لياري ۾ هندو مهشوري ڪميونٽي جن جي گهڻائي مزدور طبقي سان لاڳاپيل آهي انهن کي اهو چئي راشن نه ڏنو ويو ته اهي هندو آهن
سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون ڪري اعلان ڪيو هو ته مزدورن کي گهر تائين راشن پهچايو ويندو ان جي ذميواري مقامي ايڊمينسٽريشن ۽ اين جي اوز کي ڏني وئي
لياري ۾ راشن ورهائڻ جو ڪم سيلاني تنظيم ڪري رهي هئي جنهن هندو هجڻ جو چئي راشن نه ڏنو
مزدور عورت جو چوڻ هو ته اسان قطار ۾ بيٺل هئاسين اسان کي ڏسي چيو ويو ته توهان قطار کان ٻاهر بيهو. اسان سوچيو ته شايد اسان کي بعد ۾ راشن ڏين جڏهن راشن ورهائجي ويو ۽ اسان کي نه ڏنو ويو ته اسان پڇيو، اسان کي راشن ڇو نه ڏنو ويو آهي ان جي موٽ ۾ سيلاني وارن جواب ڏنو، هي راشن صرف مسلمان لاءِ آهي توهان هندن لاءِ ناهي
Read More: لاڪ ڊائون: کائڻ لاءِ ڪجهه به نه پر درگاهه تي ماڻهو جو ميڙ
سماجي ڪارڪن ويراڳ مهشوري ٻڌايو ته هتي پورو مزدور طبقو رهي ٿو ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ آهن لاڪ ڊائون سبب ڪم ڪار به ناهي جڏهن سنڌ حڪومت طرفان اعلان ٿيو ته راشن ڏنو ويندو ته پوءِ مزدورن جيڪي لياري ۾ رهن ٿا انهن سيلاني وارن سان رابطو ڪيو جڏهن انهن کي اها خبر پئي ته هي غيرمسلم آهن، انهن ڪو صحيح جواب ئي نه ڏنو. اسان جي ماڻهن طئي ڪيو ۽ انهن جي هيڊ آفيس ويا جتي راشن ورهائي رهيا هئا
هن وڌيڪ ٻڌايو ته پهرين انهن اسان جا شناختي ڪارڊ ڏٺا ۽ چيو ته هي راشن صرف ڪراچي وران لاءِ آهي اسان پڇيو، لاڪ ڊائون واري صورتحال ۾ اسان ڪيئن ٿا ڳوٺ وڃي سگهون؟ سنڌ حڪومت راشن هر مزدور لاءِ ڏنو آهي پوءِ هو ڪٿي به رهي. هن لياري جي يو سي ميمبر سان به رابطو ڪيو جنهن مدد نه ڪئي پر اهو چئي ڏنو ته مزدور هتي جو ووٽر ناهي
ويراڳ مهشوري ٻڌايو ته مان ڪراچي ۾ ٻه بيهارا ووٽ داخل ڪري چڪو آهيان هن جي گهرواري نجمه مهشوري (هن جي والدين هن تي مسلم نالو رکيو) ٻڌايو ته اسان هر هڪ گذارش جو پيغام موڪلي رهيا آهيون ته هنن مزدورن جي ڪير اچي مدد ڪري. لاڪ ڊائون ڪري انهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. جتي دنيا ڪرونا وائرس خلاف وڙهي رهي آهي. اتي اسان کي هندو چئي ڪري الڳ ڪيو پيو وڃي. مان پريشان آهيان ته مزدورن جي ٻارن لاءِ سڀاڻي کائڻ لاءِ کاڌو ڪٿان ايندو
سماجي ڪارڪن راج ڪمار سوال ڪندي چيو ته جيڪڏهن سڀاڻي ويڪسين ڪو غير مسلم تيار ڪري ٿو ته ڇا سيلاني جا ورڪر ويڪسين هڻندا يا انڪار ڪندا. هاڻي راشن تي به مسلم ۽ غير مسلم جو نالو ڏنو ويو آهي. اسان وٽ هي مسئلو ٻه قومي نظريي ڪري آ جنهن ۾ هندو کي دشمن سمجهيو وڃي ٿو
سنڌ حڪومت جو وزير امتياز احمد شيخ هن وقت ريليف ورڪ جي ڪميٽي کي به ڏسي رهيا آهن انهن اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪندي چيو ته اسان انهن تائين جلدي سان راشن پهچائينداسين. ڪنهن کي اها اجازت ناهي جو هو راشن مذهب جي بنياد تي ورهائي
ويراڳ مهشوري گذارش ڪندي چيو ته هندو ۽ اهي جيڪي مدد ڪري سگهن ته اسان جي ماڻهن جي مدد ڪن جن جي ٻارن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي
Support The Rise News click here to donate