لاهور جي رائونڊ ۾ هزارين جي تعداد ۾ تبليغي جماعت جي ماڻهن جي سالاني گڏجاڻي ٿي. انهن جو سنڌ ۾ اچڻ کانپوءِ ڪروناوائرس ڪيسن ۾ واڌارو ٿيو
جنهن وقت ايران پنهنجي ملڪ اندر جمعي جي اجتماعن تي بندش هڻي رهيو هو ۽ سعودي عرب مسجدن کي بند ڪري ڇڏيو ته جيئن ڪروناوائرس جي پهلاءٌ کي پنهنجن ملڪن ۾روڪي سگهن. ان وقت لاهور ۾ تبليغي جماعت وارا گروپن جي شڪل ۾ ملڪ جي مختلف شهرن ڏانهن سفر ڪري رهيا هئا
پاڪستان ۾ اڳ ئي ڪروناوائرس ڪيس وڌيڪ رپورٽ ٿيا ڇاڪاڻ جو شيعا زائرين جيڪي ايران کان آيا. انهن جو پوري طرح سان بلوچستان ۽ وفاقي حڪومت بهتر نموني سان چيڪ اپ نه ڪيو ۽ جڏهن اهي سنڌ تائين پهتا انهن مان اڪثريت کي وائرس لڳي وئي. سنڌ جي صحت کاتي مطابق ته شيعه زائرين جا 100 کان مٿي ڪيس رپورٽ ٿيا آهن
سنڌ حڪومت ڪوششون ورتيون ته جيئن ڪيسن کي گهٽ ڪري سگهجي جنهن ڪري ماڻهن جي گڏجاڻين ۽ جمعي جي اجتماع تي بندش هنئي پر ان جي ڪجهه مولوين مخالفت ڪري. آخرڪار، سنڌ حڪومت انهن سان ٺاهه ڪيو جنهن کانپوءِ انهن جمعي جي اجتماع تي بندش جي فيصلي کي قبول ڪيو، ان جي باوجود به وري ٻيهر فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي
اهڙي ئي مخالفت سبب ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ پوليس تي حملو ڪيو ويو جيڪي مسجد ۾ موجود اجتماع کي روڪڻ لاءِ ويا، جيتوڻيڪ پوليس ستن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي جيڪي حملي ۾ شامل هئا
سنڌ ۾ تبليغي جماعت
تبليغي جماعت جو بنياد 1926 انگريزن جي دور ۾ مولانا محمد الياس ڪنڌلاوي وڌو هو. هي ديوبندي گروپ آهي هنن جي جماعت هر سال اجتماع ڪرائي ٿي جنهن ۾ هزارن کان مٿي ماڻهو شڪري ٿيندا آهن ان اجتماع کان پوءِ هر هڪ گروپ جيڪو 8 کان 10 ماڻهن تي مشتمل ٿي ٿو جيڪو پوري ملڪ ۾ مذهبي پيغام پهچائين ٿا
ڪروناوائرس جي ڦهلاءُ باوجود تبليغي جماعت رائونڊ ۾ اجتماع ڪرايو. تبليغي وارن سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون جي هر حڪم کي اڻٻڌو ڪندي صوبي جي شهرن ۾ هليا ويا ۽ تبليغي جماعت وارن ڪري وري ڪيس ۾ واڌارو ٿيو
جيو ٽي وي جو صحافي زاهد گشڪوري هڪ رپورٽ ۾ لکي ٿو ته هڪ آفيسر جنهن جو تعلق نيشنل ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سينٽر سان آهي جنهن نالو نه ظاهر ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته صرف 41 تبليغي جيڪي لاهور مرڪز ۾ هئا انهن کي ڪروناوائرس ٿي آهي. اسان کي خوف آهي ته جيڪي 10 هزار ملڪ جي مختلف شهرن ڏانهن ويا آهن انهن کي وائرس جون علامتون ٿي سگهي ٿي. هنن جي ڪوشش آ ته 5200 ٽيم کي هٿن ڪن ان هر ٽيم ۾ 8 ماڻهو آهن جيڪي ملڪ ۾ پکڙجي ويا آهن
تبليغي جماعت جي تاريخ تي نظر ويجهندي اديب عزيز ٻوهيو جو چوڻ هو ته تبليغي جماعت 1926 ۾ انگريزن جوڙي ته جيئن آزادي جي تحريڪ کي مذهبي رنگ ڏئي سگهجي. هي هيئر تائين پيغام پهچائڻ جو ڪم ڪندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته هي صوبائي حڪومتن جو حڪم نه مڃيندا پر هي پاڪستان اسٽبلشمينٽ جو حڪم ضرور مڃيندا، منهنجي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته جڏهن پوري دنيا ڪرونا وباء ۾ وڪوڙجي وئي آهي. آهڙي حالتن ۾ هنن صوبائي حڪومت جي حڪم کي ڇا لاءِ پاسيرو ڪيو
