سنڌ ۾ 1،112 ايڇ آءِ وي جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن مان 889 ٻارڙن جي تصديق ٿي آهي. هي ڪيس گذريل اپريل 2019 ۾ رپورٽ ٿيا هن ئي هفتي وري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن 1167 ماڻهن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿيڻ جن ٻارڙن جو انگ 929 ۽ وڏن جو انگ 238 به شامل آهي
رپورٽ مطابق ته هن وقت تائين مقامي آفيسرن ڪي به احتياطي اُپاءُ نه ورتا آهن جو وائرس کي روڪي سگهجي. جڏهن گذريل مهينن دوران وائرس جي حوالي سان خبرون ميڊيا (قومي ۽ عالمي) ۾ آيون ته سنڌ حڪومت انهن خبرن جو نوٽس وروتو ۽ واعدا ڪيا ويا ته بهتر صحت سان گڏوگڏ غيرقانوني ڪم ڪندڙن جن ۾ حڪيم ۽ حجم شامل آهن انهن خلاف قدم کنيا ويندا پڻ احتياطي اُپاءُ به وٺندا
جيئن ئي ميڊيا ٻئي ايشو کي رپورٽ ڪرڻ لڳي وئي، سنڌ حڪومت پنهنجو ڪيل واعدو وساري ڇڏيو هن وقت آيل رپورٽ مطابق ته هزار کان مٿي ماڻهو متاثر ٿيڻ ۽ جن ۾ 900 ٻار شامل آهن سنڌ حڪومت کي متاثر شهرين جون ڪيتريون ڊگهيون قطارون گهرجن جنهن کان پوءِ هو قدم کڻن، سنڌ حڪومت کي ننڊ مان جاڳڻ لاءِ ڪيترن ٻارن جي ايڇ آءِ وي جي تصديق ڪرڻي پوندي
صحت بنيادي حق آهي. سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي جو بهتر صحت لاءِ قدم کڻن
اسان کي اُميد آهي ته سنڌ حڪومت ڪيتريون اسپتالون ٺهرايون آهن انهن انگ اکر ڏيکارڻ بدران، هن وقت رپورٽ ٿيل ايڇ آءِ وي ڪيسن کي ڏسندا
اسان حڪومت مان اُميد رکون ٿا ته اهي شهرين جي مدد ڪندا جيڪي اسپتالن تائين نه ٿا پهچي سگهن حڪومت کي خبر هجڻ گهرجي ته شهري ٻهراڙين ۾ به رهن ٿا انهن کي توهان جي مدد جي ضرورت آهي ٻارن جن کي پنهنجن خوابن جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي اهي هن وقت ايڇ آءِ وي خلاف وڙهي رهيا آهن
اسان سمجهون ٿا ته ايڇ آءِ وي ڪيس سنڌ ئي نه پر پوري ملڪ ۾ رپورٽ ٿيا آهن جنهن حوالي سان يواين جي انگ اکرن مطابق ته 2018 ۾ 160،000 ماڻهو۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي آهي
رياست جي ذميواري آهي ته اهي صوبن سان گڏجي ايڇ آءِ وي خلاف قدم کڻي ۽ بهتر صحت کي يقيني بڻائي شهري ڪي ڏتڙيل ناهن پر رياست انهن تي حڪمراني ڪري پئي. جيڪڏهن اهي مشڪلاتن ۾ آهن ان جو مطلب رياست بنيادي سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي آهي
Support The Rise News click here to donate