14 سالن جي هندو ناري جيڪب آباد ۾ اغوا ڪرڻ کانپوءِ جبري مذهب تبديل ڪيو ويو. ناري کي اغوا ڪندڙ 28 ڄمار جو علي رضا سولنگي آهي، مذهب تبديل کان پوءِ ناري جي شادي علي رضا سولنگي سان ڪرائي وئي
پوليس ٻن ڏينهن تائين ناري کي ڳولهاء ڪندي رهي جڏهن ته ناري جو مذهب شڪارپور جيڪو جيڪب آباد کان 41 ڪلوميٽر پري آهي اتي امروٽ شريف درگاهه ۾ مذهب تبديل ڪرايو ويو
ناري جو والد جي ڪمار جو چوڻ هو ته منهنجي ناري کي اغوا ڪندڙ علي رضا سولنگي آهي هن جون اڳ ئي ٻه شاديون ۽ چار ٻار آهن – هو پاڻ مزدوري ڪندڙ آهي. ان کي منهنجي ڌيءَ ڪيئن پسند ڪري سگهي ٿي؟
جبري مذهب تبديلي جا ڪيس گهڻو ڪري پنجاب ۽ سنڌ ۾ رپورٽ ٿيندا رهيا آهن
سنڌ ۾ گذريل ٽن مهينن دوران ٽن کان چار ناريون اغوا ٿيون آهن ۽ پوليس انهن کي بازياب ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي آهي
سنڌ حڪومت ٻارن جي شادي کي غيرقانوني قرار ڏيڻ لاءِ 2014 ۾ چائلڊ ميرج ايڪٽ پاس ڪيو. سنڌ حڪومت اهو ايڪٽ انجلي ڪماري ڪيس کان پوءِ آئيندو. انجلي ڪماري اغوا ڪئي وئي هئي ۽ عدالت ۾ اهو ثابت ٿيو ته ناري نابالغ هجڻ ڪري شادي نه ٿي ڪري سگهي – عدالت ناري کي پناهه گهر موڪلي ڇڏيو جيستائين هوءَ 18 سالن جي نه ٿي ٿئي جڏهن هوءَ 18 سالن جي ٿي وئي ناري کي ان ئي شخص سان گڏ وڃڻ ڏنو ويو جنهن ان کي اغوا ڪيو هو
جيتوڻيڪ اهو ڏٺو ويو آهي ته چائلڊ ميرج ايڪٽ کانپوءِ پوليس ماڻهن کي گرفتار ڪيو آ جيڪي نابالغ ٻارن جي شادي ڪرائن ٿا
چائلڊ ميرج ايڪٽ غير مسلم نارين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام
قانوندان امرناٿ چائلڊ ميرج ايڪٽ تي ڳالهائيندي چيو ته قانون تي عملدرآمد ان وقت ٿيندو جڏهن ٻئي غيرمسلم هوندا پر جيڪڏهن ناري غير مسلم ۽ مرد مسلم هوندو ته پوءِ ان تي عمل نه ٿيندو ڇو جو اسلام مذهب تبديلي جي اجازت ڏيڻ سان گڏوگڏ ننڍي ڄمار جي شادي کي به جائز قرار ڏنو آهي
غير مسلم برابر جا شهري ناهن ان ڪري هي قانون انهن تي اوئن لاڳو نه ٿا ٿين جيئن اڪثريت ٿي لاڳو ٿين پيا
سماجي ڪارڪن راجڪمار چيو ته جنهن ملڪ جي آئين ۾ غيرمسلمن لاءِ اڳ ئي امتياز ٿيل هجي. اتي اسان نه ٿا سمجهون ته انهن جا قانون اسان کي لاڀ نه ڏيندا
جيتوڻيڪ مقامي پوليس ايڪٽ تي عمل ڪندي مسلم ٻارڙين جي شادي کي روڪرايو آهي پر غير مسلم نارين جي اغوا ۽ شادي کي روڪرائي نه سگهي آهي
قانوندان ڪلپنا ديوي چيو ته ”جيڪڏهن مذهب تبديل ٿي ويو ته پوءِ ان کي واپس والدين ڏانهن موڪلڻ ممڪن ئي ناهي، نه ته ان کي واجب القتل قرار ڏين ٿا. جڏهن سوچ ئي اها هجي ته غير مسلم ناري جو مذهب تبديل ڪرڻ سان، سڌو جنت ۾ وينداسين، اتي اهڙا قانون ڪيئن عمل ۾ ايندا؟
