لطيف سائين جي سنڌ صدين کان شاد آباد آهي ۽ آباد رهندي، ان ڪري ئي لطيف چيو آهي ته
سائينم سدائين، ڪرين سنڌ سُڪار
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين
بلڪل ائين آهي، جو سنڌ ڌرتي ڪڏهن به گڏيل ڏڪار جو منھن نه ڏٺو آهي. ڪاڇي ۾ ڏڪار هوندو ته ٿر وسندو، ٿر ۾ ڏڪار هوندو ته وچولو سنڌ جو علائقو آباد هوندو. ائين سنڌ صدين کان آباد ۽ وسندي رهندي آهي. يقينن لطيف سائينءَ جي دعائن جو اثر به آهي. باقي سنڌ جي مٿان تڪليفون اينديون رهن ٿيون، اينديون رهيون به آهن پر هن فقير خطي پنھنجي اصليت ڪڏهن به ڪانه ڇڏي آهي. روحانيت سان مالا مال هتي جا ماڻھو هميشه ٻين جي لاءِ امن جا سفير رهيا آهن. ڀلائيءَ جي واٽ هنن ماڻھن ڪڏهن به نه ڇڏي آهي، پر سنڌي ٻولي مٿان جيڪي حملا ٿيا آهن، انھن کي به وسارڻ مشڪل آهي. لطيف سائين جي دؤر ۾ سنڌيءَ کي جڏهن نقصان رسيو ته لطيف سائين کي تمام گھڻي تڪليف پھتي ۽ پاڻ پنھنجي مادري زبان جو درد کڻي احساسن کي الفاظ ڏيئي هي بيت جون سٽون فرمايون
جي تون پارسي سکئين، گولو تون غلام
لطيف سائين فرمائين ٿا ته جيڪڏهن تون سرڪاري ٻولي سکي ويندين ته توکي سرڪاري نوڪري ملي ويندي، تون ڪنھن غير جو غلام ٿي ويندين، ڇو ته لطيف جي دؤر ۾ سرڪاري ٻولي فارسي هئي، لطيف سائين پنھنجي ٻولي جو سؤدو هرگز نه ڪيو، پنھنجي سڄي شاعري سنڌيءَ ۾ ڪئي اٿن، پر پاڻ فارسي تي به ڪمال جو عبور رکن ٿا. ڪن بيتن ۾ پاڻ فارسي جون سٽون به استعمال ڪيون آهن
اڄ سنڌ جو تعليمي نظام ڪيترو طاقتور آهي، ان ۾ ڪي سڌارا به ٿين پيا، ان جو مختصر جائزو وٺنداسين ڪجھه سالن کان سنڌ جي تعليم بابت مختلف تجربا ڪيا ويا آهن، جن تي ڪيترو ئي خرچ ٿيو آهي، جيئن استادن جي حاضريءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ (بايوميٽرڪ) جو سھارو ورتو ويو. مختلف قسمن جون چڪاس واريون ٽيمون ٺاهيون ويون، غير حاضر رهندڙ استادن لاءِ گھيرو تنگ ڪيو ويو، جنھن جي ڪري چون ٿا ته ڪيترن ئي استادن ريٽائرمينٽ ورتي آهي. ڪجھه فائدا به ٿيا آهن ته نقصان به ٿيو آهي، پر اسان جي قومي سنڌي ٻولي بابت اسان جي قوم جا ڪي سڌا يا اڻ سڌا نظريا ڪھڙا آهن، جيڪو ٻار سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم پرائڻ چاهي ٿو ته اسان جي معاشري ۾ ان ٻار کي تعليم ۾ ڪمزور تصور ڪيو وڃي ٿو. ڇو ته سنڌي ٻوليءَ تي مھارت رکڻ واري شاگرد جي ڪا به پذيرائي اسان وٽ نه ٿيندي آهي. انگريزي ٻوليءَ ۾ قابليت رکڻ واري ٻار کي اسان هوشيار ڪوٺيون ٿا. هاڻ ته وري جڏهن چائنا پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته چيني ٻوليءَ جا سينٽر کلي ويا آهن. هاڻ ايندڙ نسل چيني ٻولي جي گرامر انگريزي ٻولي جيان سکڻ جي ڪوشش ڪندو. اسان جو تعليمي نظام ڪاڏي وڃي رهيو آهي، ان بابت ڪنھن کي به ڪو فڪر ناهي. سنڌي ٻوليءَ جي نصابي ڪتابن جو جائزو ورتو وڃي ته ڪھڙا ڪلور ڪيا ويا آهن، ڌارين ٻولين جي سھاري کان پنھنجي ٻوليءَ جو سھارو نه ورتو ويو ته اسان جي احساسن جي ترجماني ڪرڻ وارو ڪير به نه هوندو. ڇو ته اسان سوچي سنڌي ٻولي رهيا هونداسين، لکندا ڌاري ٻوليءَ ۾ هونداسين، ان ڪري لطيف سائينءَ چيو آهي ته
ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪھڙا پرين
لڏيو لاڏوڻا ڪريو، پنھنجي ديس وڃن
پڄاڻان پرين ڪج، بس ڀنڀور کا.
