انهن کي ملير منتقل ڪرڻ بجاءِ سموري ڪراچي تي مڪمل قبضو ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ سنڌ سرڪار کي چيو ته اوهان حيدرآباد وڃو معنيٰ جيڪي ماڻهو مرڪزي سرڪار کي ڪراچي ۾ مهمان طور وٺي آيا ڇو ته پنجاب جي قيادت لاهور کي گادي وارو هنڌ بنائڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو هو انهن جي مهمان نوازي جو فائدو وٺي مرڪزي سرڪار جي آفيس لاءِ سنڌ سرڪار پاران الاٽ ڪيل 1700 ايڪڙ زمين تي وڃڻ بجاءِ ميزبان جي گهر تي قبضو ڪرڻ جي سازش ڪئي ۽ سنڌ سرڪار سان واعدي خلافي ڪندي ان جي آفيسن، واپار، بندرگاهن ۽ شهر تي قبضي ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي ۽ مهاجرن جي آبادڪاري تي خلاف ورزي ڪندي وڏي پيماني تي سنڌ ۾ انهن جي آبادڪاري جو منصوبو جوڙيو ويو جڏهن ته هندستان ۽ پاڪستان جي ڪنهن به معاهدي بشمول لياقت نهرو پيڪٽ 1950 ۾ سنڌ جي هندوستان مان آبادي جي منتقلي جو هڪ به نڪتو نه هو.
مارچ 1948 ۾ سنڌ جي وڏي وزير محمد ايوب کهڙو سنڌ اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي سنڌي عوام کي خبردار ڪيو ته مرڪز جي نيت خرابي ٿي چڪي آهي ۽ هو سنڌ جي راڄڌاني تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو هن وڏي واڪي اعلان ڪيو ته اسان سان ٿيل واعدن جي سنگين انحرافي ٿي رهي آهي ۽ سنڌ حڪومت حيدرآباد منتقل نه ٿيندي مرڪز سرڪار سنڌ سرڪار پاران الاٽ ٿيل ست سو ايڪڙ زمين فيڊرل بي ۽ اي ايريا تي نه ته آفيسون ٺهرائي رهي آهي ۽ نه منتقل ٿي رهي آهي هن پنهنجي تقرير ۾ ڪلڪتي، آسٽرليا جي گادي واري هنڌ ڪينبرا، سوزلينڊ جي گادي جو هنڌ برن جا مثال ڏنا جيڪي هڪ ئي وقت مرڪزي سرڪار ۽ ان صوبي جا گادي جا هنڌ هيا ۽ آهن ۽ انهن جي ملڪيت اتان جي صوبن جي عوام جي آهي ڪلڪتو 1757 کان ستت ئي پوءِ انگريزن جي انڊيا جو گادي جو هنڌ هيو ۽ دهلي 1913 ۾ انڊيا جي گادي جو هنڌ ٿيو پر ڪلڪتو اڄ به بنگالي عوام جي ملڪيت آهي.
مارچ ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير ايوب کهڙي جي تقرير کان پوءِ اپريل 1948 ۾ سندس حڪومت کي برطرف ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ جولائي 1948 ۾ مرڪزي سرڪار غيرآئيني حڪم جاري ڪري ڪراچي کي گادي واري هنڌ جو درجو ڏنو ان سان گڏ صوبي مان اوڳاڙجندڙ سليز ٽيڪس کي به مرڪز حوالي ڪيو ۽ معاهدن جي خلاف ورزي ڪندي هندوستان مان وڏي پيماني تي نقل مڪاني کي همٿائي انهن کي ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آباد ڪيو ويو ڀلا جيڪڏهن ڪراچي کي پاڪستان جي راڄڌاني ڪرڻ قانوني ۽ آئيني هيو ته پوءِ ان کي 14 آگسٽ يا 24 جولائي 1948 کان اڳ ڇو نه ڪيو ويو پاڪستان ٺهڻ کان يارهن مهينا کان پوءِ ان کي ڇو مرڪزي علائقو قرار ڏنو ويو ڇو ته 11 مهينا مسلسل سنڌ سرڪار ۽ مرڪزي سرڪار ۾ تمام وڏو جهيڙو هلندو رهيو ۽ 14 آگسٽ 1947 کان 1951 تائين سنڌ اسيمبلي جو مدو (سنڌ اسيمبلي جو مدو 1951 تائين هيو) سنڌ ۾ ڇهه وڏا وزير ڇو تبديل ڪيا ويا؟
ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آباد ڪيو ويو ڀلا جيڪڏهن ڪراچي کي پاڪستان جي راڄڌاني ڪرڻ قانوني ۽ آئيني هيو ته پوءِ ان کي 14 آگسٽ يا 24 جولائي 1948 کان اڳ ڇو نه ڪيو ويو پاڪستان ٺهڻ کان يارهن مهينا پوءِ ان کي ڇو مرڪزي اعلائقو قرار ڏنو ويو ڇو ته 11 مهينا مسلسل سنڌ سرڪار ۽ مرڪزي سرڪار ۾ تمام وڏو جهيڙو هلندو رهيو ۽ 14 آگسٽ 1947 کان 1951 تائين سنڌ اسيمبلي جو مدو (سنڌ اسيمبلي جو مدو 1951 تائين هيو) سنڌ ۾ ڇهه وڏا وزير ڇو تبديل ڪيا ويا؟
مرڪزي سرڪار هر سال سنڌ ۾ نئون وڏو وزير آڻيندي رهي جيڪو سندس غير آئيني پالسين جي حمايت ڪري تاريخ جي وڏي ستمظريفي اها آهي ته مئي 1948 ۾ فلسطين تان برطانوي مينڊيٽ ختم ٿيڻ کانپوءِ فلسطينن جي ييروشلم ۽ ٻين شهرن تي يهودين کي ڏنا ۽ هتي مرڪز سنڌ جي راڄڌاني ۽ ٻين شهرن جي ڊيموگرافي کي زوري تبديل ڪري رهيو هو ان کان پوء ڪراچي کي سنڌ جي راڄڌاني ختم ڪراڻ کان پوءکھڙي تي دٻاء وجھي سنڌ صوبي کي ئي ختم ڪرائي ڇڏيو جنهن ڪري 1947 کان 1954 تائين مرڪز سان مهاڏو اٽڪائيندڙ ايوب کهڙي اڄ به سنڌين لاءِ غدار آهي ڪراچي 1960 تائين مرڪز جي گادي جو هنڌ ۽ 1970 تائين وري ون يونٽ هيٺ رهي.
1972 ۾ جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت آئي ته ڪراچي پيپلز ميونسپل ڪمٽيز ٺاهيون اهي سوبه 1977 تائين رهي سگهيو ۽ پوءِ وري ڪراچي مرڪز ان پاران آندل پارٽي جي قبضي هيٺ رهي ڪراچي 1948 کان اڄ ڏينهن تائين مرڪز يا ان پاران آندل پارٽين جي غيرقانوني ڪنٽرول ۾ رهي آهي جن قبضا خوري، رشوت خوري، دهشتگردي ۽ ماراماري ذريعي شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي 2015 کان پوءِ وڃي ان تي پها رکيا آهن.
هينئر واري صورتحال:
سنڌ ۾ جيئن ئي مڪاني ادارن جو مدو ختم ٿيڻ واري هو ته مرڪزي سرڪار ڪراچي تي قبضو ڪرڻ لاءِ وري 1948 وانگر نئون منصوبو ٺاهڻ شروع ڪيو ۽ گورنر راڄ، ڪراچي کي وفاقي علائقو قرار ڏين، نام نهاد آرٽيڪل 149 لاڳ ڪرڻ وارا بي بنياد ۽ غير آئيني آپشنز ظاهر ٿيندا ويا جن جي آئين ۾ ڪا به گنجائش ناهي سنڌ ۾ نه ته گورنر راڄ لڳائڻ جا سبب آهن نه ڪنهن صوبي جي ڪنهن علائقي کي وفاقي علائقي قرار ڏئي سگهجي ٿو ۽ نه وري آرٽيڪل 149 جي ذريعي صوبائي حڪومت جي عملداري ۾ ڪا مداخلت ڪري سگهجي ٿي پر وفاقي سرڪار جي وڪيلن آئين جي جانو جرمن واري تشريح ڪرڻ شروع ڪئي ۽ سنڌ جي چونڊيل حڪومت کي مختلف بهانا ٺاهي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو ان جو سبب هڪ ئي هو ته 2018 جي چونڊن ۾ ڪراچي مان مرڪز مائل پارٽين جي ڪوڙي ۽ بي بنياد ميڊيٽ کي مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ڪيئن جسٽفاءِ ڪجي سنڌ سرڪار تي زوري بار وجهي ڪراچي ۾ مڪاني ادارن ۾ پنهنجا انڊمنسٽريٽر مقرر ڪرائجن ۽ پوءِ مڪاني ادارن جي چونڊن تي اثرانداز ٿي ڪراچي ۾ وري هٿ ٺوڪيو مڪاني سرشترو آڻجي سنڌ سرڪار نهايت ئي بردباري سان ان سازش کي ناڪام بڻائيندي رهي ۽ ڪراچي هڪ تاريخي قسم قدم کڻندي ڪياماڙي کان ڪراچي جو ستون ضلعو ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ڇو ته ڪراچي سائوٿ ۽ ملير ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جون ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپورشنز کٽيل آهن ۽ ڪياماڙي کٽڻ سان پيپلز پارٽي وٽ صاف طرح سان نه رڳو ٽي ضلعا ۽ ڊسٽرڪٽ ڪراچي هوندا پر آساني سان چوٿون ضلعو به کٽي سگهي ٿي اهڙي طرح ستن ضلعن مان چار ضلعا کٽڻ سان سنڌ وٽ ڪراچي جي مالڪي اچي ويندي جيڪا زوري زبردستي فراڊ ۽ ڊوهه ذريعي سنڌين کان کنئي وئي هئي ۽ مرڪز 1948 کان سازشون ڪري ڪراچي تي موتمار جٿا نازل ڪيا هيا جمهوريت جو اهو ئي ثمر آهي جنهن ڪري سڀ نسل پرست پيپلز پارٽي جي جمهوري سرڪار خلاف سندرو ٻڌي بيٺا آهن.
سنڌ جو عوام 1948 وارا ڦٽ سهي پرامن ۽ جمهوري انداز ۾ سڀني سان رهڻ چاهي ٿو ۽ فيڊرشين کي ان ئي طريقي سان مضبوط ڏسڻ چاهي ٿو اهو ڪنهن به نسل پرستانه سوچ ۽ قبضي جي خلاف آهي ۽ جمهوري روين ۽ اصولن تي ڪاربند آهي پر سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي مان وڏي پيماني ڌانڌليزده چونڊون ڪرائي اهو تاثر ڏنو ويو آهي ڄڻ سنڌي ۾ آهن ئي ڪونه.
اچو هاڻي مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن ذريعي اوهان کٽو! باقي ڌانڌلي ذريعي پنهنجا نمبر وڌائي، پروپنگنڊا ڪري سنڌي ۽ اردو آبادي کي ويڙهائڻ جي سازش ڪري هو اهو باور ڪرائڻ چاهن ٿا ته ڪراچي ۾ سنڌي نمائندا چونڊجن ئي ڪو نه ٿا هڪڙو ڏينهن ٻڌايو جڏهن ڪراچي ۾ اوهان صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون هجن؟ 1970 ۾ ٿيل صوبائي چونڊن ۾ پندرهن سيٽن مان ڪراچي اٺ سيٽون پاڪستان پيپلزپارٽي کٽيون هيون ۽ مرڪز جي ڌانڌلي باوجود ڪراچي ۾ ميئر يا وائس ميئر پاڪستان پيپلز پارٽي جا رهيا آهن ۽ ڪراچي جي مختلف ضلعن مان پاڪستان پيپلز پارٽي کي ميڊيٽ آهي باوجود ڌانڌليزده چونڊن ۽ پروپيگنڊا جي هيئنر ضلعو سائوٿ، ملير ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچي پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ آهن ۽ اولهه، اوڀر ۽ ٻِين ضلعن ۾ سندس جا وڏي تعداد ۾ ڪائونسلر آهن هي ڪراچي جي ميڊيٽ جي جيڪا ڪوڙي پروپيگنڊا آهي اها 1948 کان وٺي مرڪز جي سنڌ مخالف پالسين، ڌانڌلين ۽ غيرآئيني ۽ غيرقانوني عملن جي نتيجو آهن.
ڪراچي ۾ غيرآئيني ۽ قانوني عملن جو نتيجو آهن ڪراچي ۾ غير آئيني طورتي ڌاري آبادڪاري کي همٿائڻ جي باوجود پاڪستان پيپلزپارٽي صاف ۽ شفاف چونڊن ۾ فيصلا ڪن طاقت رکي ٿي ۽ اڪثريتي پارٽي آهي ان جو زور ٽوڙڻ لاءِ مرڪز پنهنجي گروپن کي استعمال ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ جي عوام کي ورهائي رهيو آهي سنڌ جي اردو آبادي نه ته پي ٽي آئي سان نه ڪنهن ٻي پارٽي سان اها سنڌ سان بيٺل آهي ۽ اهي سنڌ جا اهڙا ئي وفادار شهري آهن جهڙا خود سنڌي ڳالهيندڙ سنڌ جو عوام انهن خلاف ڪنهن به متڀيد ۾ يقين نه ٿو رکي پر انهن جي ڪجهه حصي کي پروپيگنڊا ذريعي ورغلائي سنڌ خلاف سازش ڪري پڌري ٿي پئي آهي ۽ ان سازش ۾ کوڙسارا اسان جا پنهنجا به گڏ آهن.
