روهڙي ويجهو لڱ ڪانڊاريندڙ حادثو، مسافرڪوچ ٽرين جي ٽڪر جي نتيجي ۾20ڄڻافوت ٿي ويا15ڄڻا زخمي 8جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌايو پيو وڃي ته ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ روهڙي ويجهو ڪنڌرا جي بيگماجي واري علائقي ۾ ريل جي پٽڙي ڪراس ڪندي ٽرين زد ۾ اچي وئي، ٽرين جي زوردار ٽڪر سبب مسافر ڪوچ پري وڃي ڪري ڪوچ ٽن ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي، جنهن بعد ريسڪيو ٽيمن پهچي 18 لاش ٻاهر ڪڍيا ويا، جڏهن ته خوفناڪ حادثي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿي پيا، جن کي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، حادثي واري هنڌ امدادي ڪارروايون جاري آهن، زخمين مان ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت نازڪ هئڻ ڪري فوتگين جو انگ وڌي 20 ٿي ويو جڏهن ته فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي فوتين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن
وفاقي وزير ريلوي، شيخ رشيد سنڌ حڪومت تي الزام هڻندي چيو ته ريلوي ڪراسنگ تي گيٽ ٺاهڻ جي ذميواري سنڌ حڪومت جي آهي. سنڌ حڪومت ريلوي ڪراسنگ کي بهتر بڻائي
صوبائي وزير ٽرانسپورٽ اويس قادري شاهه وفاقي حڪومت جي وزير جا الزام مسترد ڪندي چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي جو سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت جو ڪم ڪري. ريلوي کاتي وفاقي حڪومت جي وٽ آهي. اها انهن جي مٿان آهي ته اهي ريلوي ڪراسنگ جي نظام کي بهتر بڻائن. هن وڌيڪ چيو ته جتي هي حادثو پيش آيو اهو منهنجو تڪ آهي اسان وفاقي حڪومت کي مسلسل لکندا پيا اچون ته ريلوي ڪراسنگ کي بهتر بڻايو پر انهن اسان جي دانهن کي اڻٻڌو ڪندا رهيا آهن
مقامي ماڻهن جو چوڻ ته انهن وٽ ڪا به سهولت نه هجڻ جي باوجود، زخمين جي مدد ڪئي. انهن ريلوي انتظاميا تي تنقيدي ڪندي چيو، هن وقت تائين ريلوي لائن انگريزي دور کان ٺهيل آهن ۽ هڪ سائن بورڊ لڳل آهي ذريعن مطابق ته ٽرين پنهنجي مقرر وقت کان هڪ ڪلاڪ دير سان پهتي
Support The Rise News click here to donate