سنڌ پاڻي جي کوٽ کي مسلسل منهن ڏيندي پئي اچي، ڊيلٽا تباهه ٿي رهي آهي ته سمنڊ وري زمين ڳڙڪائي پيو جتي سنڌ جي پاڻي جي کوٽ حوالي سان مسئلي کي حل ڪرڻ گهربو هو اتي ارسا هڪ نجي ڪمپني کي اجازت نامو جاري ڪندي سي جي لنڪ ڪئنال تي بجلي گهر اڏڻ جي اجازت ڏني
ارسا پنجن ميمبرن (چئن صوبن ۽ وفاق) تي مشتمل آهي ۽ ارسا کي اختيار ناهي جو هو ڪنهن کي اجازت نامو ڪري. سي جي ڪئنال جيئن ته فلڊ ڪئنال آهي هاڻي ان کي پوري سال دوران استعمال ڪيو ويندو سنڌ حڪومت ان خلاف اسيمبلي ۾ قرارداد پاس ڪرائي. وفاقي حڪومت رتي برابر به پرواهه نه ڪئي ته سنڌ جو موقف سي جي ڪئنال تي ڪهڙو آهي يا وري ارسا کان پڇيو ته انهن ڪهڙن اختيارن تحت سي جي ڪئنال تي بجلي گهر اڏڻ جي اجازت هڪ نجي ڪمپني کي ڏني
30 آڪٽوبر 2019 تي قومي اسيمبلي جي پاڻي جي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آءِ جا ميمبر جن جو واسطو پنجاب صوبي سان آهي انهن سي جي لنڪ ڪئنال جي سپورٽ ڪندي چيو ته سي جي لنڪ ڪئنال تي ڪم نه رڪجڻ گهرجي جڏهن ته ڪميٽي سي جي لنڪ ڪئنال جي معاملي کي گڏيل مفادن واري ڪونسل ۾ موڪلڻ جي گذارش ڪئي
ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهو به چيو ويو ته پنجاب پنهنجي حصي جي پاڻي تي بجلي گهر اڏي رهيو آهي جيتوڻيڪ سنڌ کي سي جي لنڪ ڪئنال تي اعتراض آهن
سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاهه چيو ته سي جي لنڪ ڪئنال فلڊ ڪئنال آهي ۽ ان جي بابت 1991 پاڻي جي ٺاهه ۾ ذڪر ناهي ته پوءِ هي ان تي بجلي گهر ڪيئن ٺاهي سگهن ٿا؟ سي جي لنڪ ڪئنال کي پوري سال استعمال ڪيو ويندو ۽ سنڌ جي حصي جو پاڻي کنيو ويندو
تعجب جو ڪميٽي جا ڪجهه ميمبر سي جي لنڪ ڪئنال جي سپورٽ ڪري رهيا هئا اهو ڄاڻيندي ته سنڌ صوبي جا اعتراض بي بنياد ناهن
وزيراعظم عمران خان 11 ڊسمبر 2019 تي گڏيل مفادن واري ڪونسل گهرائي آهي جتي سنڌ صوبو پنهنجو موقف سي جي لنڪ ڪئنال جي حوالي سان رکندو پر ڇا وفاقي حڪومت 11 ڊسمبر تي سنڌ جي دانهن ٻڌندي؟ جيڪا آڪٽوبر کان وٺي سنڌ جي دانهن کي اڻٻڌو ڪندي رهي آهي
جيڪڏهن وفاقي حڪومت بجلي گهر اڏڻ تي ضد ٻڌي آ ته اهي بجلي گهر ٺاهيندا ته پوءِ ٻن جڳهن تي بجلي گهر اڏيو وڃي جنهن تي سنڌ کي به اعتراض ناهن جيئن ڪميٽي ۾ نارا ڪئنال جي بابت تجويز ڏني وئي آهي
خير! سي جي لنڪ ڪئنال تي پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ ن وارا هڪ پني تي گڏ ٿي ڪري سنڌ جي اعتراض کي نظر انداز ڪن پيا. وفاقي حڪومت ۽ مسلم ليگ ن وارن کي سنڌ جي اعتراضن کي اڻٻڌو نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي وري تضادي پروجيڪٽ کي هوا ڏين
Support The Rise News click here to donate