دي رائيز نيوز هڪ خواب جي ساڀيان آهي، دي رائيز نيوز بي آوازن کي آواز ڏيندي، مسئلن کي اجاگر ڪندي ۽ انهن کي ڪيترن ئي رخن کان ڏسندي مسئلن جو حل به ڳولهي سگهجي ٿو
اسان جن مسئلن (مثال طور ڪرپشن، عورتن جي حقن خلاف ناانصافي، غير مسلم خلاف امتيازي سلوڪ، اڻبرابري، وسيلن جي غيرمنصفاڻي ورڇ، آلودگي، ۽ آبادي) کي منهن ڏئي رهيا آهيون انهن جي حقيقت کي سچ جي ذريعي ئي سمجهي سگهجي ٿي
دي رائيز نيوز سچ کي وائکو ڪندي حقيقت پڙهندڙن آڏو رکندي
دي رائيز نيوز شهرين کي حقيقت ۽ سوچ ويچار تي ٻڌل مواد ڏيندي ته جيئن هو ايشوز کي سمجهن ۽ پاليسين تي نظر رکن ڇو جو حڪمت عمليون ئي جمهوريت کي بهتر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿيون
دي رائيز نيوز هڪ غيرسرڪاري نيوز ادارو آهي اسان حڪومت کان اشتهار نه وٺڻ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي، ڪو به اهڙو بزنس يا اهڙن فردن کان فنڊ نه وٺنداسين جيڪي اداري جي پاليسي ۽ اصولن تي اثرانداز ٿين
ادارو خودمختيار ايڊيٽوريل پاليسي ۽ بهترصحافت تي يقين رکي ٿو
اسان کي اُميد پڙهندڙن مان آهي جيڪي دي رائيز نيوز جي مالي مدد ڪندي هڪ بهتر ۽ خومختيار صحافت کي همت ڏيندا
اسان گڏجي هن خواب کي ڪامياب ڪري سگهون ٿا. دي رائيز نيوز پهريون غير سرڪاري نيوز ادارو سنڌ، پاڪستان ۾ آهي جيڪو هڪ فيمل صحافي طرفان سنڌي ۽ انگريزي ۾ شايع ڪيو پيو وڃي
هن وقت ويب سائيٽ تي موضوع: خبر، فيچراسٽوري، ايڊيٽوريل، آواز، انساني حق، دي پيج، پڙهندڙن جو بلاگ ۽ ڳالهه ٻولهه آهن
اسان توهان سان واعدو ڪيون ٿا ته اسان انساني حقن جي حوالي سان انتهائي ذميواري سان آواز اُٿارينداسين
هن پروجيڪٽ جو بنياد ٻه سال اڳ وڌو ويو، ان دوران ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏنو پر اسان ڪم جاري رکيو ۽ اڳتي به جاري رکندي ڪڏهن به هٿ نه کڻنداسين
جيتوڻيڪ، اسان مسئلن جي طوفانن کي منهن ڏيون پيا ۽ انهن کي مختلف رخن سان جاچندي حل ڪنداسين
توهان جي مدد دي رائيز نيوز کي طاقت ڏيندي، اسان جو واعدو آهي ته اسان پنهنجن اسٽوريز ذريعي سچ ئي ٻڌائينداسين
اسان جي ويب سائيٽ www.therisenews.com ضرور ڏسندا
وينگس
Email: contact@therisenews.com