هڪ سال اندر 82 ماڻهن خودڪشي ڪئي
اسلام ڪوٽ تعلقي جي الڳ ڳوٺن ۾ ھڪ ئي ڏينھن ٻه خودڪشي جي واقعا سامھون آيا آھن ڳوٺ کاکڻھار رحم علي ۾ پرسو ولد ماوجي ڪولھي خودڪشي ڪري ڇڏي ڳوٺ چوڻھار ۾ مينا ڌيءَ ساڌو مينگھواڙ پاران کوھ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي وئي آھي. خودڪشي جي واقعي جي رپورٽ وٺڻ لاءِ ويل ميڊيا سينٽر جي اڳواڻ سڌير راٺوڙ جي ڪيمرا مين سان آءِ ايڇ ايس جي ڊي ايم او صوبدار شاھاڻي جي منھن ماري ٿي
خودڪشي جا ڪيترائي سبب آهن پر انهن سببن مان اهم سبب اهو ڏٺو ويو آ ته عام ماڻهو قرضي هيٺان دٻيل آهي. جيڪڏهن قرضو نه وٺي ته زندگي ڪيئن گذاري ۽ نه ئي وري قرض لاهڻ لاءِ انهن وٽ روزگار جا ذريعا آهن. ٿر ۾ خودڪشي جا واقعا نوان ناهن هلندڙ سال تقريبن 82 زندگيون خودڪشي ڪري چڪيون آهن. ٿر جتي ملڪ جي خوشحال بڻائي رهيو آهي اتي ٿرين جون پنهنجون زندگيون بدحال آهن
Support The Rise News click here to donate