انساني حقن جي کاتي جي سنڌ جي وزيراعليٰ جو اسسٽنٽ ويرجي ڪولهي قانون تي پوري طرح سان عملدرآمد نه ٿيڻ کي مڃندي چيو ته اسان وٽ مسئلو اهو به آهي جو والدين نارين جي عمرعدالتن ۾ ثابت نه ٿا ڪري سگهن. جتي والدين ثابت ڪندا ٿا اتي عدالت ناري کي والدين سان گڏ وڃڻ ڏئي ٿي. ان حوالي سان هن هالا جي ناري مونيڪا ڪماري جو مثال ڏنو ته والدين عدالت ۾ ناري جي عمري ثابت ڪئي ۽ عدالت ناري کي والدين سان وڃڻ ڏنو
ان تي دي رائيز نيوز سوال ڪندي پڇيو ته ڪجهه مهينن کان پوءِ ٻيهر مونيڪا کي اغوا ڪيو ويو ۽ هن وقت تائين ناري جي ڪا خبر ناهي ايترو ئي نه پر ڪراچي مان عيسائي ناري کي اغوا ڪري ان جو جبري مذهب به تبديل ڪيو ويو جڏهن ته والدين وٽ ناري جي ننڍڙي عمر هجڻ جا ثبوت به موجود آهن
ان تي ويرجي ڪولهي چيو، مان ان ڳالهه سان قرار ڪيا ٿو ته قانون برابري سان لاڳو ناهي ٿيو ۽ اسان هلندڙ سال 2020 ۾ قانون تي پوري طرح سان عمل ڪرائينداسين
ايڇ آر سي پي جو ترجمان اسد اقبال بٽ جو چوڻ هو ته اسان جي رياست جي هر اداري ۾ سوچ ساڳئي آهي ايترو ئي نه پر ڪجهه جج اهو به چيو ته اسان جبري مذهب جي ڪيسن جي پيروي ڇو ٿا ڪريون؟ توهان جيستائين سوچ تبديل نه ڪندوء، قانون لاڳو نه ٿا ڪري سگهو ۽ سوچ ان وقت تبديل ٿيندي جڏهن نصاب ۾ تبديلي آئيندي وڃي جتي اهو پڙهايو وڃي ته يهودي ۽ هندو دشمن آهن اتي قانون ڪيئن لاڳو ٿيندا؟
هن حڪومت جي قانون تي تنقيد ڪندي چيو ته رياست قانون عالمي ادارن کي ڏيکارڻ لاءِ جوڙي ٿي ته جيئن فنڊ حاصل ڪري سگهجن
هندو پنجائيت جو جنرل سيڪريٽري روي ديواڻي قانون تي عمل نه ٿيڻ تي چيو ته ان ڪري قانون تي عمل نه ٿو ٿئي جو ڪجهه قوتون نه ٿيون چاهين ته عمل ٿئي توهان کي ياد هوندو ته پنجاب جي گورنر سلمان تاثير کي قتل ڪيو ويو
هن سنڌ حڪومت تي ڊاڪٽر نمرتا ڪماري جي رپورٽ تي سوال اُٿاريندي چيو ته هن وقت تائين سنڌ حڪومت رپورٽ ڇو جاري ڪئي ناهي؟ پنجاب ۾ ننڍي ڄمار جي نينگري کي والدين سان وڃڻ ڏنو وڃي ٿو پر سنڌ ۾ قانون هوندي به ناري کي شلٽر هائوس موڪليو ٿو وڃي
هن وڌيڪ چيو ته هندو گهڻا ڏکارا آهن ۽ اسان جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪير به سنجيدا ناهي
سماجي ڪارڪن ۽ وڪيل ليلا رام جو چوڻ هو ته مقامي پوليس کي خبر هوندي آهي ته ناري ڪٿي آ – ڇو جو ناري غيرمسلم آهن ان ڪري ان کي بازياب ڪرڻ ۾ مدد نه ٿي ڪري
Support The Rise News click here to donate