ڏهرڪي ڀرسان موئن جي دڙي جيان پراڻي تاريخ ۽ تهذيب رکندڙ قديمي ماڳ ”وڄڻوٺ جو دڙو“ مالڪي نه ٿيڻ ڪري ميسارجڻ لڳو. ثقافت کاتي جي ٽيمن رڳو ماڳ جا چڪر لڳائي وري وساري ڇڏيو. ڳوٺاڻن وڄڻوٺ جي دڙي جي زمينن تي قبضا ڪري ڇڏيا
برسات کانپوءِ ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا ماڳ مان قديمي سڪا، مورتيون ۽ ٻيو سامان کڻي گهرن ۾ رکڻ لڳا. اڪثر ماڻهو ماڳ جون سرون به چوري ڪري ويا. ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن فرمان علي، محمد حسين ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته هتي جڏهن برسات ٿيندي آھي ته دڙي مان پتل جا سڪا، عاليشان مورتيون ۽ ٻيون شيون ملن ٿيون، جيڪي ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا کڻي وڃي گهرن ۾ رکي ٿا ڇڏين. هتي ايندڙ سياح اهي سڪا ۽ مورتيون خريد ڪري کڻي ٿا وڃن. ميڊيا پاران ڪيل سروي مطابق وڄڻوٺ جو دڙو موئن جي دڙي جهڙي تهذيب جو ڏيک ڏئي رهيو آھي
هن دڙي جي ايراضي هڪ چورس ڪلوميٽر آھي. ٻڌايو پيو وڃي ته پنجاهه سال اڳ ۾ هن جي ايراضي ٻن ڪلوميٽرن کان وڌيڪ هئي پر مختلف وقتن تي دڙي جي زمين تي بااثرن قبضا ڪري ورتا آھن. ڪجهه ايراضي ۾ فصل پڻ پوکيا وڃن ٿا. ڏهرڪي جي اديبن شاعرن پنهل ڏهر، جميل سومرو، محمد دين راڄڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڄڻوٺ جي دڙي جي اجڙيل تهذيب کي ڏسي دل روئي ٿي، جلد اديبن جو ميڙاڪو وڄڻوٺ جي دڙي تي رکيو ويندو. هنن چيو ته اسان ثقافت کاتي کي اپيل ٿا ڪريون ته تاريخي ماڳ جي مالڪي ڪري چوديواري ڏياري آثارن کي محفوظ ڪيو وڃي ته جيئن تاريخي ماڳ قبضي خورن کان بچي سگهي
علي ۽ جاويد علي شر ٻڌايو ته وڄڻوٺ جي دڙي مان پتل جي سڪن، عاليشان مورتين کانسواءِ ٺڪر جا ٿانو به مليا آھن. ڪجهه سال پهرين جڏھن تيز برساتون ٿيون هيون ته ان وقت قديمي آثار ڪافي تعداد ۾ مليا هئا. قديم آثارن کان اڻواقف ڳوٺاڻا انهن کي محفوظ ڪري نه سگهيا
واضح رهي ته وڄڻوٺ جي دڙي بابت ٻڌايو پيو وڃي ته هن تاريخي شهر کي راجا دلوراءِ آباد ڪيو هو، هتي دلوراءِ جي هڪ ڀٽ به مشهور آھي، جيڪا هاڻي ميسارجي وئي آهي وڄڻوٺ جي دڙي مان ملندڙ مورتون ۽ قيمتي نوادارات بابت سباش مينگهواڙ جو چوڻ آھي ته قيمتي مورتيون ۽ نوادرات وڄڻوٺ جي ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا برسات پوڻ کان ظاهر ٿيل قيمتي نوادرات ,مپرتيون,سڪا ۽ ٻيو گهڻو کڻي اچي ريتي شهر ۾ اچي وڪرو لاء کڻي ايندا رهيا هئا,مان انهن ڳوٺاڻن کان ڪافي سڪا ۽ مورتيون ۽ خريد ڪري گهر ۾ سنڀاري رکيون هيون پر ڪجهه ماڻهو مون کان به ٺڳي ڪري مورتيون ۽ سڪا کڻي ويا ۽ مون کي چيائون ته اسان انهن تي تاريخ لکي واپس ڪندا پر اڄ ڏينهن ته ڪجهه به واپس نه مليو هاڻي صرف مون وٽ تصويرون پيل آھن
ڏهرڪي تاريخي ماڳ وڄڻوٺ جو دڙ ڏهرڪي شهر جي اوڀر واري پاسي 25 ڪلوميٽر مفاصلي تي قائم آھي,تاريخي ماڳ جي نالي سان ڏهرڪي تعلقي جي ديهه وڄڻوٺ به آھي,جنهن جو سڄو رڪارڊ روينو وٽ موجود آھي
روينيو عملدارن رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته وڄڻوٺ جو دڙو ديهه وڄڻوٺ ۾ موجود آھي جنهن جي ايراضي بابت خبر ناهي باقي اندازو آھي ته 50 ايڪڙ جي لڳ ڀڳ زمين دڙي ۾ آھي
تاريخي ماڳ مالڪي نه هجڻ ڪري ڀرپاسي جا ماڻهو تاريخي ماڳ کان مٽي کڻڻ لڳا جنهن ڪري ڏينهن ڏينهن تاريخي ماڳ جي سڃاڻپ ختم ٿيڻ لڳي
, Support The Rise News click here to donate