هن سماج ۾عورتون هميشه ٽارگيٽ ٿيون آهن ۽ سماج ۾ انهن جي زندگي بدترين حالتن ۾گذري پئي. ان جوهڪ سبب اهو به آهي ته رياست جو قانون عورتن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي. 2016 ۾ غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ خلاف قانون جوڙيو ويو پهريون دفعو قانون ۾ تبديلي آڻيندي معافي واري شق کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو جنهن تحت هاڻي متاثر ڌر آساني سان ڏوهاري کي معافي نه ڏئي سگهندي
جيتوڻيڪ قانون جي هوندي به ڪيترائي ڪيس وڌيا آهن، خيبرپختونخواه ۾ 9 گلوڪارن کي قتل ڪيو ويو جن مان قتل ٿيندڙن جي گهڻائي غيرت جي نالي تي مارجي ويلن جي هئي. هڪ رپورٽ مطابق ته پاڪستان ۾ هر سال 1000 کان وڌيڪ عورتون غيرت جي نالي تي قتل ٿين ٿيون
سنڌ ۾ هلندڙ سال 2019ع جي ڇهن ۾ مهينن اندر 50 عورتون ۽ 20 مرد قتل ٿيا
26 ورهين جي قنديل بلوچ، سوشل ميڊيا جي اسٽار هئي، کيس 5 جولاءِ 2015 تي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو. هن سال ملتان جي عدالت قنديل بلوچ جي قتل ڪيس جو فيصلو ڏيندي سندس ڀاءَ محمد وسيم کي سزا ڏني پر ٻئي پاسي هڪ مک جوابدار مولوي عبد القوي کي آزاد ڪري ڇڏيو
جڏهن ته اها ڳالهه وائکي ٿي چڪي هئي ته قنديل بلوچ کي هراسان ڪندڙ ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ مولوي قوي هو
پر هڪ ڀيرو ٻيهر اصل ڏوهاري قانون جي پڪڙ ۾ نه آيا ۽ قنديل بلوچ ڪيس ۾ اڌورو انصاف ٿيو، يا کڻي ايئن چئون ته قنديل ڪيس ۾انصاف نه ٿيو
اهوقانون ڪاغذ جو ٽڪرو آ جنهن تي عمل نه ٿئي
پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينٽر فرحت الله بابر ”دي رائيز نيوز“ سان ڳالهائيندي چيو، ”مان ذاتي طورتي سمجهان ٿو ته اسان جي موجوده قانون جي ذريعي متاثر خاندان آساني سان ڏوهاري کي معاف نه ڪري سگهندو. جڏهن ته پهرين خاندان آساني سان ڏوهاري کي معافي ڏيندا هئا ۽ ڏوهاري آزاد ٿي ويندو هو.“ فرحت الله بابر سهمت ٿيندي چيو، يقينن جيڪو قانون انصاف نه ڏئي، اهو ڪاغذ جو ٽڪرو ئي آهي
سماج جي نظام تي تنقيد ڪندي انساني حقن جي علمبردار ۽ اڳوڻي سينٽر بشرا گوهر چيو ته جيتوڻيڪ غيرت جي نالي تي قانون موجود آهي تڏهن به هتي انصاف ملڻ ڏکيو ئي نه پر ناممڪن آهي. هن ان جا سبب بيان ڪيا ته ڪيس ۾ اڪثر جوابدار خود خاندان جو فرد هجڻ، سماجي طور تي ان ڏوهه کي قبوليت ملڻ، اصول پرست سياست جي اڻهوند ۽ ڪمزور سياسي نظام سڀ گڏجي ڪيسن کي ڪمزور ڪن ٿا. هاڻي متاثرته زندهه ناهي جو اهو پنهنجو ڪيس وڙهي، پر هتي قانوني ۽ سماجي ماحول ائين جوڙيل آهن جو اهي ڏوهه جي لاءِ سبب پيدا ڪري ڏيندا آهن
پاڪستان حڪومت نام نهاد غيرت جي نالي تي قتل خلاف قانون ته جوڙيو آهي پر هن وقت تائين ڪيس گهٽ ناهن ٿيا. انساني حقن جي سماجي ڪارڪن ڊاڪٽر فرزانه حڪومت تي تنقيد ڪئي ۽ هنوڌيڪ چيو ته ان جو مطلب اهو ئي آهي ته حڪومت پنهنجي ئي قانون کي لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي
هڪ سوال جي موٽ ۾ فرحت الله بابر ٻڌايو ته هن جي پارٽي پي پي پي ۽ ٻيون پارٽيون سڀئي انسان حقن جي حوالي سان پنهنجو واضع موقف رکنديون آهن. ان لاءِ هن هڪ مثال ڏنو ته پيپلز پارٽي ڪنهن به ڏوهاري کي ڦاسي ڏيڻ جي خلاف آهي ۽ ان جي مذهبي سياسي پارٽي جماعت اسلامي وارن ان جي حمايت ڪئي پر اسان انهن کي مڃرايوسين ۽ اهي ڦاسي کي عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ جي موقف تي سهمت ٿيا
هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سياسي پارٽيون انساني حقن لاءِ ڳالهائي رهيون آهن. فرحت بابر کان رمشا وساڻ جي قتل تي سوال ڪيو ويو ته ان جي جواب ۾ هن چيو ته اسان وٽ به يقينن ڪجهه مسئلا آهن پر اسان جي پهرين ترجيح انساني حق آهن
اهو رپورٽ ٿيو آهي ته 90 سيڪڙو ڪيس ورهين جا ورهيه عدالتن ۾ پيل رهندا آهن ۽ انهن جا فيصلا نٿا ٿين جڏهن ته ڪيترائي ڪيس رپورٽ به نه ٿا ٿين
بشرا گوهر جو چوڻ ته پاڪستان ۾ ان قسم جي ڪوشش جاري رهندي جيستائين رياست پاڻ کي ذميوار بڻائيندي قانون نه ٿي لاڳو ڪري ۽ غيرت جي نالي تي قتل کي رياست خلاف ڏوهه قرار ڏي
عدالتي نظام کي بهتري لاءِ جلد ازجلد ڪيس حل ڪرڻا ۽ انصاف مهيا ڪرڻو پوندو