زمينن تي قبضا، ملڪيتن تي قبضا، چائنا ڪٽنگ ڇا ڇا نه ٿيندو آهي هن ملڪ ۾ پر هاڻي ڳالهه تي ونڃي پهتي آهي جو هاڻي قبرستان ۽ شمشان گهاٽ به محفوظ ناهن
هن ملڪ جا هندو اڳ ئي مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿا. اِنهن جون ناريون محفوظ ناهن ۽ نه ئي انهن جا ڪاروبار محفوظ رهيا آهن. ان باوجود اهي هن ڌرتي سان پيار ڪن ٿا
هن ڌرتي کي پنهنجي ماءَ سمجهن ٿا. پر ڳالهه اتي وڃي پهتي آهي جو هاڻ انهن کي پنهنجي پيارن جي آخري رسمن لاءِ به ڌرتي تنگ ڪئي پئي وڃي. اڪثر هندن جي قبرستانن ۽ مساڻن تي قبضا ٿي چڪا آهن، ڇاڪاڻ جو غير مسلم جي زمين تي قبضو ڪرڻ انتهائي آسان آهي، مقامي سگهارا ماڻهو سياسي ۽ مذهبي طاقت جو استعمال ڪري انهن جي زمين تي قبضو ڪن ٿا. اهو ثابت ٿيڻ جي باوجود ته قبرستان هندن جا آهن قبضا گروپ ڪاغذات تبدلي ڪرائي زمين حاصل ڪري ڇڏين. انهن کي روڪڻ وارو ڪو به ناهي
سرڪاري آفيسر هندن جي مدد نه ٿا ڪن ۽ ان جي ابتڙ اهو ڏٺو ويو آهي ته اهي سگهارين ڌرين کي ان زمين حاصل ڪرڻ ۾ اڻسڌي طرح سان مدد ڪندا رهيا آهن
هي پهريون دفعو ناهي جو قبرستان تي قبضو ٿيو هجي ان کان پهرين به ڪيترائي ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن جنهن ڪري هندو شهري پريشاني جو شڪار آهن ته اهي پنهنجن پيارن جون آخري رسمون ڪٿي ڪن
هندن قبرستان تان قبضا ڇڏائڻ لاءِ احتجاج ڪيا ۽ جنازا رکي تدفين لاءِ پڻ احتجاج ڪيا آهن پر انهن جو ڪو به نتيجو نه نڪتو
ڪيترا مثال ڏجن 30 سالن جي ڄمار جي ڀورو ڀيل جي لاش کي قبر مان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ گهٽين ۾ گهليو ويو. ان ۾ انتهاپسند مذهبي ڌريون ملوث هيون. هي واقعو بدين ضلعي جي پنگريي شهر ۾ آڪٽوبر 2013 تي پيش آيو
اهڙو ئي هڪ واقعو هالا شهر ڀرسان پيش آيو، جتي به هڪ نياڻي جي لاش کي تدفين لاءِ رولڻو پيو، بااثرن قبرستان ۾ تدفين ٿيڻ نه ڏني. پرتي ڇو ٿا وڃو، حيدرآباد شهر جو ٽنڊو ولي محمد ۾ واقع تاريخي مساڻ مڪمل طور تي قبضا مافيا جي قبضي ۾ آهي اتي خالي زمين ته ڇڏيو پر مرده ساڙڻ واري ٿلهي ۽ مندر تي به قبضو ڪيو ويو آهي ۽ مندر ۾ هن وقت قبضا ڪندڙ گهر ٺاهي ويهي رهيا آهن. جڏهن ته گهرن مٿي مندر جو گنبذ واضح نظر اچي ٿو. ان روڊ جو نالو ئي مساڻ روڊ مشهور آهي پر مساڻ هاڻي موجود نه آهي
رابطو ڪرڻ تي انساني حقن جي تنظيم سان واسطو رکندڙ اسد اقبال جذباتي ٿيندي چيو ته، ”هي زندهه ماڻهو کي نه ٿا ڇڏين توهان مئل ماڻهن لاءِ پريشان آهيو. هي (انتهاء پسند) هڪ ننڍڙي مسئلي تي غيرمسلم کي زندهه ساڙين، هرسان ڪن ۽ توهين جو الزام هڻي ڇڏين
