سنڌ وزيراعليٰ مراد علي شاهه کي ويڊيو پيغام ذريعي چيو ته ڪروناوائرس جي مريض جلدي ۾ صحتياب ٿيا ويا ڇو جو انهن سماجي مفاصلو رکيو. هن وڌيڪ انگ اکر ٻڌائيندي چيو، سنڌ ۾ هن وقت تائين 8،931 ڪروناوائرس جا ڪيس رپورٽ ٿيا جن مان 881 ڪرونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي ۽ انهن مان 123 صحتياب ٿي ويا. جڏهن ته 24 ڪلاڪن اندر 68 مريض صحتياب ٿي ويا
وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه ٻڌايو ته جيڪي به مرضي صحتياب ٿيا انهن کي ڪا به دوا نه ڏني وئي پر اهي سماجي مفاصلو رکڻ ڪري صحتياب ٿيا. جيڪڏهن ڪنهن کي وائرس جون گهٽ علامتون نظر آيون ته اسان انهن جي ئي گهرن ۾ آئيسوليشن ڪري سگهون ٿا جيڪڏهن انهن وٽ جڳهه ٿي
هن لاڪ ڊائون تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت ڪروناوائرس کي گهٽ ڪرڻ لاءِ لاڪ ڊائون ڏانهن وئي ۽ اهو 14 اپريل تائين ڪيو ويو آهي
مراد علي شاهه شهرين کي گذارش ڪندي چيو ته اسان جي سوسائٽي ۾ اهي به شهري آهن جيڪي سماجي مفاصلو نه ٿا رکي سگهن ڇاڪاڻ جو هڪ گهر ۾ 10 ڀاتي رهن ٿا. ان ڪري اسان جي ذميواري ٿئي ٿي ته اسان سماجي مفاصلو رکندي پنهنجي ۽ ٻين جي زندگي بچايون
Support The Rise News click here donate