چوڪنڊي قبرستان خوبصورت ئي نه پر ان ۾ ڪيترائي تاريخ جا راز محفوظ آهن ان جي هر قبر ماضي کي بيان ڪري ٿي. اسان پنهنجي وجود جي شناخت کي تاريخ ذريعي ڳولهي سگهون ٿا
چوڪنڊي جي تاريخ کي سمجھڻ لاءِ اسان ميمڻ ڳوٺ ڏانهن وياسين. ميمڻ ڳوٺ جتي گهٽ ترقياتي ڪم ٿيل ڏسڻ ۾ آيو، مقامي ماڻهو هيڏانهن، هوڏانهن گهمندي نظر آيا هڪ قسم جي خاموشي ڇانيل هئي پر چوڪنڊي قبرستان جي ڀر ۾ هڪ هوٽل به هو. اسان جيئن ئي قبرستان اندر داخل ٿياسين، قبرستان ڪشادو ۽ ماڻهن جو گوڙ گهٽ هو جڏهن ته وڏين گاڏين ۽ ٽرڪن جي قبرستان وچ مان گذري رهيا هئا
مان نوٽس لکي ۽ فوٽ ڪڍي رهي هوس ته مون سان گڏ مقامي ماڻهو جيڪو اسان سان گڏ هو ان ڳالهائيندي چيو ته، ”هاڻي وڃي ڪجهه ٿوريون قبرون بچيون آهن. جڏهن مان ٻار هوس ته هتي قبرستان ۾ گهڻيون قبرون هيون. هن ٽٽل پٿرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته قبرن کي نقصان پهچائن پيا ۽ هتان جو پٿر چوري به ڪن ٿا اهي سڀ ان ڪري ته جئين قبرستان تي قبضو ڪري سگهجي جڏهن مان پڇيو ته آخر قبضو ڪندڙ ڪير آهن، هن جي جواب ڏيڻ کان اڳئي هڪ نوجوان جلدي ۾ ان کي روڪڻ جي اڻسڌي ڪوشش ڪئي، جنهن تي مان نوجوان کي چيو، توهان ڇو روڪي رهيا آهيو، هن پنهنجي چهري تي ڦڪي مسڪراهٽ آڻيندي چيو، ”نه نه مان ڇو روڪندس.“ مقامي ماڻهو کي پنهنجي ڳالهه جنهن انداز سان رکڻي هئي اها هو نه ڪري سگهيو
سرڪار طرفان مقرر ڪيل چوڪيدار جلدي ۾ ڪٿان کان ظاهر ٿي ويو. اسان کان هن اچڻ جو سبب پڇيو جنهن تي اسان ان کي ٻڌايو ته اسان هتي ڇا لاءِ آيا آهيون. ان کان پوءِ هو اسان سان بهتر نموني پيش آيو ۽ قبرستان بابت ٻڌائڻ لڳو هن اهو به ٻڌايو ته هتي 405 قبرون وڃي بچيون آهن هو پنهنجي پوري ڪوشش سان حڪومت طرفان مخصوص ٿيل ڪم جي نشاندهي ڪندو رهيو جڏهن سوال ڪيو ته انهن قبرن جي باري ۾ ڇا چوڻ آهي جنهن جا پٿر ٽٽل آهن ان تي هو ڪجهه جواب نه ڏئي سگهيو. اسان اڃان ڳالهه ٻولهه ڪري ئي رهيا هئاسين ته ايتري ۾ گل حسن ڪلمتي اچي ويو، گل حسن ڪلمتي هڪ ناليوارو تاريخدان ۽ اديب آهي، اسان سان چوڪنڊي تي گڏ ٿيو ته جيئن چوڪنڊي جي تاريخ بابت ٻڌائي سگهي
گل حسن ڪلمتي قبرن تي ٿيل آرٽ جي ڪم تي ڳالهائيندي چيو ته اسان هن ڪم کي گهڙيل چوندا آهيون ڪراچي ۾ 40 ان قسم جا قبرستان توهان کي ملندا. هن ئي قسم جو قبرستان نيشنل هاءِ وي تي به موجود آهي جيڪو گهڻو مشهور هجڻ سان گڏوگڏ اڪثريت ماڻهن جي اُتي وڃي ٿي. مون کي تعجب آ ته توهان هتي ميمڻ ڳوٺ ۾ ڪيئن آيا آهيو
