بلوچستان جي علائقي ڪيچ سان تعلق رکندڙ صحافي ۽ دي نيوز اخبار جو اڳوڻو ڊيسڪ ايڊيٽر ساجد حسين سوئيڊن مان مارچ کان لاپتا آهي
ساجد جي ڀاءُ واحد بلوچ بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته ساجد سوئيڊن جي اُپسالا يونيورسٽي ۾ ماسٽرز جو ڪورس ڪري رهيو هو. ان ڪري هن اسٽاڪ هوم کان هڪ ڪلاڪ مفاصلي تي شهر اُپسالا ۾ هڪ ڪمرو مسواڙ تي ورتو
پر هلندڙ مهينو 2 مارچ کان ساجد هاسٽل ۾ منتقل ٿيڻ کان پوءِ لاپتا آهي. ان جي دوستن پوليس ۾ 3 مارچ تي رپورٽ درج ڪرائي ۽ مقامي پوليس 5 مارچ کان ڪم شرو ڪيو
سٽاڪ هوم پوليس جي ترجمان جي مطابق ان وقت پوليس ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي ۽ وڌيڪ تفيصل تفتيش پوري ٿيڻ کان پوءِ خاندان کي ڏني ويندي. پوليس جي ترجمان مطابق هاسٽل جي ڪمري مان ساجد جو بيگ ۽ ليپ ٽاپ مليو آهي جيتوڻيڪ سفر جا ڪاغذات مثلن پاسپورٽ ۽ ٻيا اهم ڪاغذات غائب آهن
جڏهن ته جانب سٽاڪ هوم ۾ مسنگ پرسنز تي ڪم ڪندڙ اداري سان واسطو رکندڙ جيني جوهينسن ۽ ان جي ساٿين 2 مارچ کان هن وقت تائين هاسٽل ۽ شهر جي آسپاس جهنگ ۽ ندين ۾ به تلاش جاري رکي آهي
ساجد جي گمشدگي جي خبر اپسالا يونيورسٽي جي ايراني زبان جو پروفيسر ڪرينا جهاني 2 مارچ تي پوليس کي ڏني. ڪرينا ۽ ساجد گذريل ڪجهه مهينن کان بلوچي ۽ انگريزي زبان ۾ لغت تي ڪم ڪن پيا
بي بي سي سان ڳالهائيندي پروفيسر ڪرينا چيو ته ساجد هڪ انتهائي بهتر ۽ وقت جو پابند هو. ان کي مان 2 مارچ تي سڪائپ تي ڪال کي پر جواب نه مليو – مون کي پريشاني ٿي ڇاڪاڻ جو مون کي هُن جي سوئيڊن اچڻ جي سبب جي خبر هئي
ڪرينا ٻڌايو ته پوليس انهن کي چيو ته ساجد شايد ڪجهه وقت لاءِ ڪيڏانهن هليو ويو هجي پر ساجد جا دوست ۽ مان گهڻو پريشان ٿي وياسين ۽ اسان ڪيس رجسٽر ڪرڻ تي زور ڀريو. ڪرينا جي مطابق ته پوليس انهن کي ٻڌايو ته 2 مارچ تي ساجد جي بينڪ اڪائونٽ مان پئسا ڪڍيا ويا. پوليس ان کان وڌيڪ ٻڌائڻ نه ٿي چاهي. ان سان گڏوگڏ ڪرينا اهو به ٻڌايو ته سوئيڊن ۾ پرائويسي جو قانون انتهائي سخت آهي مثال طورتي جيڪڏهن سڀاڻي مان لاپتا ٿي وڃا ٿي ته پوليس منهنجي گهرواري کي به اڪائونٽ جي ڄاڻ نه ڏيندي
واجد بلوچ جو چوڻ ته ساجد ايترو غيرذميوار نه ٿو ٿي سگهي جو هو گهروارن کي بينا ٻڌائڻ جي ايترو عرصو ڪيڏانهن هليو وڃي. واجد چيو ته اسان کي پوليس جي تحقيقات جي پوري ٿيڻ جو انتظار آهي پڻ جيستائين ڪجهه معلوم نه ٿئي خوف پهلائڻ نه پئي چاهيون پر جڏهن معلومات سامهون نه آئي ته پوءِ اسان سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ذريعي ساجد جي دوستن، صحافين ۽ بلوچي ادبي حلقي ۾ موجود ۾ ماڻهن کي ساجد جي گمشدگي جي بابت ٻڌايو
ساجد حسين ڪراچي ۾ ڊيلي ٽائمز ۽ پوءِ دي نيوز اخبار ۾ 2008 کان 2012 تائين ڪم ڪيو. ساجد جي ڀاءُ ٻڌايو ته 2012 ۾ ساجد پنهنجي جان بچائڻ خاطر جلدي ۾ ملڪ ڇڏي عمان ۾ پناهه ورٿي. ساجد جي دوست تاج بلوچ جي مطابق ته ساجد جي خاندان ۽ دوستن جي جبري طورتي گمشدي ۽ قتل ٿيڻ جي نتيجي ۾ ساجد ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو
ان جي دوست جي مطابق ته ساجد ملڪ ۾ رهندي هن کي پنهنجي زندهه رهڻ جي اُميد نه هئي. ان ڪري هن عمان وڃڻ کان پهرين پنهنجي لکندڙ ڪتاب جو پهريون باب دوست کي اي ميل ڪيو ۽ چيو ته هي باب ان جي ڌيءَ تهير کي تڏهن ڏئي جڏهن هو ارڙهن سالن جي ٿي وڃي. ٻن سال عمان ۾ رهڻ کان پوءِ ساجد دبئي ۽ اتان کان يوگانڊا هليو ويو. ان دوران ساجد هڪ ٽرانسپورٽ ڪمپني ۾ ڪم ڪيو ان دوران ساجد پنهجي صحافتي ڏينهن کي ياد ڪندي صحافي کان ٽرانسپورٽر تائين جي سفر تي هڪ مضمون به لکيو
ساجد 2017 ۾ سوئيڊن ويو جتي هِن اُپسالا يونيورسٽي ۾ ايراني زبان ۾ ماسٽرز ڪري رهيو آهي. ساجد 2019 ۾ سوئيڊن ۾ پناهه وٺڻ جي درخواست ڪئي جيڪا قبول ٿي وئي. مارچ جي پهرين مهيني کان ساجد پنهنجي دوست سان گڏ سٽاڪ هوم ۾ رهيو ۽ اُپسالا اچڻ جو فيصلو هن يونيورسٽي ويجهو هجڻ ڪري ڪيو
ساجد پنهنجي گهرواري ۽ ڌيءَ جو سوئيڊن ۾ منتقل ٿيڻ انتظار هو. ڪراچي ۾ دي نيوز جي سينيئر ايڊيٽر طلعت اسلم بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته ساجد هڪ باصلاحيت ۽ قابل انسان هو. ان جو اوچتو ملڪ ۽ صحافت ڇڏي ڏيڻ اسان سڀني کي گهڻو افسوس ٿيو
هن وقت ساجد آن لائن اخبار بلوچستان ٽائمز جو ايڊيٽر اِن چيف آهي
بي بي سي جي ٿورن سان: سوئیڈن سے پاکستانی بلوچ صحافی ساجد حسین لاپتہ