سالن جي ناري سان سيوهڻ عدالت جو سول جج زيادتي ڪئي. ايف آءِ آر درج ڪئي وئي ڏهن ڏينهن کان پوءِ سول جج کي معطل ڪيو ويو آهي
ان ڏينهن ناري کي عدالت ۾ اچي بيان ڏڻو هو ته هن شادي پنهنجي مرضي سان ڪئي آهي ۽ هوءَ پنهنجي گهرواري نثار بروهي سان رهڻ چاهي ٿي. ناري شهداد ڪوٽ جي اصل رهواسيڻ آهي. رپورٽ مطابق ته جج ڪورٽ ڪمري ۾ موجود هر فرد کي چيو ته هو ڪمري مان هلي وڃن ته جيئن ناري کان بيان وٺي سگهي ته هوءَ ڪنهن سان وڃڻ چاهي ٿي
ناري سان جج جي چيمبر ۾ ڇا ٿيو ان حوالي سان هوءَ بيان ڪري ٿي ته جج چيو ته مان ڪيڏانهن وڃڻ چاهيان ٿي جنهن جي موٽ ۾ مون جواب ڏنو ته مان پنهنجي گهرواري سان وڃڻ چاهيان ٿي. ان کانپوءِ هن چيو، ان جي لاءِ قرباني ڏينديءَ مان ها ڪئي، منهنجي منع ڪرڻ جي باجود به مون سان زيادتي ڪئي
جج ناري کي ڌمڪايو ۽ چيو ته ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪري. پوليس کي حڪم ڏنو ويو ته ناري کي وڃڻ ڏيو جنهن سان به گڏ وڃڻ چاهي ٿي
ناري پوري ڳالهه پنهنجي گهرواري کي بيان ڪري ٻڌائي. ناري جج خلاف ايف آءِ آر درج ڪرائي پر ايف آءِ آر ۾ سول جج جو نالو ناهي لکيو ويو ڄامشورو ايس ايس پي جو چوڻ ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ايف آءِ آر ۾ نالو درج ڪيو ويندو. ڊي اين اي جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي ويندي. ذريعن مطابق ته سپريم ڪورٽ واقعي جو نوٽس وٺندي ان تي رپورٽ موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي
Support The Rise News click here to donate