هن چوڪنڊي قبرستان جي وضاحت ڪندي چيو ته چوڪنڊي ان کي چئبو آهي جنهن قبر مٿان ڇٽي ٺهيل هئي جنهن قبر مٿان ڇٽي ناهي ان کي چوڪنڊي نه ٿو چئي سگهجي. جتي توهان ۽ مان بيٺل آهيون اتي هڪ چوڪنڊي ٺهيل هئي پر طوفان ڪري ڊهي وئي. هن چوڪنڊي قبرستان جي نالي تي چيو ته ان کي بلوچ قبرستان ان ڪري به چون ٿا جو سنڌ حڪومت ويجهڙائي ۾ ان کي قبرستان جو نالو ڏنو هو، درحقيقت هي ملڪ توتا قبرستان جي نالي سان مشهور آهي. جيئن تي قبرن جا نالا هر هڪ قبلي جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا مثلن: ڪلمتي ۽ ملڪ توتا سردار
گل حسن ڪلمتي جو قبرن جي مٿان ٿيل آرٽ تي چوڻ هو ته هي آرٽ صرف هڪ مذهب يا ڪلچر کي بيان نه ٿو ڪري پر هي ڪيترن ئي ڪلچر ۽ مذهبن جو ملاپ آهي جنهن سان هڪ نئين شيءِ جوڙي اسان اڳيان موجود آهي جيڪي ڪاريگر هتي ڪم ڪندڙ هئا اهي راجستان مان آئيندا ويا هئا ان ڪري توهان کي هتي راجستان آرٽ ملندو
توهان کي هتي ٻُڌ مذهب جي نشاني سورج موکي به نظر ايندي ان سان گڏوگڏ انڊين تهذيب پڻ ايران تهذيب به ڏسڻ ۾ ايندي ڇو جو بلوچ ڪلمتي ايران کان آيا هئا. هتي جيڪي قبلا مشهور هئا جن ۾ برفت، ملڪاڻي (سنڌ ۾ملڪ جي نالي سان مشهور آهن)، لاشاري، جوکيا، ۽ ڄام – پر انهن قبيلن ۾ جيڪي مشهور هئا اهي برفت ۽ جوکيا، جيڪي اصل راجستان جا هئا اسان کي وسارڻ نه گهرجي ته هتي جيڪي به مقامي ماڻهو هئا انهن مذهب تبديل ڪيو هو. توهان ڏسو بلوچستان ۾، بلوچ اصل زرتش سان واسطو رکندڙ هئا قبرن مٿان آرٽ به قبلن جي اصل شناخت جي نشاندهي ڪندي نظر اچي ٿو. ٽئي قبلو برفت، جوکيا ۽ ڪلمتي گهڻو مشهور هجڻ سان گڏ انهن جو اثر لسبيلا کان وٺي ساڪرو تائين هو
چوڪنڊي قبرستان جو آرٽ سما ۽ سومرن جي دور ۾ وڌيو. گل حسن ڪلمتي قبرن مٿان ٿيل چٽسالي تي ڳالهائيندي چيو ته گهوڙن ۽ تلوار جهڙين نشانن مان مراد آهي ته قبر ڪنهن جي آهي جيڪڏهن توهان کي تلوار نظر اچي ٿي ته پوءِ اها ڪنهن جنگ جي نشاني ڏيکاري ٿي. توهان کي قبرن مٿان پٽڪي نماء نشاني به نظر ايندي جيڪي سنڌ جي ڪجهه شهرن ڄامشوري، ڪوهستان ۽ ٽٺي ۾ موجود آهن
