جيڪب آباد: 15 سالن جي هندو ناري جيڪب آباد مان اغواه ٿي وئي آهي. هن وقت جي خبر مطابق ناري جي حوالي سان ڪا به خبر ناهي ته هوءَ ڪٿي آهي
دي رائيز نيوز ناري جي والد وجي ڪمار سان رابطو ڪيو جنهن ٻڌايو ته ناري ڏهين درجي ۾ پڙهي پئي هوءَ هن جي وڏي ڌيءَ آهي. اسڪول پڙهڻ لاءِ ويل هئي ۽ تڏهن کان واپس ناهي آئي
علي راضا نالي ماڻهو جنهن جون اڳ ئي ٻه شاديون ٿي چڪيون آهن ۽ ان کي چار ٻار آهن ان اسان جي ناري کي اغواه ڪيو آهي
ايف آءِ آر درج ڪرڻ جي سوال تي ناري جي والد وجي ڪماري جو چوڻ هو ته پنجائيت جي فيصلي کان پوءِ ايف آءِ آر درج ڪرائي ويندي
نند ڪمار جو چوڻ هو ته هندو نارين جي اغواه جا ڪيس گهٽ ٿي پئي سگهيا جيڪڏهن اسان وٽ ڪا قانونسازي هجي ها. مون کي تعجب ان ڳالهه تي آهي ته سنڌ حڪومت جي وزير ناصر شاهه پاڻ چيو ته ڪيبينٽ ۾ زوريءَ مذهب تبديل کي روڪڻ لاءِ بل تي بحث ٿي چڪو آهي. پر بل هن وقت تائين اسيمبلي ۾ ناهي آئيندو ويو
دي رائيز نيوز ناصر شاهه سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن طرفان ڪو به جواب نه ڏنو ويو
Read: زوريءَ مذهب مٽائڻ خلاف بل جي ضرورت آهي
هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون جيڪڏهن حڪمران پارٽي بل آڻڻ ۾ دلچسپي نه ٿي رکي
سنڌ حڪومت ننڍي عمر جي شادي خلاف بل پاس ڪرائي چڪي آهي جنهن مطابق 18 سالن جي ننڍي عمر جي شادي کي غير آئيني قرار ڏينل ويو آهي
Support The Rise News click here to donate
[…] جو والد جي ڪمار جو چوڻ هو ته منهنجي ناري کي اغوا ڪندڙ علي رضا سولنگي آهي هن جون اڳ ئي ٻه شاديون ۽ چار […]