عمرڪوٽ: اسڪول جتي ڪا به سهولت ناهي ۽ جنهن اسڪول ۾ 315 ٻارڙا تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. پر حڪومت طرفان ڪا به توجه ناهي ڏني وئي. تقريبن 7 مهينن کان 10 استادن کي تنخواه ناهي ملي
ان حوالي سان دي رائيز نيوز آسو ڪولهي سان رابطو ڪيو هن جو چوڻ هو ته هوءَ ستن مهينن کان پنڌ ڪندي رهي آهي ته هن جي اسڪول جو مسئلو حل ڪيو وڃي. اسڪول ۾ ڪا به بنيادي سهولت نه هجڻ برابر آهي پڻ استادن کي ستن مهينن کان تنخواه ناهي ڏني وئي. جيڪڏهن استادن کي تنخواه نه ملندي ته پوءِ شاگردن کي ڪير پڙهندو؟
آسو ڪولهي، معذر هجڻ جي باوجود به هن پنهنجي همت نه هاري ۽ پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي جيتوڻيڪ ڪجهه ماڻهن ايترو به چيو ته هوءَ ڪجهه به نه ڪري سگهندي پر اڄ پنهنجي ننڍڙي علائقي ۾ پنهنجي والد جي نالي تي ڪمبومل پرائمري اسڪول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي مدد سان کوليو آهي جتي هن وقت ڪيترائي ئي شاگرد تعليم حاصل ڪن پيا
هوءَ شڪايت ڪندي ٻڌائي ٿي ته ڪيترن حڪومتي وزيرن ۽ ڪجهه ماڻهن واعدا ڪيا ته اهي مون جي تعليم جي مقصد کي سپورٽ ڪندا پر ڪنهن به مدد نه ڪئي
دي رائيز نيوز سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ريجينل هيڊ اشفاق حسين ميراڻي سان رابطو ڪندي اسڪول جي بابت سوال ڪيو جنهن تي هن ان ڳالهه جو اقرار ڪيو ته يقينن تنخواه جو مسئلو آهي پر اسان وٽ بجيٽ جو مسئلو هجڻ ڪري تنخواه ناهي ڏني
هن آسو ڪولهي جي ڪوشش کي سرهائيندي چيو ته هن جي اسڪول جي مسئلي کي 20 ڏينهن اندر حل ڪيو ويندو
آسو ڪولهي جو چوڻ هو ته سنڌ جي زمين سون آهي جيڪڏهن نوجوانن کي تعليم نه ڏني وئي ته پوءِ مستقبل اونداهو ٿي ويندو
Support The Rise News click here to donate