ڪورانا وائرس جا ڪيس ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن هن وقت تائين ڊبليو ايڇ او جي مطابق ته ڪيس 249،110 – موت جو انگ 4،827 ۽ پوري دنيا ۾ متاثر ٿيندڙ ملڪ 186 آهن
جڏهن ته پاڪستان ۾ هينئر تائين 804 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن گهڻا ڪيس ٻاهر کان ايندڙ ڪري ٿيڻ جو خدشو ٻڌايو وڃي پيو. سنڌ ۾ ٻين صوبن جي نسبت وڌيڪ ڪيس ٻڌايا وڃن پيا جيتوڻيڪ سنڌ پهرين ڏينهن کان وائرس کي روڪڻ لاءِ اُپاءُ وٺندي رهي پر ان جي باوجود به 300 کان مٿي ڪيس آهن
پاڪستان ۾ هر ڏينهن ڪيس وڌندا پيا وڃن انهن ڪيس ۾ گهڻا ڪيس اهي آهن جيڪي تفتان ۽ ٻين ملڪن کان آيا جن جو وفاقي ۽ بلوچستان حڪومت ڪا بهتر چڪاس نه ڪئي
سنڌ حڪومت ان حوالي سان بلوچستان ۽ وفاقي حڪومتن چوندي رهي ته اهي ٻاهران ايندڙ ماڻهن جو ميڊيڪل چيڪ اپ پوري طرح سان ڪيو ويو پر تفتان تي ماڻهو کي نه ڪا سهولت ڏني وئي ۽ نه ئي وري ڪا بهتر طريقي سان ميڊيڪل چيڪ اپ ٿيو
ڪيسن ۾ واڌارو ڏسندي عوام وفاقي حڪومت کان گهُر ڪئي ته اهي ملڪ تي لاڪ ڊائون لاڳو ڪن ته جيئن ڪورونا وائرس کي روڪي سگهجي
سنڌ حڪومت جو صوبي تي لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ
سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاهه پهرين عوام کي گذارش ڪئي ته اهي ٽن ڏينهن تائين گهرن ۾ رهن پر عوام ٻڌو اڻٻڌو ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ صوبي جي وزيراعليٰ پوري سنڌ ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي جيئن ڪروناوائرس جي پهلاءُ کي روڪي سگهجي
ٻئي طرف پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان قوم کي خطاب ۾ چيو ته هو لاڪ ڊائون جو حڪم نه ٿو ڏئي سگهي ڇاڪاڻ جو معيشت متاثر ٿيندي. ان سان گڏوگڏ وزيراعظم نئون انڪشاف ڪندي چيو ته ڪرونا وائرس صرف زڪام آهي
ملڪ جي ٻين صوبن پنهنجو پاڻ تي لاڪ ڊائون لڳائي ڇڏيو آهي جڏهن ته ملڪ جي مخالف ڌر وزيراعظم کي صلاح ڏني ته هو وري به لاڪ ڊائون هڻي ڇاڪاڻ جو ڪرونا وائرس کي بچاءٌ جو اهو ئي بهتر قدم آهي
Support The Rise News click here to donate