چوڪنڊي قبرستان هر هڪ جي ترجمان ڪري ٿو عورتون ۽ ٻارن جي لاءِ به آرٽ قبرن تي ٿيل نظر ايندو. ان تي گل حسن ڪلمتي چيو ته توهان هتي قبرن مٿان زيورن جي گهڙيل آرٽ جو ڪم جي تصوير، ڪنهن ڳوٺ جي سينئير عورت ڏي کڻي ويندوء ته اهي توهان کي ڀرت جي حوالي سان تفصيلي ٻڌائينديون. مردن جي قبرن تي پٽڪي، عورتن جي قبرن تي زيور ۽ ڊولڪي جو آرٽ ٿيل آهي ان دور ۾ هتان جا ماڻهو اميرترين هئا، هن مثال ڏيندي ٻڌايو ته 913، منگهوپير ۾ هڪ قبر جي ٺهڻ جي قيمت 5،500 هئي. ان وقت ماڻهو ڪيئن رهندا هئا ۽ پنهنجي تاريخ کي آرٽ جي ذريعي ڪيئن ڇڏي ويا
گل حسن ڪلمتي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جو تاريخي ورثو نظر انداز ڪيو پيو وڃي ايترو ئي نه پر ريسرچ به انتهائي محدود ٿيل آهي جيئن مان توهان کي ٻڌايو ته هڪ قبر جي ٺهڻ جي قيمت ڪيتري هئي اها صرف هڪ قيمت ناهي پر هڪ نشاني آ ته ان دور جا ماڻهو ڪيئن رهندا هئا. ”اسان کي هتي ڪا به سهولت ڏينل ناهي ته ڪو ماڻهو اچي ريسرچ ڪري سگهي.“ هن حڪومت جي عدم توجه تي تنقيد ڪندي چيو، حڪومت صرف نيشل هاءِ وي واري سائيٽ تي ڌيان پئي ڏي ڇو جو اتي ماڻهن وڃن ٿا ۽ هتي ميمڻ ڳوٺ ڏانهن ماڻهو نه ٿا اچن
جڏهن سوال ڪيو ويو ته ٽرڪ ۽ گاڏين جي گذر سان تاريخي ورثي کي نقصان پهچي پيو. ان جي موٽ ۾ گل حسن ڪلمتي چهري تي ڦڪي مسڪراهٽ آڻيندي چيو، ”ڇا توهان کي سنڌ ڪلچر ايڪٽ 1994 کي ڏسو ان مطابق ڪا به نئين قبر يا جڳهه نه ٿي جوڙي سگهجي پر هتي توهان کي نيون قبرون ۽ گذرندڙ گاڏيون به ملنديون جن جي دونهه سان تاريخي ورثي کي نقصان پهچي رهيو آهي
مقامي صحافي هڪ فارم ڏانهن اشارو ڪندي چيو، هي قبرستان کي نقصان پهچائي رهيو آهي، حڪومت کي گهرجي ته اهي قبضاگروهن کي تاريخي کي ورثي کي بچائين
چوڪنڊي قبرستان کي انتهاپسندي واري رکندڙن به نقصان پهچائڻ چاهيو. ان حوالي سان خدا علي شاهه سرگرم سماجي ڪارڪن، هن هاءَ وي تي موجود چوڪنڊي قبرستان جي چوءطرف ڀت اڏڻ لاءِ به ڪوشش ورتي هئي. خدا علي شاهه جو چوڻ ته مقامي ماڻهن جو لاڙو چوڪنڊي ڏانهن گهڻو آهي ڇو جو انهن جو يقين آ ته انهن جا وڏا قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن. جيڪي ڌمڪيون مليون اهي انتهاپسندن طرفان ڏنيون ويون
جڏهن اسان نيشنل هاءِ وي چوڪنڊي قبرستان لاءِ وڃي رهيا هئاسين ته ان وقت خدا علي شاهه چيو ته اتي هن جو والد جي قبر موجود آهي جنهن کي اسان ضرور ڏسون