جيڪا آئين ۾ شق آهي اها نه ڪريو جيڪا آئين ۾ نه آهي جهڙوڪ نوان صوبا ٺاهڻ ڪنهن صوبي جي علائقي کي وفاقي علائقو قرار ڏيڻ اهو ٺاهيو اهو عجب دليل آهي حيدرآباد کي ٽوڙيو ۽ ڪراچي جيڏي وڏي شهر کي هڪ ڪيو
هڪ پاسي چيو وڃي ٿو ملڪ جي آئين ۽ عدم مرڪزي Decentralization & Devolution کي آئين جي آرٽيڪل اي 140، 32 ۽ 37 هيٺ نافذ ڪيو وڃي ۽ ٻئي پاسي واري چون ته ضلعا نه ٺاهيو معنيٰ ڪراچي کي مرڪزيت ڏيو عدم مرڪزيت ۽ Devolution جو مطلب آهي حڪومت عوام جي ويجهو آڻيو پر ڪياماڙي جي عوام جي رائي ته ان کي ضلعو ڪيو وڃي ان سان لساني بنيادن تي مخالفت ڪري رهيا آهن معنيٰ جيڪا آئين ۾ شق آهي اها نه ڪريو جيڪا آئين ۾ نه آهي جهڙوڪ نوان صوبا ٺاهڻ ڪنهن صوبي جي علائقي کي وفاقي علائقو قرار ڏيڻ اهو ٺاهيو اهو عجب دليل آهي حيدرآباد کي ٽوڙيو ۽ ڪراچي جيڏي وڏي شهر کي هڪ ڪيو. دهلي جيڪو ڪراچي جيڏو ئي شهر آهي ان ۾ 11 ضلعا آهن ۽ ڪراچي جي هيڏي شهر ۾ هڪ تاريخي وٽان ڪياماڙي کي ضلعو ڪرڻ تي مرڪز جا ايجنٽ مڇرجي پيا آهن.
Read about National Finance Commission (NFC)
هي ته سنڌ سرڪار جي آئيني ۽ قانوني اختيار آهي ته هو ڪراچي ۾ وڌيڪ ضلعا ٺاهي اختيارن کي عوام تائين کڻي وڃي ۽ سپريم ڪورٽ پاران ڪراچي جي امن امان واري ڪيس ۾ به اهو ئي چيو ويو هو ته ڪراچي جي تڪبندي يا انتظامي وهنوار اهڙي طريقي سان هلايو وڃي ته جيئن سڀني جو مستقبل برادين جي نمائيندگي هجي.
ڪراچي جي مڪاني ادارن جي چونڊن تائين سياست ان ئي ڍنگ سان هلندي ۽ سنڌ جو عوام پنهنجي آئيني ۽ قانوني ۽ تاريخي حقن لاءِ پنهنجي ٻڌي کي اثرائتو بڻائي فيصلا ڪن ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
ڪاميٽي:
سياسي پارٽيون اقتدار ۾ يا اقتدار کان ٻاهر پنهنجون گڏيل ڪاميٽون ٺاهينديون رهنديون اهن جهڙوڪ ٿرڪنال ڪميٽي يا ٻيون ڪيتريون ڪميٽون ان ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مرڪزي سرڪار پاران ٺاهيل ڪاميٽي جيڪا وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار جي گڏيل منصوبن جي باري ۾ اهي ان ۾ ڪو حرج ناهي ان سان نه ته سنڌ سرڪار جا آئيني اختيار متاثر ٿين ٿا نه وري ٿيندا سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ان باري ۾ واضح موقف آهي ڪاميٽي جو سنڌ جي آئيني ۽ قانوني اختيارن سان ڪو واسطو نه آهي جنهن تي سنڌ جي عوام کي ششدر نه ٿيڻ گهرجي.
Barrister Zamir Ghumro served as an advocate General Sindh & Columnist. Twitter: @zamirghumro
Support The Rise News click here to donate
[…] Read: سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۽ سازشون […]