دي رائيز نيوز سان فاروق عباسي، لاهور تبليغي مرڪز جو ميمبر ڳالهائيندي چيو ته انهن کي خدا تي پورو يقين آهي هي وائرس عذاب آ جنهن ڪري اسان مسجدين ۾ وڃون ۽ خدا کان معافي گهرون. جڏهن فاروق عباسي کان سوال ڪيو ويو ته سعودي عرب مسجدن کي بند ڪري ڇڏيو آهي ته ڇا اهي مسلمان ناهن
هن سوال جو جواب ڏيڻ بجاءِ چيو ته پنجاب ۽ هن جي جماعت کي خبر نه هئي ته اجتماع سياسي شڪل اختيار ڪري ويندو. اسان کي اختيار وارن چيو ته اسان ڪجهه وقت لاءِ مسجدن تائين محدود رهون ته اسان رهنداسين ڇو جو هر ماڻهو وائرس کان محفوظ رهي پوءِ اهو ڪنهن به مذهب سان واسطو رکندڙ هجي
سنڌ ۾ تبليغي جماعت ڪيس
سنڌ جي صحت کاتي پهرين رپورٽ ڪيو ته 70 کان مٿي تبليغي ميمبر ۾ ڪروناوائرس ٿي آهي جنهن تي ڪجهه مذهبي گروپن اختلاف ڪيو ۽ چيو ته تبليغي جماعت جو نالو ميڊيا تي ڇو پيو ڏنو وڃي، جيتوڻيڪ اهي ئي مذهبي گروپ ڪڏهن به شيعه زائرين لاءِ اختلاف نه رکيو ته انهن جو نالو ميڊيا تي ڇو ٿو رکيو وڃي
سنڌ جوصحت کاتي جي ميڊيا صلاحڪار عاطف ويگهيو جو چوڻ هو ته صحت کاتي پنهنجي هڪ پاليسي جوڙي آهي ته اهي ڪنهن به مرضي جو مذهب ظاهر نه ڪندا ڇاڪاڻ جو وائرس سڀني کي لڳي ٿي ۽ اسان مذهب جي بنياد تي ڪنهن کي به الڳ ڪري پيش نه ڪنداسين
دي رائيز نيوز عاطف ويگھيو کان پڇيو ته هن وقت تائين ڪيترا تبليغي وائرس کان متاثر ٿيا آهن انهن جي انگ اکر ڏيندوء. هن انڪار ڪيو ته مذهب جي بنياد تي ڪي به انگ اکر نه ڏينا ويندا
سوشل ميڊيا جي اڪائونٽ تي زارئرين ۽ رائونڊ جي حوالو ڏينل آهي
سيوهڻ شهر ۾ پوليس 35 تبليغين کي گرفتار ڪندي 17 ڄڻن کي قرنطينه ۾ رکيو ۽ 18 ڄڻن کي آئيسوليشن وارڊ ۾ موڪلي ڇڏيو. حيدرآباد شهر ۾ ئي تبليغي جماعت جي ميمبرن کي ڪروناوائرس ٿي آهي
قرنطينه ۾ رکيو ۽ 18 ڄڻن کي آئيسوليشن وارڊ ۾ موڪلي ڇڏيو. حيدرآباد شهر ۾ ئي تبليغي جماعت جي ميمبرن کي ڪروناوائرس ٿي آهي
قرنطينه ۾ رکيو ۽ 18 ڄڻن کي آئيسوليشن وارڊ ۾ موڪلي ڇڏيو. حيدرآباد شهر ۾ ئي تبليغي جماعت جي ميمبرن کي ڪروناوائرس ٿي آهي
دي رائيز نيوز سرڪاري انگ اکر حاصل ڪيا جن مطابق ته 4107 تبليغي جماعت جي ميمبرن کي آئيسوليشن وارڊ ۾ رکيو ويو آهي ۽ سنڌ جي 25 شهرن ۾ جماعت جي مرڪزن کي آئيسوليشن سينٽر ۾ تبديل
سنڌ جي انفارميشن وزير سيد ناصر حسين شاهه هڪ ويڊيو پيغام ۾ تبليغي جماعت جي ميمبر کي گذارش ڪئي آهي ته اهي جتي آهن اتي رهن ۽ مقامي انتظاميا انهن جي پوري مدد ڪندي
بريسٽر ۽ ڪالمنگارضمير گهميرو وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته تبليغي جماعت کي روڪي سگهجي پيو جيڪڏهن وفاقي حڪومت لاڪ ڊائون پوري ملڪ ۾ لڳائي ها پر انهن انتهائي سستي سان ڪم ڪيو آهي جنهن ڪري ئي تبليغي جماعت جا ماڻهو پوري ملڪ ۾ پکڙجي ويا آهن
Support The Rise News click here to donate