آمريڪي سفارتخاني ۾ ڊينيئل پرل جي ياد ۾ ”ڊينيل پرل ورلڊ ميوزڪ ڊيز“ ڏهاڙو ملهايو ويو. موجوده آمريڪي قونصل جنرل جيڪ هليمر موسيقي سان لڳاءُ رکندڙن 200 کان مٿي مهمانن جو استقبال ڪيو. آرٽ ڪونسل ڪراچي ۾ ڊينيئل پرل جي ياد ۾ 17 سالياني پروگرام آرٽ ڪونسل ڪراچي ۾ پروگرام منعقد ڪيو ويو
ان موقعي تي آمريڪي قونصل جنرل جيڪ هليمر جوچوڻ هو ته ڊينيئل پرل جو يقين هو ته ماڻهن جي ثقافت ڪيتري به مختلف ڇو نه هجي پر موسيقي ۾ طاقت آهي جنهن جي تار ڇيڙي ماڻهن جي وچ جي مفاصلن کي ختم ڪري سگهجي ٿو. آمريڪي عوام لاءِ ڊينيئل پرل جرئت ۽ حوصلي جي علامت آهي
جيڪي هڪ صحافي ۾ هجڻ گهرجن جنهن ذريعي هو سچ کي واکو ڪرڻ جي همت ملي ٿي. هي پروگرام هڪ خوبصورت روايت آهي
هن وڌيڪ چيو ته هن کي اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪي ۽ پاڪستاني عوام برداشت، هڪ ٻئي جي احترام ۽ گڏيل مفاهمت لاءِ ٻئي گڏ بيٺل آهن
ڪنسرٽ جي تياري لاءِ آمريڪي حڪومت جي مدد سان موسيقي جا چار ورڪشاپ ڪيا ويا جنهن ۾ اريب اظهر، لياري ۽ ماري پور جي غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ ٻارن کي موسيقي جي تربيت ڏني ۽ انهن ٻارن ڪنسرٽ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو
ڊينيل پرل ورلڊ ميوزيڪ ڊيز موسيقي جو عالمي پروگرامن جو هڪ نيٽ ورڪ آهي جنهن ۾ صحافي ۽ موسيقار ڊينيئل پرل کي ياد ڪيو ويندو آهي
پريس ريليز: آمريڪي قونصل خانو ڪراچي
Support The Rise News click here to donate