دنيا جنت ٿيڻي ناهي
پوءِ به دوزخ تي لعنت – شيخ اياز
مان ڪجهه ڏينهن کان سوچي رهي هوس ته ڪجهه لکان ۽ اڄ شيخ اياز جا ٻول ذهن جي در تي دستڪ ڏنا. ڪڏهن اسان ڪجهه به ناهيون سوچڻ چاهيندا پر پوءِ اندر ۾ ڪو اوڌام مچيل رهي ٿو ائين جيئن ڪنهن خاموش وڻ تي پکي مسلسل ڳالهائيندا رهن ٿا۔
اسان جي اندر جي وڻ تي به خيال ڪنهن پکي جيان اچي خاموش کي ٽوڙن ٿا – ڪيتري عرصي کان پوءِ ڪالم لکڻ لاءِ سوچيو آهي مون کي خبر ناهي پر اڄ مان رپورٽنگ جي چڪر کي ٿوري دير لاءِ بريڪ ڏئي ڪاغذ تي اندر جي ڳالهه لکڻ چاهيان ٿي۔
مان اهو نه لکندس ته دنيا جي جهول مان ڪيتريون زندگيون پنهنجي ساهه جي ڏور ٽوڙي ويون يا وري دنيا جي گولي کي ڏسندي ته ڪيترا ملڪ نئين آيل وباء ڪرونا وائرس ڪري وڪوڙي جي ويا آهن، ڪير ان مان بچيل آ يا نه آسمان جي هيٺان ڪرونا وائرس جي پڪڙ ۾ انسان وٺجي ويو آهي هو ڪيترو به چاهي پر ان جي پڪڙ ڪمزور ئي نه ٿئي. ان سڀ ڪجهه باوجود مون کي دنيا جي وڏن جهنگ ۾ لڳل باهه سبب معصوم جانور جن جون زندگيون رک ۾ تبديل ٿي ويون … دنيا ۾ موسم تبديل ٿئي رهيو آهي ان کي بچايو … ان تي ڪنهن ڌيان ڏنو. اسان کي پنهنجون ڪوتاهيون قبول ڪرڻيون پونديون
دنيا کي جنت ٺاهڻ پري جي ڳالهه رهي انسان دنيا کي پنهنجو ڪڏهن مڃيو به آهي؟ اسان سڀئي پنهنجو پاڻ کان سوال ڪريون ته دنيا جي گهر کي بچائڻ لاءِ ڪهڙو يا ڪيترو ڪردار ادا ڪيو؟ دنيا جي حڪمران رڙيون ڪري چئي رهيا آهن ته پنهنجن گهرن تائين رهو، جيئن ڪرونا وائرس جي تيز لهر کي جهڪو ڪري سگهجي ان ڳالهه تي ڪي عمل ڪري رهيا آهي ته ڪري وري پاڻ کي مذهب جي ڇانوَ ۾ بيهاري، پنهنجو پاڻ کي اعليٰ پيش ڪن پيا، انهن کي ڪجهه نه ٿيندو ڇو جو انهن جو ايمان سڀني کان وڌيڪ اتم آهي
هاڻي ڪير وڃي انهن کي ٻڌائي ته ڪرونا وائرس وٽ ڪو وقت ناهي جو هو ويهي ڪري توهان کي ٻڌي ۽ فيصلو ڪري ته مان هن ماڻهو کي ڇڏيان ۽ هُن کي ماريان. هي هڪ گلوبل وباء آهي جنهن جي وڪوڙ ۾ سڀئي اچي رهيا آهن
جيڪي ان خوشفهمي ۾ مبتلاء آهن ته ڪجهه نه ٿيندو ته پوءِ انهن جي دل تي چڙهيل دز کي لاهڻ لاءِ جهنگ ۾ لڳل باهه ۾ مري ويل جانورن جون تصويرون به ڪجهه نه ڪري سگهنديون
اهي قدرت جي ديوي جو پيغام ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن ته انسان دنيا سان ڪهڙو حشر ڪيو آهي. پر ڇا ڪجي دنيا جي سيني تي انسانن جا خدا الڳ آهن ۽ وري انهن مان ڪن اهو طئي ڪري ڇڏيو آ ته اهي هر نسل کان اعليٰ آهن ان ڪري مجال آ جو ڪرونا وائرس انهن کي هٿ به لاهي سگهي
توهان ان انسان سان ڳالهائي سگهو ٿا جنهن وٽ اکيون ناهن پر جنهن وٽ عقل ئي نه هجي ان سان ڇا ڳالهائيندوء اهي توهان کي سمجهڻ ئي نه چاهيندا ڇو جو انهن جي مٿي مٿان لکيل هوندو ته هتي سوچڻ منع آهي
