سنڌ حڪومت هن وقت تائين زوريءَ مذهب مٽائڻ خلاف بل پيش ناهي ڪري سگهي ۽ جيڪي بل پيش ڪيا ويا انهن جي سپورٽ به نه ڪئي
سنڌ ۾ زبردستي مذهب مٽائڻ خلاف بل تي بحث ان وقت شروع ٿيو جڏهن 2012 کان زبردستي مذهب مٽائڻ جا ڪيس رپورٽ ٿيڻ لڳا. سنڌ 2013 ۾ سنڌ حڪومت هڪ ڪميٽي جوڙي جنهن ۾ مرحوم ريٽائرڊ چيف جسٽس راڻا ڀڳوان داس، ريٽائرڊ جسٽس ماجده رضوي ۽ پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ڊاڪٽر کٽومل جيواڻ شامل هئا. پر 2016 ۾ زبردستي مذهب مٽائڻ خلاف بل پي ايم ايل (ف) جو اڳواڻ نند ڪمار گولڪاڻي پيش ڪيو ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اتفاق راءِ سان منظور ڪري، ان وقت جي گورنر سنڌ سعيد الزمان صديقي ڏانهن موڪليو ويو ۽ ان کي صحي ڪرڻي هئي جيڪا
رپورٽ مطابق ته پيپلزپارٽي کي سراج الحق جماعت اسلامي فون ڪري زبردستي مذهب مٽائڻ خلاف بل کي پاس ڪرڻ کان روڪيو هو اهو ياد رکڻ گهرجي ته ان وقت سراج الحق جي پارٽي جو هڪ به ميمبر سنڌ اسيمبلي ۾ نه هو
آڪٽوبر 2019 ۾ نند ڪمار گولڪاڻي ترميمي بل مذهب مٽائڻ خلاف پيش ڪيو جيڪو سنڌ حڪومت منظور نه ڪيو
نند ڪمارگولڪاڻي، سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چيو ته هن گهڻي ڪوشش ڪئي ته زبردستي مذهب مٽائڻ خلاف بل کي پاس ڪرايان پر سنڌ حڪومت ۽ ڪنهن به پارٽي ان جي مدد نه ڪئي. اهو ياد ڪرائيندا هلون ته نند ڪمار گولڪاڻي ٻه ڀيرا زبردستي مذهب مٽائڻ خلاف بل پيش ڪري چڪو آهي
هري رام، سنڌ حڪومت جو وزير جو چوڻ هو ته هن جي پارٽي بهتر ڪم ڪري رهي آهي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ هندو ميرج بل رولز پاس ڪرايا. هاڻي زوري مذهب مٽائڻ خلاف بل تي ڪم ڪندا. هن جو چوڻ هو ته هو سڀني پارٽين کي گڏ کڻي هلڻ چاهين ٿا
نندڪمار جي بل تي سوال جي موٽ ۾ هري رام جن چيو ته اسان ان بل کي سپورٽ ان ڪري نه ڪئي ڇاڪاڻ جو 2016 ۾ سنڌ گورنر دستخط نه ڪري واپس موڪلي ڇڏيو هو، اسان نه ٿا چاهيون ته وري ساڳيو عمل ٿئي ان ڪري اسان سڀني پارٽين سان ڳالهه ٻولهه ڪري، بل جلدي سان آڻينداسين
قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ مسلم ليگ جو اڳواڻ کيل داس ڪوهستاني ان ڳالهه سان انڪار ڪيو ته ان وقت جي گورنر سنڌ بل تي دستخط ڪرڻ کان انڪار نه ڪيو هو پر سنڌ حڪومت خط لکي چيو ته بل ۾ ترميم ڪرڻي آهي جنهن ڪري بل کي واپس ڪيو ويو
کيل داس ڪوهستاني چيو ته مون کي حيرت آهي ته بلاول ڀٽو جيڪو ليبرل خيالن جو ماڻهو آهي ان جي پارڻيءَ زوريءَ مذهب مٽائڻ خلاف بل کي پاس ٿيڻ نه ٿو پر هن جي ڪاوشن سان وفاقي حڪومت ۾ زوريءَ مذهب مٽائڻ خلاف بل جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جنهن تي جلدي سان عمل ڪيو ويندو
عبدالحي، انساني حقن جي ڪميشن آف پاڪستان چيو ته سنڌ حڪومت کي هڪ بل آڻڻ گهرجي جنهن ۾ انهن نارين جو پتو لڳايو وڃي ته آخر اهي مذهب مٽجڻ کان پوءِ ڪيڏانهن وڃن ٿيون. اهو هڪ انساني حق آهي ته والدين پنهنجي ڌيءَ سان ملن ۽ خبر پئجي سگهي ته آخر ناريون ڪٿي آهي
هندو پنچائت جو سيڪٽريري روي ديواڻي جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت زوريءَ مذهب مٽائڻ خلاف بل پاس نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ اسان جي ڏينل ڪجهه تجويزن تي عمل ڪيو وڃي ته جيئن زوريءِ مذهب مٽائڻ کي روڪي سگهجي ڪجهه تجويزون: ڇوڪري کي 24 ڪلاڪن اندر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، 6 مهينن کان پوءِ ڇوڪري کان پوءِ ناري جو فيصلو پڇيو وڃي. هن شلٽر هائوسز تي تنقيد ڪندي چيو ته اهو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته شلٽر هائوسز ۾ نينگرين کي محفوظ ماحول ناهي ان حوالي سان هن مثال ڏنو، جيئن انجلي ڪماري ڪيس ۾ ڇوڪري کي انجلي سان ملڻ ڏنو ويو پر والدين کي ملڻ نه ڏنو ويو ان ڪري حڪومت پنهنجي نگراني ۾ الڳ سيف هائوس جوڙي جنهن ۾ ڇوڪرين کي رکيو وڃي
عبدالحي شلٽر هائوسز جي سپورٽ ڪندي چيو ته اهي بهتر ڪم ڪن پيا ۽ ڇوڪرين کي بهتر ماحول ڏنو ويندو آهي
روي ديواڻي جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ آخر خاص طورتي ٻه درگاهون مذهب ڇو مٽائي رهيون آهن سنڌ حڪومت کي ان پاسي ڏسڻ گهرجي هن سنڌ حڪومت کي صلاح ڏيندي چيو ته حڪومت کي ادارو جوڙڻ گهرجي جنهن ۾ مذهب مٽائيندڙ نارين جا رڪارڊ رکيا وڃن ۽ انهن کي سنڀال ڪئي وڃي ته اهي زندگي ڪيئن گذاري رهيو آهن
نند ڪمارگولڪاڻي انتهائي ڏکندڙ آواز ۾ چيو ته تاريخ انهن کي نه وساريندي جن زوريءَ مذهب مٽائڻ ۾ ساٿ نه ڏنو، مان گهڻي ڪوشش ڪئي ته بل پاس ٿئي
Support The Rise News click here to donate
[…] Read زوريءَ مذهب مٽائڻ خلاف بل جي ضرورت آهي […]
[…] Read: زوريءَ مذهب مٽائڻ خلاف بل جي ضرورت آهي […]