سنڌ يونيورسٽي جي پهرين سال جو شاگرد غلام ڪريم راڄڙ گذريل ٻن ڏينهن کان لاپتا آهي شاگر سياست جي شعبي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو هن جو تعلق هڪ غريب گهراڻي سان هجڻ ڪري، هو پنهنجي تعليم کي پاڻ سپورٽ ڪري رهيو هو جنهن لاءِ يونيورسٽي جي شاگردن ۾ گهڙيون وڪڻندو يا وري هوٽل تي ڪم ڪندو هو
يونيورسٽي جي شاگردن جو چوڻ ته هو انتهائي محنتي شاگرد آهي هن ڪڏهن به شرم محسوس نه ڪيو ته هو هوٽل تي ڪم ڪري يا وري گهڙيون وڪڻي. اسان جي سمجهه کان ڳالهه ٻاهر آ ته آخر هن کي ڪنهن گم ڪيو آهي
غلام ڪريم جي والد ڪريم راڄڙ جو چوڻ هو ته هن جو پٽ محنتي ۽ پڙهائي سان چاهه رکندڙ هو. ان جو خواب هو ته اڇڙي ٿر ۾ ٻارڙن لاءِ اسڪول کولرائي. هو ايترو خودار ٻار آهي جو هن مون کان ڪڏهن به تعليم جي لاءِ پئسه نه گهرايا پر پاڻ ڪم ڪار ڪري فيس ڀرندو هو. هن شڪ ظاهر ڪندي چيو ته شايد غلام ڪريم کي انهن ماڻهن کنيو هجي جيڪي مون تي چيڙيل هئا ته مان انهن جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ جنگلن کي ڪٽڻ کان روڪڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي. انهن پهرين به مون تي ڪيس داخل ڪرايا هئا پر پوءِ اهو ثابت ٿيو ته ڪيس سڀ ڪوڙا هئا
مان سنڌ جي ماحوليات کي بچائڻ چاهيان ٿو. هن سنڌ حڪومت ۽ يونيورسٽي انتظاميا کان گذارش ڪئي ته هن جي پٽ کي ڳولهڻ ۾ مدد ڪن انساني حقن جي تنظيم سان لاڳاپيل امداد چانڊيو چيو ته هن کي غلام ڪريم ڪيس جي حوالي سان تفصيل ناهن پر جيڪڏهن اهو ڪيس ٿيو آهي ته پوءِ انتهائي افسوس جهڙي ڳالهه آهي. سنڌ يونيورسٽي ۾ رينجرز جي هجڻ جي باوجود به ائين ٿئي. اڄڪلهه ٽيڪنالاجي جو دور آهي سنڌ حڪومت کي بهتر ٽيڪنالاجي ذريعي گم ٿيل ماڻهن جي جلدي ۾ ڳولهاء ڪرڻ گهرجي
Support The Rise News click here to donate