توهان ان انسان سان ڳالهائي سگهو ٿا جنهن وٽ اکيون ناهن پر جنهن وٽ عقل ئي نه هجي ان سان ڇا ڳالهائيندوء اهي توهان کي سمجهڻ ئي نه چاهيندا ڇو جو انهن جي مٿي مٿان لکيل هوندو ته هتي سوچڻ منع آهي
هاڻي مثال وٺو ملڪ جي حڪمران عمران خان جو جنهن قوم سان خطاب ڪندي چيو ته ڪرونا وائرس هڪ معمولي زڪام آهي. ڪاش! هو پنهنجي ڀر ۾ موجود موبائيل فون تي ٻن منٽن لاءِ ئي WHO جي ويب سائيٽ تي دنيا جا ملڪ ڏسي ها جن جو عوام ڪرونا وائرس ڪري زندگي کي هميشه لاءِ الوداع چئي ڇڏيو
هاڻي توهان ان عام ماڻهو کي ڪيئن ميار ڏيندوء جتي اقتدار جي محل ۾ موجود حڪمران ائين ڳالهائين ۽ ٻئي پاسي مذهب کي اڳيان ڪري چون ته انهن کي ڪجهه نه ٿيندو ته پوءِ دنيا کي دوزخ تبديل ڪرڻ ۾ اڃا ڪيترو وقت لڳندو. جيڪي سچ قبول نه ٿا ڪن ۽ پنهنجي خوشفهمي ۾ آهن ته ڪرونا وائرس ڪجهه به نه ڪندي
اڃا اهڙن بوگس سوچ رکندڙن کي ڪيترا لاش گهرجن جو اهي اهو سمجهي سگهن ته ڪجهه ماڻهن جي ڪوتاهين ڪري دنيا کي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، ڪرونا وائرس ڪنهن هڪ دائري تائين محدود رهندڙ ناهي اها پوري دنيا کي گِرفت ۾ ڪري رهي آهي
جيڪڏهن ڪجهه ماڻهن جو ٽولو بهتري نه ٿو آڻي سگهي ته انهن کي اهو حق ناهي جو هو دنيا کي تباهه ڪري ڇڏي
هي وقت انسانن جي مدد ڪري اندر جي انسانيت کي نئون جيون ڏيڻ جو آهي. جيڪڏهن انسان اڃا به انسانيت جي معنيٰ کي نه سمجهيون ۽ دنيا کي پنهنجو نه ڪيو ته پوءِ هن وباء کان ڪير به بچي نه سگهندوء جيڪڏهن کڻي ڪير بچي به وڃي ته پوءِ به اهڙي زندگي جنهن ۾ انسانيت جو روح نه هجي ان جو ساهه ٻئي زندگي کي نئون جيون دان نه ڏئي سگهندو
توهان پنهنجي گهر جي چوکٽ تي ويهي خاموش روڊن ۽ دري کان ٻاهر وڻن کي ڏسو جيڪي سڀئي هڪ ئي آواز ۾ چئي رهيا آهن ته
اي انسان! تون دنيا کي ڪٿي پهچائي ڇڏيو
۽ تو دنيا جهڙي بهترين تخليق کي
ڪيترو نه بگاڙي ڇڏيو – هيلينا
خير! اهو سچ ئي آهي ته اسان دنيا کي دوزخ ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪا قسر ناهي ڇڏي هاڻي به قدرت جي ديوي کي نه ٻڌو ۽ دنيا کي نه بچايو ته پوءِ موت زندگي جي چوکٽ تي دستڪ ڏئي رهيو آهي جنهن جي هٿ ۾ ڪا پرچي ناهي ته هِن کي بچايو ۽ هُن کي ماريو
Support The Rise News click here donate
- بحريا ٽائون سنڌ جي زمين کان وٺي تاريخي ورثي کي قتل ڪندڙ - 11.25.2023
- شهيد افضل لنڊ! ايندس مان واپس ايندس ضرور - 09.12.2023
- زين شاهه: گهر گهر ۾ گوليون فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳولهيون - 09.07.2023
- فاطمه: تنهنجو قاتل ڪير؟ - 08.24.2023
- ديا ڀيل ڪيس: ها هوءَ سنڌي هندو هئي - 03.29.2023
- ٻڏيلن جو ڪو به سهارو ناهي - 09.05.2022
- ڇا حق گهرڻ بي غيرتي ۽ بي شرمي آهي؟ - 06.16.2022
- ڪريما بلوچ: تون مرڻي ناھي - 12.23.2020
- ڇا سنڌ ۽ بلوچستان وفاق جون ڪالونيز آھن؟ - 10.15.2020
- !دنيا جنت ٿيڻي ناهي - 03.28.2020