دادو شهر جو رهواسي نادر علي کوسو جيڪو مزدور آهي هو لاڪ ڊائون سبب پنهنجي گهرڀاتين لاءِ چئن ڏينهن کان کائڻ لاءِ ڪجهه به نه وٺي سگهيو هن جو چوڻ ته
”گهر ۾ چئن ڏينهن کان کائڻ لاءِ ڪجهه به ناهيان کڻي ويو. لاڪ ڊائون ڪري هڪ رپيو به نه ڪمائي سگهيو آ.“
سنڌ حڪومت صوبي ۾ 23 مارچ تي لاڪ ڊائون لاڳائڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن کي تقريبن چار ڏينهن ٿيڻ تي اچن پيا جيتوڻيڪ اهو انتهائي مشڪل فيصلو هو. ملڪ جي ٻين صوبين وزيراعليٰ جي فيصلي جي پيروي ڪندي پنهنجن صوبن ۾ به لاڪ ڊائون لڳائي ڇڏيو
سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاهه هي فيصلو ڪرونا وائرس کي روڪڻ لاءِ کڻندي عوام سان وعدو ڪيو ته مزدورن کي گهر تائين کاڌو پهچايو ويندو سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جا گهڻا ڪيس ڪراچي ۽ سکر مان رپورٽ ٿيا آهن. سکر مان به اهي رپورٽ ٿيا جيڪي تفتان، بلوچستان کان سنڌ ۾ آيا
سکر جي قرنطينا جي حوالي سان شڪايتون رپورٽ ٿيون هيون جن کي سنڌ جي وزير اويس شاهه پوري طرح سان رد ڪندي چيو ته اسان هتي موجود ماڻهو کي هر سهولت مهياء ڪري رهيا آهيون
سنڌ ۾ ميڊيا تي ڪراچي، حيدرآباد، ۽ سکر شهر رپورٽ ڪيا ويندا آهن ته اتي صوبائي حڪومت ڪيئن ڪم ڪري رهي آهي جيتوڻيڪ ٻيا شهر گهٽ ميڊيا تي آيا آهن هن لاڪ ڊائون ۾ ننڍن شهرن ۾ گهڻو متاثر ٿيندڙ غيرمسلم آهن جن کي مشڪل سان امدادي سامان ملي
ٺٽي شهر جي مقامي ماڻهو جو چوڻ هو ته ”اسان جا ماڻهو ڳوٺن ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪندا اهو نه ڏٺو ويندو ته توهان جو مذهب ڪهڙو آهي پر هن موجوده حالتن ۾ ٺٽي شهر ۾ مزدورن جي مدد جي حوالي سان ڏکائي پيش اچي پئي ڇاڪاڻ جو ماڻهو گهر ۾ موجود آهن“
سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاهه جي پنهنجي شهر سيهوڻ ۾ پٺاڻ ڪافي، درگاهه ڀرسان لنگر هلائي رهي آهي جتي ماڻهن جي گڏ ٿين ٿا ۽ کاڌو وٺن پيا. سيهوڻ جي رهواسي نالو نه ظاهر ڪرڻ جي صورت ۾ ٻڌايو
اسان پڙهندڙن کي ياد ڪرائيندا هلون ته سنڌ حڪومت ڪجهه ڏينهن اڳ درگاهن کي بند رکڻ جو حڪم ڏنو هو ته جيئن ماڻهن جو ميڙ گڏ نه ٿئي
مقامي آفيسر سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاهه جي ڳالهين تي ڌيان نه ٿا ڏين. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اهي مقامي آفيسرن کي پابند بڻائين جو هو مزدورن جي مدد ڪن
ايڇ آر سي پي جو ميمبر اسد اقبال بٽ جو چوڻ هو ته عام شهرين کي اڳيان اچن ۽ مزدور ماڻهن جي مدد ڪن. يقينن صوبائي حڪومت آساني سان وڏن شهرن ۾ مزدورن تائين پهچ حاصل ڪري ويندي پر انهن لاءِ شايد ڏکيو هجي ته ننڍن شهرن تائين مزدورن تائين پهچن. ڪرونا وائرس عالمي مسئلو آهي اسان سڀني کي گڏجي ان خلاف وڙهڻو پوندو
هن سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون واري قدم کي گهڻو سرهايو ۽ چيو ته ڪرونا وائرس کي روڪڻ لاءِ اهو ئي بهتر قدم آهي جيڪو صوبائي حڪومت کنيو. ايترو ئي نه پر وزيراعليٰ مراد علي شاهه سماجي ڪارڪنن کي به پنهنجي ٽيم ۾ کنيو آهي ته جيئن فنڊ ۽ کاڌو پهچائڻ جي عمل کي بهتر ڪري سگهجي
پرديپ ڪمار دادو شهر جو رهواسي جو چوڻ ته 488 خاندانن جي مدد ڪرڻ واري ڪو به ناهي نه ڪو مقامي آفيسر نه کي هندو وزير جيڪي هن مشڪل گهڙي ۾ انهن خاندانن جي مدد ڪري سگهن
اسد بٽ صوبائي حڪومت کي صلاح ڏيندي چيو ته صوبائي حڪومت کي مزدورن تائين کاڌو پهچائڻ واري ڪم کي وڌيڪ بهتر ڪرڻو پوندو
دي رائيز نيوز سنڌ جي وزيراعليٰ جي ميڊيا پرسن راشد چنا کان بيان وٺڻ جي لاءِ رابطو ڪيو پر ان جي طرفان ڪا به موٽ نه ڏني وئي
Support The Rise News click here to donate