نمرتا ڪماري پنهنجي هاسٽل جي ڪمري ۾ مئل ملي. اهو ڏينهن 16 سيپٽمبر 2019 جو هو. هوءَ پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ واري هئي پر ان ڏينهن ڪنهن گهات هڻي هن جي زندگي جي ساهه جي ڏور ٽوڙي ڇڏي
نمرتا ڪماري جو لاش اڃا پوسٽ مارٽم لاءِ کڻي وڃڻو هو، پوسٽ مارٽم جي رپورٽ يا پوليس جي تفتيش ڪرڻ کان اڳ ئي، وي سي انيلا عطا الرحمان چئي ڇڏيو ته نمرتا خودڪشي ڪئي آهي. هڪ عام شهري کي به خبر آهي ته تفتيش ٿيڻ تائين ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ ٿيندو پر وي سي ايتري جلد بازي ۾ اهو بيان ڏئي ڇا پئي ثابت ڪرڻ چاهيو
سول سوسائٽي ۽ سوشل ميڊيا تي ڪيس جي تفتيش لاءِ گهُر ڪئي وئي جنهن کان پوءِ 26 سيپٽمبر 2019 تي سنڌ هاءَ ڪورٽ اجازت ڏني ته ڪيس جي تفتيش ڪئي وڃي
هن وقت تفتيش هلندڙ آهي ۽ اهي ئي پنهنجي رپورٽ ۾ واضح ڪري سگهن ٿا ته آخر وي سي ائين ڇو بيان ڏنو؟ پر جيستائين پوري تفتيش ٿئي، اسان جي سماج ۾ ڪجهه ماڻهن جيڪي نمرتا ڪماري ڪيس کي خودڪشي جو نالو ڏيڻ چاهين ٿا، انهن نمرتا ڪماري جي زندگي جو پوسٽمارٽم ڪندي پنهنجون ڪڙيون جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪي سوال يونيورسٽي جي انتظاميا کان ڪرڻ گهربا هئا پر هتي يونيورسٽي انتظاميا کان ڪير سوال ڪندو ته اهي ڪنهن کي تحفظ ڏين پيا
هڪ رپورٽ مطابق ته نمرتا ڪماري جو پهريون ريپ ٿيو ۽ پوءِ ان کي قتل ڪيو ويو
ان رپورٽ اچڻ کان پوءِ شڪ، حقيقت ۾ تبديل ٿيڻ لڳا آهن
ايترو ئي نه پر انتظاميا پاڻ کي اڻڌورو ڏيکارڻ لاءِ هاسٽل ۾ ننڍي پوزيشن تي ڪم ڪندڙن کي هٽايو جيتوڻيڪ اڄ به اهم پوزيشن تي وي سي ويٺل آهي
وي سي نائيلا جو رويي کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي جيئن هن جو رويو صحافين کي جواب ڏيڻ بدران، انهن سان خراب ورتاءُ ڪيو آهي
سنڌ حڪومت هن وقت تائين وي سي ناهي هٽايو
ڇا سنڌ حڪومت وسي نائيلا کان وضاحت گهري آهي ته ان نائيلا جي موت کي خودڪشي ڇو قرار ڏنو
هن وقت ڪيترائي سوال تفتيش تي اُٿي رهيا آهن
اسان اُميد ڪيون ٿا ته سنڌ حڪومت ڪيس جي پوري طرح سان جاچ ڪندي ان سان گڏ هاسٽل جي سيڪيورٽي لاءِ قدم کنيا ويندا.
نمرتا ڪماري ڪيس ۾ ڏوهارين کي سزا ضرور ملڻ گهرجي پر سوال جواب طلب آ ته تفتيش ڪيئن شفاف ٿي سگهندي جڏهن وي سي پنهنجي پوزيشن تي موجود آهي
Support The Rise News click here to donate
[…] Read نمرتا ڪماري ڪيس: يونيورسٽي جي وي سي ۽ انتظاميا […]