سنڌ ۾ انساني حقن جي خلاف ورزي تي ڪيترائي ڪيس رپورٽ ٿيندا رهن ٿا جن مان ڪجهه حل ته وري ڪجهه حل ٿيڻ ته پري جي ڳالهه ٿيندي، انهن جي رپورٽ به نه ٿي ٿئي
هن وقت سنڌ حڪومت شڪايت سيل جوڙيو آهي جيڪو 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو عام شهري ڪنهن به وقت شڪايت هڪ فون 0800-00011 ڪال ذريعي درج ڪرائي سگهن ٿا
سينيئر صحافي ۽ انساني حقن تي گهري نظر رکندڙ جئه پرڪاش موراڻي چيو ته ”اسان جا ماڻهو روايتي انداز سان شڪايت ڪرڻ جا عادي آهن اهي ڪنهن سگهاري ماڻهو يا وري ڪنهن تڪ جي وڏي ڏي ويندا ته انهن جو مسئلو حل ڪن.“ ايستائين جو ننڍي مسئلي لاءِ پوليس اسٽيشن ڏانهن ناهن ويندا. جئه پرڪاش موراڻي جو چوڻ ته هي شڪايت سيل شهرين جي روايتي شڪايت ڪرڻ واري عادت کي تبديل ڪندو
انساني حقن جي کاتي جي سنڌ جي وزيراعليٰ جو اسسٽنٽ ويرجي ڪولهي چيو ته ”شڪايت سيل انساني حقن جي خلاف ورزي ۽ domestic violation جهڙن ڪيسن جي شڪايت ٻڌو. اسان جو ماڻهو پوليس اسٽيشن ڏانهن وڃڻ کان لنوائيندا آهن پر هاڻي شڪايت سيل جي ذريعي هو جهڙي وقت چاهين رپورٽ درج ڪرائي سگهن.
هن وڌيڪ چيو ته اسان صرف شڪايت درج ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪيس جي ٻيهر پوئيواري به ڪنداسين
هڪ ڏينهن ۾ تقرين 20 کان 30 ڪيس رپورٽ ٿين ٿا. ويرجي ڪولهي مثال ڏيندي ٻڌايو، ننگرپارڪر ۾ ڪجهه ڪمپنيون ڪم ڪن پيون جن جي ڪم سبب زمين ۾ وڏا کڏا پئجي ويا ۽ انهن کڏن ڪري عام شهري تڪليف کي منهن ڏين پيا.
اسان نوٽس ورتو ۽ خط لکي ڪمپنين کي چيو ته جيڪڏهن توهان کڏن کي نه ڀرندوء ته پوءِ توهان جي ليز ختم ڪئي ويندي
جئه پرڪاش موراڻي جو چوڻ ته يقينن هي شڪايت سيل تبديل آڻي سگهي هو جيڪڏهن ان جي رسائي عام ماڻهو تائين ڪئي وڃي. ان لاءِ انهن کي عام شهري تائين پهچڻ ضروري آهي
ان تي ويرجي ڪولهي چيو ته شڪايت سيل بهتر تبديل آڻي سگهي ٿو جيڪڏهن شهري مدد ڪندي هن کي هر هڪ عام شهري تائين پهچائين
شهرين جي شڪايت صرف ٻڌي نه پر ان کي حل به ڪيو ويندو
Support The Rise News click here to donate