ٽنڊومحمدخان ظلعي ۾ اٽي جو بحران ختم ن ٿيو چڪي مالڪن ۽ دڪاندارن پاران اٽو 65 کان 70 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو ظلعي انتظاميا خاموش تفصيل موجب ٽنڊومحمدخان شهر ۾ اٽي جو بحران وڌي ويو چڪي مالڪن في ڪلو ڪڻڪ جو اٽو 65روپين کان 70 رپين تائين اٽو وڪرو ڪيو پيو وڃي
شهرين جو چوڻ آهي ته ٽنڊومحمدخان ۾ خوراڪ کاتي جي عملدارن جي نااهلي ڪري ڪڻڪ جو اٽو سرڪاري اگهه 45 روپيا في ڪلو وڪڻڻ بجاءٌ چڪي ۽دڪاندارن وارا 65 کان 70 رپين تائين وڪرو ڪري رهيا آهن
جڏهن ته ڪڻڪ جي اٽي ۾ ڪچرو پڻ شامل هئڻ جي شهري پاران شڪايت آھي شھري پريشان آهن هنن اعلي اختيارين ۽ ظلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته وڌيڪ اگھ وٺندڙن چڪي جي مالڪن ۽ دڪاندارن خلاف قدم کڻي سرڪاري اگهه ته اٽو وڪرو ڪرڻ جو چڪي مالڪن کي پابند بڻايو وڃي ھنن چيو ھن حڪومت ۾ عوام مٿان مهنگائي جو وڏو بم ڪيرايو آھي ھاڻي ته عوام کان ماني جي ڳڀي جو جياپو کسيو پيو وڃي اسان غريبن ۽ مسڪينن کي ايتري ڏهاڙي مزدوري جي نه ٿي ملي جيتري مهنگائي ٿي آھي
Support The Rise News click here to donate