سنڌي ٻوليءَ ڳالھائيندڙن کي به هي ڏينھن ڏسڻا هئا، جو ڪراچي جي ڊائو يونيورسٽي جي داخلا فارم ۾ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري لکيو ويو ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي ايم فل سنڌي شعبي جي شاگردن کي داخلا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جو سنڌي ۾ ايم فل جا شاگرد احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا. ڇا سنڌي ڳالھائيندڙ ايترا ڪمزور ٿي ويا آهن، ٽيسٽ پاس ڪرڻ کانپوءِ به داخلا لاءِ در در واجھائين ٿا
وفاقي اردو يونيورسٽي موجوده 2002ع دوران وجود ۾ آئي، جڏهن ته اڳ اتي ڪاليج هو، ان ڪاليج ۾ به سنڌي ٻوليءَ جو شعبو پڙهايو ويندو هو. ان تسلسل ۾ ڪاليج کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو. ان ۾ به سنڌي شعبو ٺھيو، جنھن ۾ سنڌي شعبي جي مختلف پروگرامن ۾ داخلا شروع ڪئي وئي. يونيورسٽي مان (5) پنج پي ايڇ ڊي، ايم فل 2 شاگرد تحقيق مڪمل ڪري ويا آهن، جڏهن ته 10 شاگرد پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آهن. 10 ايم فل جي شاگردن جي پڙهائي هلي ٿي، تازو 13 ايم فل جي شاگردن جي داخلا رد ڪئي ويئي آهي. سنڌي ۾ BS بي ايس جا 30 شاگرد پنھنجو تعليمي سلسلو جاري رکيو اچن ٿا. MA ايم اي جا 10 شاگرد پڙهي رهيا آهن، جڏهن ته سنڌي شعبي ۾ چار استاد آهن، جيڪي چارئي PHD آهن. سنڌي شعبي مان هڪ تحقيقي جنرل (ڪارونجھر) نڪرندو آهي، جيڪو هائير ايجوڪيشن کان منظور شده آهي
ماروئڙا فقير، ڪنھن در ڏين دانھڙي
سنڌي شعبي ۾-19 2018ع داخلا لاءِ فارم ڀريندڙ شاگرد چاليھه هئا، جن مان 34 شاگرد پاس ٿيا، زباني امتحان پڻ ورتو ويو، ڪافي انتظار باوجود شاگردن کي ڪو اطلاع نه ڏنو ويو. 12 مهينن بعد خبر پئي ته ٻين 13 شعبن ۾ دخلا ٿي وئي، ڪلاس شروع ٿي ويا آهن، پر ايم فل سنڌي جي شاگردن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. شاگردن درخواستون لکيون، رجسٽرار سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي. جتان شاگردن کي ڊين آف فيڪلٽي سان ملڻ جو چيو. شاگردن ڊين سان به ملڻ جي ڪوشش ڪئي پر صاحب نه مليو. درخواست جمع ڪرائي پر ڪو به مثبت جواب نه مليو. آفيس ۾ ويٺل عملدارن شاگردن کي سنڌي شعبي جي چيئرمين ڏانھن روانو ڪيو. هيتري ساري رولڙي باوجود ڪو به کڙ تيل نه نڪتو. شاگرد ٻيھر درخواست کڻي رجسٽرار آفيس ويا، رجسٽرار آفيس ۾ شاگردن سان اڍنگو رويو اختيار ڪيو ويو، آخرڪار سنڌي شعبي جا شاگرد احتجاجن پريس ڪلب پهچي ويا. ياد رهي ته ڪجھه ميڊيا جا نمائندا جڏهن جڏهن موقف لاءِ يونيورسٽي پهتا ته وي سي ۽ رجسٽرار کين ملڻ کان انڪار ڪيو
هھڙا هاڃان ٿئين، بري هن ڀنڀور ۾