”اسان کي ان وقت به ننڊ ناهي ايندي جڏهن اسان ان واقعي ياد ڪندا آهيون ته ڪيئن رولو ڪتن قبر مان ٻارڙي جو لاش ڪڍي ان کي کاڌو هو،“ ڪراچي هندو پنچائت جو سيڪريٽري روي ڏاواڻي اهو واقعو ياد ڪندي ٻڌايو. هن قبرستانن تي قبضي جي وضاحت ڪئي ته هندن کي هڪ قبرستان 1934 ۾ ڏنو ويو ۽ ان جي ايراضي تقريبن 36 ايڪڙ تي مشتمل هئي. ان سان گڏوگڏ اها به دعويٰ ڪئي ته هندو پنچائت وٽ ئي هن وقت قبرستان جو نقشو موجود آهي پر هن وقت ان قبرستان جي اڪثر ايراضي تي قبضو آهي
راچي ۾ هڪ قبرستان هجڻ سبب ماڻهو مسئلن کي منهن ڏين پيا. ان تي روي
ڏاواڻي وڌيڪ چيو، اسان جي آبادي وڌي پئي ۽ پوري ڪراچي ۾ اسان (هندن) وٽ صرف وڃي هي هڪ قبرستان آهي. شهر ۾ جيڪڏهن ڪا ايمرجنسي مثال طور چهلم يا وري ڪا ايمرجنسي ۽ ڪرفيو لڳي ٿو ته وڏي پريشاني ٿئي ٿي، مان توهان کي ياد ڪرائيندو هلان ته 90 دور ۾ اڪثر ڪري روڊن کي بلاڪ ڪيو ويندو هو اسان کي ٻن، ٽن ڏينهن تائين پنهنجي پيارن جي لاشن کي گهر ۾ رکڻو پوندو هو پر هاڻي ايڌي سينٽر جي سهولت موجود آهي
اسان وٽ زمين نه هجڻ ڪري، پراڻي قبر مٿان نئين قبر ٺاهيون ٿا. ڪراچي ۾ قبرستان تي مقامي ماڻهن قبضو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت به قبرستان جي زمين ورتي ان شرط تي ته اهي اسان کي هن جي عيوض ٻئي هنڌ زمين ڏيندا پر اسان کي جيڪا زمين ڏني وئي ڪنهن ڪم جي ناهي. هن وقت قبرستان جي ايراضي ڪجهه ايڪڙن تي وڃي بچي آهي جنهن تي آخري رسمون ڪيون پيا
اسد اقبال جو چوڻ ته زمين تي قبضو هڪ ڌنڌو بڻجي ويو آهي. توهان گورا قبرستان کي ئي وٺو جيڪو انگريزن جي دور جو آهي ان تي قبضو ڪيو ويو ۽ قبرن ۾ لڳل قيمتي شيون چورايون ويون. قبرستان شهرن وچ ۾ هجڻ ڪري زمين گهڻي مهانگي آهي. ان تي قبضو ڪري، بزنس ڪن ٿا
قبرستان تي قبضي جو مسئلو صرف ڪراچي ۾ ئي نه پر سانگهڙ ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ به ڪيس رپورٽ ٿيا آهن
سانگهڙ جي رهواسي ڌيانگر جو چوڻ، انهن جو شمشان گهاٽ، ورهاڱي يعني پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ جو آهي. قبرستان جي مالڪيت جي ثبوت لاءِ ڪير به سرڪاري آفيس ۾ وڃي ڏسي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري عملدار مدد ڪرڻ کان لنوائيندا رهيا جڏهن ته اسان وٽ قبرستان جي مالڪي جا ڪاغذ موجود آهن جيتوڻيڪ هڪ سرڪاري آفيسر ان جو پڻ اقرار ڪيو ته زمين اسان (هندن) جي آهي پر پوءِ به قبضو ڪندڙ قبضو ڪري ويٺا آهن ان تي پنهنجو ڪاروبار ڪن پيا. هن جو چوڻ ته هن قبضو ڪندڙن خلاف آواز اُٿاريو جڏهن هنن عاقل حاجن (جنهن مٿان زمين تي قبضي ڪرڻ جو الزام آهي) کي چيو ته هو اِنهن کي قبرستان وڃڻ جو دڳ ڏي ته جيئن اسان پنهنجن پيارن ۽ مان پنهنجي ماءُ جي قبرن جي سنڀال لهي سگهون
