پاڪستان جي صحت جي نظام کي تفتان بارڊر تي موجود زائرين واکو ڪري ڇڏيو ته ملڪ ۾ ڪيترو بهتر صحت جو نظام آهي. حڪومت تفتان بارڊر تي زائرين کي بهتر نموني نه ڏٺو جنهن ڪري سنڌ ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا ڪيس وڌيا
سنڌ حڪومت ڪرونا وائرس کي روڪڻ لاءِ شروع ڏينهن کان قدم کنيا ۽ هن وقت تائين پاڪستان ۾ 1331ڪورونا وائرس جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن ۾ سنڌ ۽ پنجاب ٻين صوبن کان وڌيڪ ڪيس آهن هن وقت تائين ڪرونا وائرس ۾ 9 ماڻهو زندگي تان هٿ کڻي ڇڏيو
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان وٽ صحت جي حوالي سان ڪو بهتر نظام ناهي ان حوالي سان گذريل سال ئي ڏسو سنڌ ۾ HIVs جا ڪيس ٿيا هئا جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت صحت جي سسٽم کي بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن صوبي ۾ 473 اسپتالون ٻين صوبن کان وڌيڪ آهن
پر اڃا صوبي ۾ صحت جي حوالي سان وڌيڪ بهتر ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. مثال طور: سنڌ ۾ ڪتي جي چڪ هڻڻ جي ويڪسين نه هئي جنهن سبب ڪيترائي ٻارڙا موت جي منهن ۾ هليا ويا. ان ۾ سنڌ صوبو اڪيلو ناهي پوري ملڪ ۾ صحت جي حوالي سان ڪو چڱو نظام ناهي
Read More: لاڪ ڊائون: کائڻ لاءِ ڪجهه به نه
اهڙي بوگس صحت نظام ۾ پاڪستان ڪرونا وائرس سان ڪيئن ويڙهي سگهندو جتي ترقياتي ملڪ مريضن کي چڪاس ڪرڻ لاءِ وازار جي کوٽ کي منهن پيا ڏين اتي سنڌ خاص طورتي ڪراچي جهڙو شهر جتي آبادي گهڻي آهي ڪيئن منهن ڏيندا
ايستائين جو صوبي جي وزيراعليٰ مراد علي شاهه جي حڪم کي ٻڌو آڻٻڌو ڪيو وڃي ٿو. ذريعن مطابق ته ڪرونا وائرس جا ڪيترائي ڪيس رپورٽ به نه ٿيا آهن
ڊاڪٽر نردوش جو چوڻ ته توهان وٽ اهي ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جيڪي ٻاهر کان ٿي آيا يا وري بيماري سبب اسپتال ۾ علاج ڪرڻ آيا. جڏهن ته حڪومت عام ماڻهن جي اسڪرينگ ڪئي ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ماڻهن کي ڪرونا وائرس جون نشانيون نه هجن پر ان کي ڪرونا وائرس ٿي سگهي
اهو انتهائي ضروري آهي ته عام ماڻهن جي چڪاس ڪئي وڃي
ڊاڪٽر نردوش ڪرونا وائرس جي ميڊيڪل اوزارن تي ڳالهائيندي چيو ته حڪومت وٽ وينٽيلٽر ئي نه پر اسڪرينگ اوزار به ناهن ايترو ئي نه پر ڊاڪٽرن وٽ سرجيڪل ماسڪ نه هجڻ برابر آهن. هن چيو ته ڪرونا وائرس نيئن وباء آهي ڪيترون ڊاڪٽرن کي ان جي حوالي سان ڪا بهتر تربيت ناهي. ان جي باوجود به ميڊيسن فيزيشن سکي رهيا آهن
جيتوڻيڪ ايمرجنسي جهڙي صورتحال ۾ تياري ناهي. ڪورونا وائرس جي مريضن جي چڪاس لاءِ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو هو ته سنڌ حڪومت جلدي سان ڪٽس گهرائيندي ته جيئن وڌيڪ بهتر علاج ڪيو وڃي
ڊاڪٽر فيصل محمود سنڌ حڪومت جي قدم کي سرهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت ڪرونا وائرس جي خلاف وڙهڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ڪرونا وائرس هڪ عالمي مسئلو آهي
سنڌ صوبي ۾ آئسوليشن وارڊز ٺاهيا ويا آهن ڪراچي ۾ 10 هزارن تي مشتمل بيڊ ايڪسپو سينٽر ۽ ٻين شهرن جيئن حيدرآباد، سکر، ۽ خيرپورٽ ۾ ٺاهيا ويا آهن
ڊاڪٽر نردوش آئسوليشن وارڊز جي حوالي سان جو چوڻ هو ته اسان وٽ جيئن آئسوليشن وارڊز هجڻ گهرجن جيئن مرضي جو بهتر علاج ٿي سگهي پر هتي صرف بسترا لڳا ويا آهن جن سان ڊاڪٽر مرض جو بهتر علاج نه ڪري سگهندا. مان ايمانداري سان توهان کي ٻڌائيندس ته ملڪي سطح تي اسان هن وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري طرح سان تيار ناهيون
Support The Rise News click here to donate