جڏهن ته وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ اردو، عربي ۽ ٻين شعبن ۾ داخلائون ٿيون، انھن جا ڪلاس هلي رهيا آهن، ميڊيا تي سنڌي شعبي بابت خبرون هلڻ لڳيون، ڪافي عرصي بعد وي سي ميڊيا سان ڳالهايو ۽ سنڌي شعبي کي ٻئي شعبي ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان ڪيو
ان سان سنڌي شعبي جي ذاتي حيثيت باقي نه رهندي، سنڌي شعبي جي شاگردن سان هن قسم واري رويي جو سنڌ اسيمبليءَ نوٽيس ورتو. هڪ قرارداد پيش ڪئي ته سنڌي شعبي کي ڪير به بند نٿو ڪري سگھي. هن ڳالھه کان پوءِ وي سي صاحب ان ڳالھه جي تصديق ڪئي ته سنڌي جو شعبو هو بند نٿو ڪري، اها ته سٺي ڳالھه آهي پر سنڌي ۾ ايم فل ڪندڙ شاگردن جي لاءِ اڃان تائين داخلا جو دڳ نه کوليو ويو آهي، اڃان تائين ڪو مثبت جواب نه مليو آهي ته هنن جو مستقبل ڪٿي آهي. سنڌ اسيمبلي قرارداد منظور ٿيندي به ڪافي ڏينھن ٿي ويا آهن، بهرحال شاگردن جو مستقبل ته ڪٿي به هجي پر سنڌي ٻولي جو مستقبل سمجھه کان ٻاهر آهي. سنڌي قوم مٿان حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو احسان هميشه رهندو جو پاڻ رسالو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏيئي ويا، سائين جي رسالي کي فقير مئين اسماعيل، عبدالعظيم کان لکرائي مڪمل ڪيو، هي اسان مٿان لطيف جو ٿورو آهي، نه ته اسان اڄ عربي يا فارسي لکندا هجون ها سنڌي قوم لطيف سائين جو هميشه اهو احسان ياد رکندي، جو پاڻ ڌاري ٻولي سکڻ کي غلامي جو لقب ڏئي قومي غيرت کي جاڳايو آهي. سنڌي ٻولي هميشه رهڻي آهي، جنھن لاءِ ڪيترا به حيلا هلايا وڃن، پر هر دؤر ۾ پنھنجي ٻولي جو خيال رکڻ اسان جو اخلاقي فرض به آهي ته قومي جذبو به، جيڪي قومون پنھنجي تقدير نٿيون بدلائڻ چاهين، تن جي ته الله تعالى به نٿو بدلائي. اهڙا فرمان ته مالڪ جي مقدس ڪتاب ۾ به آهن، اڄ اوهان ڏسو ترقي انھن قومن ڪئي آهي، جن پنھنجي ٻولي جو سؤدو نه ڪيو آهي. ان جو مثال اسان جو پاڙيسري مالڪ چين آهي، موهن جي دڙي جي تاريخ جا رکولا اسين آهيون اسان اڳ ايتري ترقي تي هئاسين جو جنھن جا مثال اڄ ترقي يافته ملڪ ڏين ٿا، هي دز ۽ مٽي وارو دؤر به گذرڻو آهي، سنڌي ٻولي جا شاگرد اڳتي اچي اهڙا ڪارناما ڪري ڏيکاريندا، جنھن جا مثال تاريخ وارا ڏيندا، لطيف سائين محتاجي کي ڇڏڻ جو مثال ڏين ٿا
مھند محتاجي ڪري ، پٺي پير ڪڙيج
ڪٻيلياڻي ڪيچ ڏي، حُج مَ هلائيج
اوڏي عزازيل کي ،ويجھي تان مَ وڃيج
پاڻان ڌاران پريتڻون، سسئ ساڻ کڻيج
نا اُ ميدي نيج، ته اوڏي ٿئين اميد کي
هن ڌرتي سان نڀائڻ لاءِ لطيف سائين جي ٻوليءَ سان وفا ڪرڻ اسانجو فرض آهي، نه ته وس وارن کان تاريخ ڪيترا ئي سوال ڪندي