تون جيڪڏهن لفظن جي وزن کي سمجهي وئين ته پوءِ تون زندگي جي ترازي ۾ لفظن جي چونڊ ڪرڻ سکي ويندين، لفظن جي معنيٰ کي سمجهڻ ۽ انهن جي وزن کي کڻڻ، هلڪڙن ماڻهن جي وس جي ڳالهه ناهي، سٽن جو اندازو ان وقت ٿيو جڏهن پاڪستان جي حڪومتي واڳ سنڀاليندڙ عمران خان، هڪ افتتاحي پروگرام ۾ جنهن انداز سان ڳالهايو ان مان رتي برابر به محسوس نه ٿي رهيو هو ته هو ڪنهن ذميواري عهدي تي ويٺل آهي
خير! ان ڳالهه سان انڪاري نه ٿو ڪري سگهجي ته سياست ۾ مخالفين سان ڏي جواب – وٺ جواب جو کيڏ هلندو رهندو آهي پر هر راند جو هڪ دائيرو مقرر ٿيل آ ۽ ان جا ڪي اصول هوندو آهن راند ئي نه پر زندگي جو هر قدم اصولن جي گهرُ ڪري ٿو جتي اصول نه هجن اتي جهنگ جو قانون هلندو آهي
مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آخر عمران خان ايتري حدتائين ڪيئن وڃي سگهي ٿو هونءَ عمران خان جو ڀرپور رڪارڊ رهيو آ ته پنهنجن سياسي مخالفين جي توهين ڪرڻ ۾ گهٽتائي ناهي ڇڏيندو، سياست ۾ بدتميز لب لهجو کڻي اچڻ جو سهرو عمران خان تي وڃي ٿو پر هو اهو ڇو وساري ويٺو ته جنهن عهدي تي ويٺل آهي ان جا ڪي اصول آهن ڇا عمران خان کي خبر ناهي ته ڪرڪيٽ ۾ به اصولن جي خلاف ورزي ڪرڻ تي ڏنڊُ پوندو آهي پوءِ هن وزيراعظم جي عهدي جي توهين ڪيئن ڪئي
هن کي ياد رکڻ گهرجي ته هو هاڻي ڪنٽينر تي ناهي ۽ نه ئي مخالف ڌر جو حصو آهي هاڻي حڪومت جو پاڻ حصو آهي، حڪومت جي ذميواري ٿئي ٿي ته اهي مخالفين سان بهتر انداز سان پيش اچن جيڪڏهن حڪومت ۾ ايتري سگهه ناهي جو اهي مخالف ڌر سان بهتر انداز سان پيش اچي ته پوءِ بدتميزي ڪرڻ جو به اختيار حڪومت کي ناهي
عمران خان کي ايترو به احساس ناهي ته اقتدار ملڻ آسان ناهي هوندو ۽ جنهن اقتدار تي ويٺل آهي اهو عوام جي امانت آهي پر هن کي پليٽ ۾ رکي ڪري سڀ ڪجهه آسان سان ملي ويو عمران خان کي احساس بنهه ناهي ته بي رحم سياست پنهنجن کان ڪيئن جدا ڪندي آهي، بي رحم سياست جا گهاوَ ڀرجهڻ ممڪن ناهي پر عمران خان بيرحم سياست جي غم کي چکيو به ناهي
عمران خان کي ڪهڙو احساس ته سياست ڪيتري ڳري قيمت وٺي ٿي پر عمران خان کي ان جو اندازو بلڪل ناهي ان جو ثبوت هن الاءِ ڪيترا ڀيرا ڏنو آهي. هو اڃان تائين پاڻ کي ڪرڪيٽ جي ميدان جو هيرو سمجهي رهيو آهي پر سياست ڪرڪيٽ جو ميدان ناهي ۽ نه ئي هن ميدا جو هو ڪو هيرو آهي
سياست جي ميدان تي عوام جي دلين تي راڄ ڪرڻ جو آرٽ سکڻ لاءِ عوام جي رڳ کي سمجهڻ ضروري آ ۽ ان کي سمجهڻ لاءِ پنهنجي اندر فهم پيدا ڪرڻو پوي ٿو
هي ايترو آسان
داءُ ناهي
هر داءُ ڏکيو آ
هتي هر داءُ جي قيمت
روح کي جهير ڪري ٿي
پر عمران خان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي هو ڀرپور ڪوشش ڪندو آهي ته هو هر وقت ثابت ڪري ڏيکاري، هن جو سياست سان واسطو ناهي. عمران خان اسٽيج تي بيهي ڪري بلاول ڀٽو جو مذاق نه اُڏايو پر اڻسڌي طرح هو پنهنجي ۽ وزيراعظم جي عهدي جي توهين ڪري رهيو هو
هن اهو به واضح ڪيو ته وزيراعظم عهدي جي اهميت محسوس نه ٿو ڪري پر عمران خان ئي ڇو هن جي پارٽي جا ميمبر جيڪي هن جي جملن تي ٽهڪ ڏئي رهيا انهن به واضح ڪري ڇڏيو ته هنن جي جهول ۾ آيل اقتدار جي اهميت احساس ناهي
انهن جي ڪلهن مٿان ڪيتريون ذميواريون آهن انهن کي احساس نه ٿو ٿئي، ها جيڪڏهن عمران خان حڪومت جو حصو نه هجي ها ۽ مخالف ڌر ۾ هجي ها ته پوءِ مخالفت ڪري پئي سگهيو تڏهن به لفظن جي چونڊ ڪيئن ڪجي اها ئي سياستدان جي خوبصورتي آ ته هو پنهنجي ذميواري محسوس ڪري ڇو جو هن کي ٻڌڻ وارو عوام آهي
خير! عمران خان ان ڳالهه کي سمجهي نه ٿو سگهي ڇو جو هو هن وقت تائين پنهنجو پاڻ ئي ڪرڪيٽ جي سحر مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ پليٽ تي رکيل اقتدار حاصل ڪيو آهي ۽ وري ان جي اهميت کي به سمجهڻ لاءِ تيار ناهي
ڪاش! عمران خان کي ڪير سڄڻ ئي کڻي سمجهائي ته بابا – هي سياسي ميدان آهي جتي عوام جو راڄ ئي هلندو، عوام جي دلين تي حڪومت لاءِ وڏي محنت ۽ سمجهه جي ضرورت آهي
وزيراعظم جي حيثيت ۾ سرڪس جي جوڪر وانگر پنهنجو مذاق اُڏائڻ کان سواءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي. عمران خان ڪڏهن سمجهندو ته سياست ڪو ڪرڪيٽ جو ميدان ناهي
Support The Rise News click here to donate
- بحريا ٽائون سنڌ جي زمين کان وٺي تاريخي ورثي کي قتل ڪندڙ - 11.25.2023
- شهيد افضل لنڊ! ايندس مان واپس ايندس ضرور - 09.12.2023
- زين شاهه: گهر گهر ۾ گوليون فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳولهيون - 09.07.2023
- فاطمه: تنهنجو قاتل ڪير؟ - 08.24.2023
- ديا ڀيل ڪيس: ها هوءَ سنڌي هندو هئي - 03.29.2023
- ٻڏيلن جو ڪو به سهارو ناهي - 09.05.2022
- ڇا حق گهرڻ بي غيرتي ۽ بي شرمي آهي؟ - 06.16.2022
- ڪريما بلوچ: تون مرڻي ناھي - 12.23.2020
- ڇا سنڌ ۽ بلوچستان وفاق جون ڪالونيز آھن؟ - 10.15.2020
- !دنيا جنت ٿيڻي ناهي - 03.28.2020