سالن کان عورتن جو هنري سکيا اسڪول بند
ڏيپلو ـ سنڌ سرڪار پاران ڏيپلو ۾ ٿري عورتن جي هنري سکيا لاءُ قائم ٿيل گورمينٽ گرلس ووڪيشنل اسڪول عملو مقرر نه ڪرڻ ۽ زبون بنجي ويل عمارت جي مرمت نه ٿيڻ ڪري ڪيترين ئي سالن کان بند هجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي جنهن ڪري هنري سوکڙيون ٺاهي گهر جو گذر سفر ڪندڙ خاندان سکيا اسڪول بند هجڻ ڪري بيروزگار ۽ معاشي بدحالي جو شڪار بڻجي ويا آھن ٿري عورتون حڪومتي عدم دلچسپي سبب هنري سکيا کان محروم بڻيل آھن
ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب سنڌ سرڪار پاران سال 1984ع ڌاري ڏيپلو جي بدين بس اسٽاپ ويجهو ٿري عورتن کي سلائي ڪڙائي ۽ ڀرت وغيره جي سکيا لاءُ قائم ڪيل گورنمينٽ گرلس ووڪيشنل اسڪول زلزلي ۽ سال 2011ع واري مها ٻوڏ دوران مڪمل طور زبون ۽ تباه بڻجي ويو آھي جنهن ڪري عورتن جي هنري اسڪول جي عمارت عورتن جو سکيا گهر هجڻ بدران رولو ڪتن. گڏھن ۽ ٻين جانورن جو آستان بڻجي ويو آھي
پر سنڌ سرڪار پاران قديمي ۽ تاريخي هنري اسڪول جي مرمت ڪرائڻ جي ڪابه زحمت نه ڪئي ويئي ته ٻئي پاسي ووڪيشنل گرس اسڪول ڏيپلو ۾ ڪلارڪ ۽ نائب قاصد کانسواءُ باقي ٽيچنگ ۽ انتظامي عملي جون جايون ڪيترين ئي سالن کان خالي پيل آھن. جنهن ۾ فيميل ايڊمسٽريٽر ۽ ھنري سکيا ڏيندڙ فيميل ٽيچرس جون ڪل 6 جايون شامل آھن
عمارت زبون بڻجي وڃڻ ۽ عملو مقرر نه ٿيڻ ڪري هڪڙي پاسي سوين عورتون هنري سکيا کان محروم بڻيل آھن ته پاسي ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٺھيل هنري اسڪول عوام لاءُ بي لاڀ بڻجڻ سان گڏ اسڪول ۾ پيل انتهائي مهانگيون مشينون ۽ اوزار زنگجي ختم ٿي رهيا آھن
سنڌ سرڪار طرف ڪابه توجه ڏيڻ جي اڃان زحمت نه ڪئي آھي. ڄاڻايل هنري اسڪول ۾ ڏيپلو شھر ۽ ڀرپاسي جون سوين عورتون سلائي ڪڙائي ۽ ڀرت سميت مختلف شين جي هنري سکيا وٺڻ بعد پنهنجن گهرن ۾ هٿرادو هنر ذريعي ٿري سوکڙيون رليون. گج. بيڊ چادرون. وهاڻا. شالون. ۽ ٻيون ثقافتي شيون ٺاهي گذر سفر ڪنديون هيون پر هنري اسڪول بند هجڻ ڪري اهو سلسلو ڪافي سالن رڪجي ويو. جڏھن ته سرڪاري رڪارڊ ۾ هنري اسڪول ڏيپلو کي 20 عورتن جي داخلا سان هلندڙ ڏيکاري انجي سالياني بجيٽ ٺڪاڻي لڳائي وڃي ٿي. پر عملي طور اهو اسڪول بند پيل آھي
گورنمينٽ گرلس وڪيشنل اسڪول جون انتظامي جايون خالي هجڻ ڪري لاڳاپيل کاتي پاران اضافي چارج پولي ٽيڪنيڪل انسٽيٽوٽ مٺي جي ايسوسيئس پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو حوالي ڪري کيس ڊي ڊي او پاور ڏنا ويا آھن. ان ڏس ۾ عبدالجبار جوڻيجو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته چيو ته ڄاڻايل ووڪيشنل اسڪول عمارت زبون ۽ ايڊمنسٽريٽر ۽ ٽيچنگ اسٽاف نه هجڻ ڪري فحال نه آھي اسڪول هيٺائين زمين تي ٺھيل هجڻ ڪري مسلسل برساتي پاڻي هيٺ ھجي ٿو ۽ عمارت پڻ زبون حال آھي جيڪا اسڪول هلائڻ جي صورت ۾ ڪنهن به وقت ڊهي جاني نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي هن چيو ته سال 2011ع جي مهاٻوڏ کانپوءُ عمارت زبون حال بڻيل آھي اسڪول جا ڪل 7 ڪمرا آھن جيڪي سڀئي زبون ٿي چڪا آھن تنهن ڪري سڀ کان پهرين عمارت جي مرمت جي ضرورت آھي ان کانپوءُ اسٽاف مقرر ڪري اسڪول کي فحال بڻائي لاڀ حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته هن وقت به 20 عورتن جي اسڪول ۾ داخلا ٿيل آھي ۽ هر سال 50 عورتن کي هنري سکيا ڏيڻ جي اسڪول ۾ گنجائش موجود آھي ۽ ٻن سالن جي سکيا ۾ هڪئي وقت 50 عورتون سکيا وٺندڙ ھيون پر اسٽاف نه هجڻ ۽ عمارت جي مرمت نه ٿيڻ ڪري اهو سلسلو رڪجي ويو آھي. هن چيو ته مون وٽ رڳو ڊي ڊي او پاور آھن باقي اسڪول ۾ ھنري سکيا ته ٽيچرس ئي ڏينديون جيڪي هن وقت مقرر ٿيل نه آھن ٻئي طرف شھر جي معززين ۽ سماجي ورڪر مومن جوڻيجو ۽ سومجي مل ڌاراڻي چيو تہ تعلقہ ڏيپلو پسمانده علائقو آھي هتي هنري سکيا جي حوالي سان ڪابہ سهولت نہ ملي سگهي هنري گهر هئڻ باوجود هن شھر ۽ تعلقي جي غريب مزدور انھن جون نياڻيون هنري سکيا کان محروم رهجي ويون اهو انڪري جو حڪومت ۽ اداري پاران اسٽاف مقرر نہ ٿيو ۽ نہ ئي سار سنڀال ٿي جنهن جي ڪري تعلقي ڏيپلو کي هنري سکيا گهر ڪو بہ فائدو نہ ڏيئي سگهيو اعلي اختياريون نوٽيس وٺي هنري گهر جي بلڊنگ بهتر ڪرائي ڏين ۽ هن اداري کي فنڪشنل ڪرائي اندر اسٽاف مقرر ڪري ڏنو وڃي گهربل سهولتون ڏنيون وڃن
Support The Rise News click here to donate