هندو ميرج بل 2017 ۾ سنڌ حڪومت پاس ڪيو هو ۽ ان جا اڄ 21 نومبر 2019 تي رولز پاس ڪري، بل تي عمل کي يقيني بڻائي ڇڏيو
بل جي مطابق شادي جي عمر 18، علحدگي ۽ ٻئي شادي ممڪن ٿي وئي، ان سان گڏوگڏ شادي کي ريجسٽرڊ ڪرڻ لازم قرار ڏنو ويو آهي
انساني حقن جي کاتي جي سنڌ جي وزيراعليٰ جو اسسٽنٽ ويرجي ڪولهي کان سوال ڪيو ويو ته هندوازم ۾ ٻئي شادي يا طلاق جي ڳالهه ناهي پوءِ هن بل ۾ ڪيئن شق ڏنا ويا آهن؟
ويرجي ڪولهي جو چوڻ ته اسان بل عالمي قانون ۽ انساني حقن کي اڳيان رکي ڪري ٺاهيو آهي اسان لاءِ انساني حق پهرين ترجيع رکن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ماضي ۾ ڪجهه پارليامينٽ ميمبرن بل کي پاس ٿيڻ نه ڏنو. هن بل ذريعي هاڻي شادي کي ريجسٽرڊ به ڪرائي سگهجي ٿو
قومي اسيمبلي جو ميمبر ڊاڪٽر رميش وانڪواڻي جو چوڻ هو ته وفاق هندو ميرج بل 2017 ۾ پاس ڪيو هو. سنڌ حڪومت جو بهتر قدم آهي جو انهن رولز به پاس ڪري ڇڏيا. انهن کي اسان سان رابطو ڪرڻو گهربو هو، اسان جي بل ذريعي طلاق کي انتهائي ڏکيو بڻايو آهي. سنڌ حڪومت جي بل ۾ ڏسڻو پوندو ته انهن بل ۾ رجسٽريشن، طلاق، ۽ ٻئي شادي لاءِ طريقڪار ڪهڙو آهي
جئه پرڪاش موراڻي سينيئر صحافي ۽ هندو ميرج بل جي رولز تي مسلسل ڪم ڪندو رهيو آهي ان خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته هاڻي هندو ميرج بل کي رولز جي ذريعي زندگي ملي آهي ۽ ان تي عمل ٿي سگهندو
زوريءَ مذهب مٽائڻ کي به عدالتن ۾ چئلينج ڪري سگهبو ڇاڪاڻ جو هندو شهرين وٽ پنهنجي شادي کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪاغذي ثبوت هوندو جيڪو پهرين ڪونهه هو
سنڌ حڪومت طرفان هندو ميرج بل جا رولز کي پاس ڪرڻ، هڪ بهترين عمل آهي
Support The Rise News click here to donate
[…] پڙهو: هاڻي هندو ميرج بل تي عمل ممڪن ٿي ويو […]