خانداني منصوبا بندي تي هميشه عورتون کي اڳتي ڪيو ويندو آهي ڪڏهن آپريشن ڪرائڻ يا وري وقفي لاءِ به دوائون ڏنيون وڃن ٿيون
پر ٺٽو شهر جو رهواسي 57 ڄمار جو قبول محمد شاهه، نئين روايت جي پيروي ڪندي پنهنجي نسبدي ڪرائي. هن پنهنجي گهرواري کي نه چيو ته هو آپريشن ڪرائي پر هن پاڻ آپريشن ڪرائي. قبول محمد شاهه جو چوڻ ته هميشه عورتون تي وڌيڪ بار نه وجهڻ گهرجي. اسان مردن کي به برابري پنهنجو حصو وجهڻ گهرجي
دي رائيز نيوز موضوع جي حوالي سان ٻين کان پڇڻ چاهيو ۽ مردن جي نسبدي تي سوال ڪيو پر ڳالهائڻ لاءِ ڪو به تيار نه هو. جيتوڻيڪ قبول محمد شاهه پنهنجو تجربو شيئر ڪرڻ سان گڏوگڏ ويڊيو به رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني. ويڊيو ۾ قبول محمد شاهه جو پورو بيان ڏسي سگهجي ٿو
اسان (دي رائيز نيوز ٽيم) جڏهن وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪئي ته سنڌ حڪومت ۾ اهم عهدي تي ويٺل سياستدان نسبدي ڪرائي آهي ۽ ان جو نالو ناصر شاهه آهي. اسان جڏهن ناصر شاهه سان رابطو ڪيو ۽ انهن کان فيملي پلاننگ تي راءِ وٺڻ چاهي ته انهن بغير ڪنهن جهجهڪ جي موقف ڏنو
ناصر شاهه جو چوڻ ته ”جڏهن جو سکر جو ميئر هو ان وقت فيملي پلاننگ تي هڪ پروگرام ٿيو جنهن ۾ انگ اکرن مطابق عورتون وڌيڪ آپريشن ڪرائيندڙ هيون ۽ مردن جو انگ نه هجڻ جي برابر هو. اتي مان واعدو ڪيو ته مان آپريشن ڪرائيندس ۽ مان پنهنجو واعدو پورو ڪيو.“ جڏهن ته مون کي پنج ٻار آهن پر مان محسوس ڪيو ته اسان کي اهڙي ڄاڻ پهرين ئي ملڻ گهرجي
ڊاڪٽر شاھدہ ميمڻ چيو آھي تہ تمام گھٽ فصد اھڙيون عورتون آھن جيڪي نسبدي ڪرائنديون آھن ھن چيو تہ ڪيتريون وقفو لاءِ اينديون آھن باقي مرد تہ هڪ سيڪڙو بہ ناھين عورتن جي نسبدي لاءِ وٺي ايندا آهن. ھنن (مردن) ڪڏھن بہ پنهنجي لاءِ ناھي سوچيو آھي ھن چيو تہ وقفو ڪرائڻ سان ڪو بہ نقصان ناھي بلڪہ عورت جي زندگي بھتر رھندي
قبول شاهه ٻڌايو، 2003 ۾ عورتون وڌيڪ آپريشن ڪرائي رهيون هيون ۽ ان وقت مردن جي حوالي سان به ڄاڻ ملي ته مرد به آپريشن ڪرائي سگهن ٿا. مان پنهنجي گهرواري سان صلاح مشورو ڪري آپريشن نسبدي ڪرائي
هن مثال ڏيندي چيو ته جڏهن مرد 100 عورتون سان ملندو ته 100 ٻار ٿيندا پر عورتون کي هڪ ٻار هوندو پوءِ اهي ڪيترن به مردن سان ملن اصل (مگرمڇ) مسئلو مرد آهي جنهن کي آپريشن ڪرائڻ گهرجي ان سان مردن جي صحت تي ڪو به اثر نه ٿو پوي
ناصر شاهه چيو ته اسان کي ان موضوع تي تعليم ڏيڻ گهرجي هر وقت صرف عورتون ئي ڇو آپريشن ڪرائين، مردن کي به پنهنجو حصو ڏيڻ گهرجي
Support The Rise News click here to donate
دي رائيز نيوز ٽيم وڌيڪ رپورٽنگ ۾ حصو وڌو آهي