ڪراچي شهر ۾ رهندڙ عيسائي نينگري کي اغواه ۽ مذهب تبديل ڪيو ويو آهي نينگري جي عمر ننڍڙي ٻڌائي وڃي ٿي
دي رائيز نيوز ناري جي گهرڀاتين سان رابطو ڪرڻ تي ناري جي ماءُ جو چوڻ هو ته هن کي ٻه ڌيئريون جيڪي معصوم ۽ ننڍي عمر جو آهن. اڄ هن جي ڌيءَ کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ هو پر ان کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو
جڏهن ته هن ڪيس تي قومي اسيمبلي ۽ مسلم ليگ ن جو ميمبر کيل داس ڪوهستاني سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي، واقعي جي مذمت ۽ بلاول ڀٽو کي گذارش ڪئي ته هو ڪيس تي نوٽس وٺي
دي رائيز نيوز سان ڳالهائيندي کيل داس ڪوهستاني چيو ته سنڌ حڪومت ننڍي عمر جي ٻارن جي شادي خلاف بل پاس ڪرايو هو ان تحت ناري کي واپس ڪري سگهجي ٿو اسان اُميد ڪيون ٿا ته بل تي عمل ڪيو ويندو
سنڌ حڪومت طرفان ننڍي ڄمار ۾ ٻارن جي شادي خلاف بل پاس ڪيو ويو هو سنڌ حڪومت ان بل تحت غير مسلم نارين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي هن وقت تائين ڪيتريون ئي ننڍي ڄمار جون غير مسلم ناريون جو مذهب تبديل ٿي چڪو آهي
دي رائيز نيوز عيسائي ناري جي حوالي سان عمر ۽ ويجهڙائي ۾ تبديل ٿيندڙ نالي جا ڪاغذات حاصل ڪيا آهن جنهن ۾ واضح طورتي ناري جي ڄمار جي حوالي تاريخ لکيل آهي ۽ ٻئي ڪاغذ ۾ هن جو نئون نالو شناختي ڪارڊ ۾ ظاهر ٿئي ٿو
دي رائيز نيوز هن ڪيس جي حوالي سان سنڌ حڪومت جي ميمبرن مرتضيٰ وهاب ۽ هري رام سان رابطو ڪري موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪو به جواب نه مليو
Support The Rise News click here to donate
[…] عيسائي نينگري کي اغواه ۽ مذهب […]
[…] وقت تائين ناري جي ڪا خبر ناهي ايترو ئي نه پر ڪراچي مان عيسائي ناري کي اغوا ڪري ان جو جبري مذهب به تبديل ڪيو ويو جڏهن ته […]