جي ايم شاهه جيڪو مون کي قبرستان تائين وٺي وڃڻ وارو هو ان چيو ته جيڪو ماڻهو قبرستان جي حفاظت لاءِ ڳالهائي رهيو هو اهو ئي حڪومت جي تاريخي ورثي جي ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪن پيا
اسان آخرڪار نيشنل هاءِ وي چوڪنڊي قبرستان جي گهٽي اندر داخل ٿياسين جتي وڏيون ٽرڪ، گهٽي جا ڳتيل هئي پر اتي چوڪنڊي قبرستان جو سائن بورڊ لڳل هو جنهن جي حالت خراب هئي ۽ پوري طرح سان تاريخي ورثي جو ڏيک ڏيندڙ هو خير اتي ڪجهه سياستدانن جون تصويرون پڻ لڳل هيون جيڪو بهتر حالت ۾ نظر آيون
اسان جيئن کي قبرستان اندر قدم رکيو جنهن کي چوءديواريون ڏينل هيون ميمڻ ڳوٺ ۾ موجود چوڪنڊي قبرستان جي، نيشنل هاءِ وي وارو چوڪنڊي قبرستان واقعي ۾ به بهتر حالت ۾ هو
اتي هڪ چوڪيدار سنڀال ڪري رهيو هو جنهن جو تعلق پنجاب صوبي سان هو ان چوڪنڊي قبرستان جي آرٽ جي بابت ڳالهائيندي چيو، هي سڀ آرٽ موهن جي دڙي جي عڪاسي ڪري پيو
اتي ڪجهه ماڻهو گهمڻ آيا جيڪي تصويرون ڪڍي رهيا هئا ته ڪجهه وري ماڊلنگ جون تصويرون به ڪڍندي نظر آيا. جيئن ئي سج پنهنجو سفر دنيا جي ٻئي ڇيڙي ڏانهن موڙي رهيو هو اسان پنهنجو سامان (نوٽس ۽ ڪيمرا) بند ڪيون
ان دوران منهنجي ڪنن تي آواز پيو جيڪو جي ايم شاهه جو هو، هو هڪ قبر جي ڪاشتڪاري کي ڏسندي چيو، ”مان پنهنجي فيملي کي هتي ضرور وٺي ايندس“ آخر اسان کي تاريخي ورثي بابت ڇو نه ٿو ٻڌايو وڃي
گل حسن ڪلمتي جو چوڻ ته جيڪي اهي سوچي رهيا آهن، 1947 کان اڳ ڪراچي جي ڪا به تاريخ ناهي ته پوءِ انهن کي سنڌ جي شهر ڪراچي ۾ تاريخي ورثو اچي ڏسڻ گهرجي
Support The Rise News click here to donate
- بحريا ٽائون سنڌ جي زمين کان وٺي تاريخي ورثي کي قتل ڪندڙ - 11.25.2023
- شهيد افضل لنڊ! ايندس مان واپس ايندس ضرور - 09.12.2023
- زين شاهه: گهر گهر ۾ گوليون فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳولهيون - 09.07.2023
- فاطمه: تنهنجو قاتل ڪير؟ - 08.24.2023
- ديا ڀيل ڪيس: ها هوءَ سنڌي هندو هئي - 03.29.2023
- ٻڏيلن جو ڪو به سهارو ناهي - 09.05.2022
- ڇا حق گهرڻ بي غيرتي ۽ بي شرمي آهي؟ - 06.16.2022
- ڪريما بلوچ: تون مرڻي ناھي - 12.23.2020
- ڇا سنڌ ۽ بلوچستان وفاق جون ڪالونيز آھن؟ - 10.15.2020
- !دنيا جنت ٿيڻي ناهي - 03.28.2020