عاقل حاجن ٺپ جواب ڏيندي دڳ نه ڏنو. ان جي اهڙي عمل کان پوءِ اسان محسوس ڪيوسين ته اڄ هن رستو ناهي ڏنو سڀاڻي هو اسان جي بچيل قبرستان تي قبضو ڪري ڇڏيندو جيئن اڳ ئي اسان جي باقي قبرستان تي قبضو ٿي چڪو آهي
ڌيانگر سوال ڪيو ته هنن وٽ ٻئي زمين ناهي پوءِ هو ڪيڏانهن ويندا. جيتوڻيڪ مقامي آفيسر قبرستان جي حوالي سان رپورٽ ٺاهي آهي جنهن تحت شايد ايڪشن کنيو وڃي پر ان جي اميد گهٽ نظر اچي ٿي
ٽنڊو محمد خان جو رهواسي ونود ڪمار جيڪو قبضي هيٺ آيل قبرستان بچائڻ لاءِ اٽڪل ٻن سالن کان ڪوشش ڪري رهيو آهي ان جو چوڻ ته سرڪاري آفيسر مڃن ٿا ته قبرستان هندن جو آهي پر قبضا گروهه قبضو نه پيا ڇڏين
ان مان واضح پيو ٿئي ته مقامي سگهاريون ڌريون ان ۾ ملوث آهن
ٻئي پاسي روي ڏيواڻي به ساڳئي مسئلي تي ڳالهائيندي چيو، رينجرز ۽ سنڌ حڪومت کي خط لکيا ويا آهن ته اهي هندن جي قبرستان واري مسئلي کي حل ڪن ان سان گڏوگڏ هن تجويز به ڏني ته سنڌ حڪومت کي هر ان شهر ۾ جتي هندن جي آبادي رهي ٿي هڪ هڪ قبرستان/شمشان گهاٽ ڏيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هندن ۾ ڪجهه برادريون پنهنجي لاشن جو اگني سنسڪار ڪنديون آهن، جڏهن ڪجهه برادريون لاشن جي تدفين ڪنديون آهن
حڪومت وٽ قبرستان کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪو به قانون ناهي اهڙو اظهار اسد اقبال بٽ ڪيو ۽ چيو ته قبرستان جو مسئلو صرف هندن جو ئي نه پر مسيحن ۽ مسلمان جو به آهي
روي ڏيواڻي ماضي کي ياد ڪندي چيو ته پهرين شمشان گهاٽ ۾ مندر، انتظار گاهون ۽ حوض هوندا هئا پر هاڻي اسان هڪ زمين جي ٽڪري لاءِ گذارش ڪري رهيا آهيون ته جيئن اسان اتي پنهنجي پيارن جون آخري رسمون ادا ڪري سگهون. هن چيو، پاڪستان جو آئين سڀني کي برابري جا حق ڏي ٿو ۽ اسان جا حق به آئين جي مدنظر ڏنا وڃن
روي ڏيواڻي چيو، اسان زندهه رهندي به مشڪلاتن ۾ آهيون اسان کي گهٽ ۾ گهٽ مرڻ سڪون سان ڏيو
Support The Rise News: click here to donate
- بحريا ٽائون سنڌ جي زمين کان وٺي تاريخي ورثي کي قتل ڪندڙ - 11.25.2023
- شهيد افضل لنڊ! ايندس مان واپس ايندس ضرور - 09.12.2023
- زين شاهه: گهر گهر ۾ گوليون فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳولهيون - 09.07.2023
- فاطمه: تنهنجو قاتل ڪير؟ - 08.24.2023
- ديا ڀيل ڪيس: ها هوءَ سنڌي هندو هئي - 03.29.2023
- ٻڏيلن جو ڪو به سهارو ناهي - 09.05.2022
- ڇا حق گهرڻ بي غيرتي ۽ بي شرمي آهي؟ - 06.16.2022
- ڪريما بلوچ: تون مرڻي ناھي - 12.23.2020
- ڇا سنڌ ۽ بلوچستان وفاق جون ڪالونيز آھن؟ - 10.15.2020
- !دنيا جنت ٿيڻي ناهي - 03.28.2020